پي ايس پي ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان اڄ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندا
متحده قومي موومينٽ پاڪستان ۽ پاڪ سر زمين پارٽي اڄ شام جو 6 وڳي ڪراچي پريس ڪلب ۾ هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندا. خبرن مطابق فاروق ستار پريس ڪانفرس کي خطاب ڪندو. پي ايس پي جيڪا گذريل سال ايم ڪيو ايم جي باني پاران ملڪ خلاف تقرير ڪرڻ کانپوءِ وجود ۾ آئي جنهن جو سربراهه مصطفيٰ ڪمال آهي ۽ ايم ڪيو ايم مٿان لڳل پابندي کانپوءِ هن پارٽي ۾ شامل ماڻهن ايم ڪيو ايم جي باني سان لاڳاپا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو هو. مصطفيٰ ڪمال ايم ڪيو ايم پاڪستان مان ميمبرن کي مستقل پنهنجي پارٽي ۾ شموليت ڏيندو رهيو ۽ هن جي خواهش هئي ته ڪجهه ماڻهن کان علاوه باقي سڀ ماڻهو هن جي اڳواڻي ۾ نئين پارٽي ۾ شامل ٿي وڃن. جنهن لاءِ هو فاروق ستار کي به اهڙي آڇ ڪندو رهيو آهي. هينئر تائين ڪيترائي ايم ڪيو ايم جا ليڊر پي ايس پي ۾ شامل ٿي چڪا آهن، جنهن لسٽ ۾ آخري نالو ارشد ووهرا جو آهي جيڪو ڪراچي جو ڊپٽي ميئر به آهي.