نئون

ٿر ڪول جو ڪم ڏچي ۾ پئجي ويو، ڪمپني جي سي اي او رٽائرمينٽ وٺي ڇڏي

ٿر ڪول ڪمپني ۾ سي اي او طور 8 سال ڪم ڪندڙ شمس الدين احمد شيخ ڪمپني جي پاور پلانٽ جي مهورت کان هڪ مهينو اڳ پنهنجي نوڪري تان رٽائرمينٽ وٺي ڇڏي آهي. ڪمپني جي ترجمان محسن ٻٻر هن خبر جي تصديق ڪري ڇڏي. ياد رهي ته شمس الدين جي اڳواڻي ۾ ڪمپني پنهنجا وڏا مقصد حاصل ڪيا آهن، جنهن ۾ ڪوئلي جي نيڪالي 330 ميگا واٽ پاور پلانٽ جي انسٽاليشن ۽ ڪم کي شيڊيول کان پنج مهينا اڳ مڪمل ڪرڻ شامل آهن. محسن ٻٻر چيو ته شمس الدين هڪ هفتو اڳ پنهنجي عهدي تان رٽائرمينٽ جي درخواست ڏني هئي جيڪا هاڻي قبول ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ڪمپني جي اعليٰ عملدارن وچ ۾ ڪنهن به قسم جي ناراضگي نه آهي نه ئي شمس الدين جي رٽائرمينٽ ۾ صوبائي حڪومت جو ڪو عمل دخل آهي. هن وڌيڪ چيو ته شمس الدين سي اي او جي پوسٽ تي 2010 ۾ آيو ۽ هو 2023 ۾ رٽائر ٿيڻو هو. شمس الدين جي جاءِ تي هاڻي فضل رضوي سي اي او ٿيندو. خبرن موجب چيو پيو وڃي ته ڪجهه ڏينهن کان پاور پلانٽ جي معاملن تي شمس الدين پريشان ٿي ويو هو. جنهن جو سبب ڪانٽريڪٽرن پاران پاور پلانٽ ۾ پاڻي جي سپلاءِ وقت تي نه ڪرڻ به شامل هو. جنهن بابت هن سنڌ حڪومت کي به شڪايت ڪئي هئي پر حڪومت پاران ڪوبه قدم نه کڻڻ تي هو پريشان ٿي ويو هو. واضح رهي ته پلانٽ جو افتتاح ڊسمبر جي آخر ۾ ٿيڻو آهي، جنهن بعد اهو بجلي جي پيداوار شروع ڪري ڇڏيندو.