بلاگنئون

ڪڙو سچ چوندڙ افسانا نگار سعادت حسن منٽو

منٽو اردو افسانه نگارن ۾ هڪ منفرد نالو آهي، سندس افسانه نگاري زميني حقيقتن، تيز اسلوب ۽ بي خوف اظهار سبب نمايان حيثيت رکي ٿي منٽو ڪو روايتي افسانه نگار نه هو، منٽو سماج جي ٻٽي معيار، ڏيکاءُ پرستي، اخلاقي ۽ مذهبي قدرن جي تضادن ۽ مجموعي استحصالي روين کي بي نقاب ڪيو. هن سماج جي مڃيل قدرن جي بنيادن کي لوڏي ڇڏيو ۽ عام روين جي اندر لڪل تضاد ۽ انهن جي غير منطقي بنيادن کي ظاهر ڪيو. منٽو تي مذهب جي بنياد تي هلندڙ جدوجھد کي ڏسندي هن ڪڙو سچ چيو ته “ليڊر جڏهن ڳوڙها وهائي ماڻهن کي چوندا آهن ته مذهب خطري ۾ آهي ته ان ۾ ڪابه حقيقت ناهي هوندي. مذهب اهڙي ڪا شيءِ ئي ناهي جيڪا خطري ۾ پئجي سگهي. جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه کي خطرو آهي ته اهو انھن ليڊرن کي آهي، جيڪي پنھنجي ذاتي مفادن کي پورو ڪرڻ لاءِ مذهب کي خطري ۾ وجهن ٿا.” سعادت حسن منٽو کي سندس حقيقت نگاري، نفسياتي گهراين، بي باڪ سچائي ۽ سماج جي اجاره دارن تي تنقيد سبب ئي ساراهيو ويندو آهي. هي اردو ادب جو افسانا نگار 11 مئي 1912ع تي ضلعي لڌيانا جي شهر سمبرالا ۾ پيدا ٿيو. منٽو جو والد غلام حسن منٽو قوم ۽ ذات جو ڪشميري هو، جيڪي امرتسر جي هڪ پاڙي ڪوچه وڪيلان ۾ وڏي خاندان سان گڏ رهندو هو.

 دوست کيس “ٽامي” جي نالي سان سڏيندا هئا. منٽو ننڍپڻ ۾ پنهنجي گهر ۾ هڪ خوفزده ٻار جي حيثيت ۾ پلجي وڏو ٿيو، جيڪو ماٽيلن ڀينرن ۽ ڀائرن جي موجودگي ۽ والد غلام حسن جيڪو پنجاب حڪومت جي عدالتي کاتي ۾ جج هو ۽ ان جي سخت طبيعت جي ڪري پنهنجي انڊر جو اظهار نه ڪري سگهندو هو. سندس ماءُ سردار  بيگم هميشه سندس پٺڀرائي ڪندڙ هئي. منٽو جي سوانح نگار ابو سعيد قريشي جي ڪتاب مان معلوم ٿئي ٿو ته منٽو ٻالڪپڻ ۾ تمام گهڻو شرارتي هو. منٽو کي رسمي تعليم سان ڪا خاص دلچسپي نه هئي ۽ نه ئي هو تعليمي ميدان ۾ ڪا نمايان ڪاميابي حاصل ڪري سگهيو. مئٽرڪ جي امتحان ۾ منٽو ٽي ڀيرا ناڪام ٿيو. چوٿين ڪوشش ۾ 1931ع ۾ مسلم هاءِ اسڪول شريف پورا، امرتسر مان آرٽس جي مضمونن سان ميٽرڪ پاس ڪيائين، پر ان ڀيري به اردو مضمون ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيو. 1931ع ۾ هن هندو مھا سڀا ڪاليج ۾ داخلا ورتي، پر 1933ع ۾ ايم اي او ڪاليج ۾ داخل ٿيو. 1934ع ۾ ايم اي او ڪاليج مان پنجاب يونيورسٽي جو ايف اي امتحان ڏنائين، پر ان ۾ به ناڪام رهيو. 1935ع ۾ علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي ۾ داخلا ورتائين، پر ٽي بي جي تشخيص ٿيڻ سبب سندس نالو يونيورسٽي مان خارج ڪيو ويو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هن بهترين افسانا تخليق ڪيا، جن ۾ ٽوبا ٽيڪ سنگهه، کول دو، ٺنڊا گوشت، ڪالي شلوار، ڌوان، سياهه حاشئي، شريفن وغيره شامل آهن. سندس ڪيترائي افسانوي مجموعا، خاڪا ۽ ڊراما شايع ٿي چڪا آهن. منٽو پنهنجو پهريون افسانو “تماشو” جليانوالا باغ جي سانحي کان متاثر ٿي لکيو. منٽو ڪٿي لکيو آهي ته “زندگي کي اهڙي صورت ۾ پيش ڪرڻ گهرجي، جيئن اها آهي؛ نه ڪي جيئن هئي، نه جيئن ٿيندي يا جيئن هئڻ گهرجي. منٽو تي اهو به اعتراض ڪيو وڃي ٿو ته سندس موضوع صرف عورت، خاص ڪري طوائف آهي. جيڪڏهن منٽو عورت تي لکيو آهي ته ان ۾ غلط ڇا آهي؟ عورت رڳو ماءُ، ڌيءَ يا ڀيڻ جو نالو ناهي، ڇا طوائف عورت ناهي؟ سندس مسئلا ڇو نه دنيا جي آڏو آڻجن؟ چيو وڃي ٿو ته منٽو عورتن جا ڪپڙا لاهي ٿو، پر حقيقت اها آهي ته انهن کي بي لباس ته سماج ڪيو، منٽو صرف دنيا کي ڏيکاريو ته سماج عورت سان ڪهڙي ڪهڙي روپ ۾ ڇا ٿو ڪري. منٽو ممبئي جي گيشوري ڪاليج ۾ چيو هو:

“مان هنگاما پسند ناهيان، مان ماڻهن جي خيالن ۾ هيجان پيدا ڪرڻ نٿو چاهيان، سماج اڳ ئي ننگو آهي، مان ان جا ڪپڙا ڪيئن لاھيندس؟ ۽ مان ان کي ڪپڙا پارائڻ جي ڪوشش به نٿو ڪريان، ڇو ته اهو درزين جو ڪم آهي. منٽو جي افسانن تي ڪيس هلايا ويا. ڌوان، ڪالي شلوار، بو، ٺنڊا گوشت وغيره تي فحاشي جا الزام لڳايا ويا، ان جي باوجود منٽو کي اردو ادب جو سڀ کان وڏو افسانه نگار قرار ڏجي ٿو. منٽو کي عوام زنده رکيو آهي. نقاد کيس وڏو چون يا فحش نگار، منٽو عوام ۾ مقبول آهي. اڄ به دنيا منٽو تي تحقيق ڪري رهي آهي، فلمون ٺهي رهيون آهن، ڪتاب لکجي رهيا آهن، پر افسوس جو منٽو کي پڙهي ان تي غور ڪرڻ بجاءِ ان جو ڳالهيون فيس بڪ تي فقط مذاق طور لکي رکيون وينديون آهن. سعادت حسن منٽو گهڻي شراب واپرائڻ جي ڪري 18 جنوري 1955ع تي فوت ٿي ويو. سندس قبر لاهور جي مياني صاحب قبرستان ۾ واقع آهي. نريش ڪمار شاد جڏهن دهليءَ کان لاهور آيو ته منٽو جي قبر تي روئندي چيائين: سماج منٽو جا گناهه معاف نه ڪيا، پر الله وڏو بخشڻهار آهي، منٽو سچ ڳالهائيندو هو ۽ چوندو هو ته اڳ ۾ مذهب سينن ۾ هوندو هو، اڄڪلهه ٽوپين ۾ ٿي ويو آهي. سياست به هاڻي ٽوپين ۾ اچي وئي آهي. شايد منٽو جي اها ادا خدا کي پسند اچي وئي هجي.