خاصنئون

ارشاد رانجهاڻي جي قتل ۾ پوليس به ملوث آهي: مراد علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پوليس تي الزام هنيو آهي ته ارشاد رانجهاڻي جي قتل ۾ پوليس به ملوث آهي. خبرن موجب سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ارشاد رانجهاڻي جي ڪيس مون کي لوڏي ڇڏيو آهي، پوليس تڙپندڙ شخص کي اسپتال وٺي وڃڻ بجاءِ ٿاڻي تي وٺي وئي، جيڪا مجرماڻي غفلت آهي. مان پاڻ پوليس خلاف ايف آءِ آر ڪٽرائيندس. وڏي وزير چيو ته ارشاد رانجهاڻي کي 5 گوليون ويجهو کان هنيون ويون آهن هو چور هو يا ڦورو هن کي گرفتار ڪري سگهجي پيو پوليس جي ڪاميٽي واقعي جي ٻن ڏينهن کان تفتيش ڪري رهي آهي ۽ پهرين ڏينهن کان هن کي ڦورو چيو پيو وڃي. جيڪڏهن مقتول تي ايف آءِ آر داخل ٿيل به هئي ته ڇا هر اهڙي انسان کي گوليون هڻي ماري ڇڏڻ گهرجي جنهن تي ايف آءِ آر داخل ڪرايل هجي. وڏي وزير مطالبو ڪندي چيو ته واقعي ۾ ملوث پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪيو وڃي. ڪي پي ڪي ۾ آءِ جي ڳالهه ناهي ٻڌندو ته ان کي هڪ منٽ ۾ هٽايو ويندو آهي. آءِ جي سنڌ کي واقعي جي تحقيقات لاءِ سخت حڪم نامون جاري ڪيو آهي. اڄڪلهه آءِ جي عدالتي حوالا ڏيئي تبادلا ۽ تقرريون پيو ڪري عدالتي حڪمن سان ئي بدليون ڪرڻيون آهن ته پوءِ اسيمبلين کي ختم ڪري ڇڏڻ گهرجي، پوليس جي مائينڊ سيٽ کي بدلائڻو پوندو.