مولانا فضل الرحمان کي نظر بند ڪرڻ جو فيصلو
حڪومت جمعيت علماءِ اسلام ف سان ڌرڻي کي روڪڻ لاءِ ڳالهين ۾ ناڪامي جي صورت ۾ مولانا فضل الرحمان کي نظر بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. خبرن موجب مولانا فضل الرحمان کي 24 آڪٽوبر تي گرفتار ڪري سگهجي ٿو. ياد رهي ته اها نظر بندي 90 ڏينهن تائين ٿي سگهي ٿي. ٻئي طرف انصار الاسلام تي پابندي مڙهڻ لاءِ سمري وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي آهي. جيڪو جمعيت علماءِ اسلام ف جي ماتحت هڪ مليٽنٽ گروپ آهي. خبرن موجب حڪومت جي پلان تحت جي يو آءِ ف جي اڳواڻن جي حراستي ڪريڪ ڊائون وقت مخصوص علائقن، خاص طور تي خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب جي ڪجهه علائقن ۾ فون سروس معطل ڪئي ويندي.

