سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه نيب راولپنڊي ۾ پيش، جاچ ٽيم آڏو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيائين

جعلي اڪائونٽن ۽ سولر لائٽن جي ٺيڪن واري ڪيس ۾ نيب سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو شروعاتي بيان رڪارڊ ڪري ورتو آهي. مراد علي شاهه نيب جي گڏيل جاچ ٽيم آڏو بيان رڪارڊ ڪرايو. سنڌ جي وڏي وزير کي سولر لائٽن جي غير قانوني ٺيڪن واري ڪيس ۾ سوالنامو موڪليو ويندو. مراد علي شاهه مٿان اعتراضن جي باوجود ٺيڪن جا فنڊ جاري ڪرڻ جو الزام آهي. سولر لائٽن واري ڪيس ۾ 7 جوابدارن پلي بارگين جڏهن ته هڪ سلطاني شاهد بڻجي چڪو آهي. سولر لائٽن جي ڪيس جو مُک جوابدار شرجيل انعام ميمڻ ضمانت تي آهي. نيب ۾ پيشي کانپوءِ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه صحافين سان ڳالهيون ڪندي نيب کي چيو ته اوهان جي دل وڏي آهي جو موذي وبا جهڙين حالتن ۾ به ڪم ڪري رهيا آهيو.
نيب طرفان سوال ڪيو ويو ته سولر اسڪيم بجيٽ ۾ نه هئي ان جي بعد ۾ منظوري ڏني وئي. پڇيو ويو ته بجيٽ ۾ جيڪا اسڪيم شامل نه هئي ان جي منظوري ڇو ڏني وئي؟ مراد علي شاهه نيب کي جواب ڏيندي چيو ته آئين موجب بجيٽ ۾ شامل نه ٿيندڙ اسڪيم جي به اجازت ڏئي سگهجي ٿي. اسان اسيمبلي جي منظوري کانپوءِ اها اسڪيم شروع ڪئي هئي. مراد علي شاهه چيو ته نيب جي سوالن جا جواب ڏنا ۽ ڪوشش ڪئي ته آئيني حقيقت کان کين آگاهي ڏيان. اڃان تائين سوالنامو ناهي ڏنو ويو، پر چيو ويو آهي ته مون ڏانهن سوالنامو اماڻيو ويندو. ڪورونا بابت سوال تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته جتي ايس او پيز تي عمل ناهي ٿي رهيو ان جو الزام ماڻهن مٿان نه هڻنداسين. حڪومت طرفان ڪورونا وبا بابت گڏيل پيغام عوام تائين ويا. موذي وبا خلاف عوام کي هڪ پيغام وڃڻ گهرجي هي هڪ سنجيده مسئلو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ ڪورونا وبا وڌيڪ آهي. سمورا قدم طبي ماهرن جي مشورن سان کنيا ويا. وزيراعظم کي سڄي ملڪ ۽ انساني حياتين جو سوچي فيصلو ڪرڻ گهرجي. مون ڪوبه فيصلو وفاقي حڪومت جي خلاف ناهي ڪيو. اين سي سي ۾ فيصلي جي باوجود ڪجهه صوبن مارڪيٽون کوليون، باقي صوبن مارڪيٽون کوليون ته عدالت اسان کان مارڪيٽن بابت پڇيو. مراد علي شاهه چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ اسٽيل مل آڏو بيهي چيو هو ته جيڪڏهن ملازمن کي حق نه مليا ته انهن سان گڏ بيٺل هوندس. اسان اسٽيل ملز جي ملازمن سان گڏ بيٺل آهيون.
واضح رهي ته سنڌ جي وڏي وزير مٿان سولر لائٽن واري ڪيس ۾ غير قانوني ٺيڪا ڏيڻ جو الزام آهي ۽ سنڌ روشن پروگرام ۾ نيب 298 ملين رپيا واپس ڪرائي چڪو آهي. منصوبي ۾ شامل 2 ڪمپنين پلي بارگين ۾ رقم واپس ڪئي هئي جڏهن ته 4 جوابدار به هن ڪيس ۾ پلي بارگين ڪري چڪا آهن.