نواز شريف کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي پيشڪش شهباز شريف کي پيغام ملي ويو
خبرن موجب شهباز شريف کي مختلف ماڻهن پيغام ڏنو آهي ته هو نواز شريف کي ملڪ کان ٻاهر علاج لاءِ تيار ڪري. هن سلسلي ۾ شهباز شريف وڏي ڀاءُ نواز شريف سان ڳالهه ڪئي آهي، پر نواز شريف هن سلسلي ۾ ڪابه رضامندي ظاهر نه ڪئي آهي. جڏهن ته نواز شريف کي مڃائڻ لاءِ هن جي والده ۽ خاندان جي ٻين ماڻهن کي به آندو ويو، پر نواز شريف پنهنجي فيصلي تي قائم رهيو. ٻئي پاسي نواز شريف کي سندس ميڊيڪل ٽيم به ملڪ کان ٻاهر علاج لاءِ ضمانت ڏيڻ لاءِ زور وجهي چڪي آهي. ياد رهي ته هن جي طبيعت ۾ سڌارو نه آيو ته پوءِ ميڊيڪل بورڊ به هن کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جو چئي سگهي ٿو.