ٿر ڪول مان بجلي جي پيداوار شروع
ٿر ڪول منصوبي مان 330 ميگا واٽ بجلي جي پيداوار شروع ٿي وئي آهي، جنهن بعد نيشنل گرڊ کي بجلي ملڻ شروع ٿي وئي آهي. ان موقعي تي ٿر ڪول اٿارٽي جي ملازمن جشن ملهايو. سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ به ٿر ڪول مان بجلي جي پيداوار شروع ٿيڻ جي تصديق ڪندي پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ سنڌ جي عوام کي مبارڪون ڏنيون. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٿر ڪول منصوبو ملڪ مان توانائي جي بحران کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪندو. واضح رهي ته ٿر جي هڪ ٻئي حصي مان به 660 ميگا واٽ بجلي تيار ڪندڙ پاور پلانٽ 2019 ۾ ئي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو. ٿر ۾ ڪوئلي جي ذخيرن کي 13 بلاڪن ۾ ورهايو ويو آهي. 98 چورس ڪلو ميٽرن جي علائقي کي سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني هلائي رهي آهي جنهن مان 1.57 بلين ٽن ڪوئلو موجود آهي. جنهن مان ايندڙ 50 سالن مان 5 هزار ميگا واٽ بجلي تيار ڪري سگهجي ٿي.