کيس چئجو هتان گذر نه ڪر
احساس ميرل
تمام خوشي جي ڳالھ ته هاڻ سنڌي ادب توڙي اديبن جي ڪجھ نه ڪجھ سار لڌي پئي وڃي هاڻ سڄي سنڌ ۾ علمي ادبي ثقافتي فيسٽيول، ڪانفرنسون، مشاعرا، رهاڻيون رچايون پيون وڃن جتي اسان جي تهذيب کي اجاڳر ڪيو پيو وڃي. تازو ئي ڪراچي ۾ سنڌ لٽريچر فيسٽيول 2017 2 ڪاميابي سان ملهايو ويو. شايد هڪ ڏينهن کانپوءِ وري لاڙ ميلو به شروع ٿيو مون کي به ڪراچي وڃڻ جو موقعو مليو ڇنڇر جي ڏينهن 27 آڪٽوبر منجهند جو 12 وڳي پنهنجي شهر اڏيرو لال اسٽيشن کان وين ۾ آئون ۽ پيارو ڀاءُ شير محمد سولنگي نڪري پياسين حيدرآباد ڪجھ ڪم ڪار اڪلائڻ کانپوءِ رڪشا ۾ چڙهي قاسم چوڪ ڀرسان ڪوچ اسٽينڊ لٿاسين جتي ڪوچ تيار بيٺي هئي سواسان به اچي سيٽون سنڀاليون تڏهن آڱرين جون حرڪتون موبائل جي اسڪرين تي پهتيون هڪ سيلفي ڪڍي فيس بڪ جي زينت ڪندي پوسٽ لکيم ته حيدرآباد کان ڪراچي ويندي، ڪافي دوستن جا ڪمينٽ اچڻ لڳا سفر بخير، جاڏي پير تاڏي خير، الله جي حوالي، ويلڪم سچ پچ سفر جو ٿڪ هلڪو ٿيڻ لڳو ڇو ته جتي دعائن جو سلسلو شروع ٿيندو آهي اتي هر مشڪل آسان ٿيڻ لڳندي آهي. جڏهن گهران نڪتس تڏهن به جيجل جي پير تي هٿ رکيم تڏهن امڙ جي شفقت ۽ دعائن روح تازو ڪري ڇڏيو هو، آئون پاڻ کي خوش نصيب ٿو سمجهان ته منهنجا دوست تمام گهڻا آهن جيڪي منهنجي لاءِ سرمايو آهن. تقريبن 3 وڳي بس هلڻ شروع ڪيو سامهون لڳن ايل سي ڊي تي مزاحيه فلم لڳل هئي جنهن جي ڪري سڄي بس ۾ اوچتو ٽهڪن جي گونجار ٿيو ٿي وئي منهنجي دل به اهو ئي پئي چاهيو سڀئي ماڻهو ائين ئي سدائين سکن جي هنج ۾ هجن، هميشه مرڪندا رهن پر ڏک ۽ سک زندگي جا ٻه پاسا آهن بس خبر ئي ڪانه پئي ته ڪراچي اچي وئي اسان کي صدر لهڻو هو ڇو ته اسان کي پهرين سول اسپتال ۾ وڃڻو هو جتي تمام بهترين شاعر دوست حاجي غلام حيدر خاصخيلي جي گهرواري داخل هئي جنهن جي عيادت ڪرڻي هئي. جڏهن سهراب ڳوٺ اڪري پار ڪيوسين تڏهن سڄي بس ۾ 2 ڄڻا اسين ۽ 3 ڄڻا ٻيا ويٺا هئا بس واري کي به بهانو هٿ آيو هن دير ئي نه ڪئي لالوکيت وٽ اچي بريڪ هڻي چيائين ادا سڀ لهي اچو اڳيان روڊ بند آهي. اوهان کي رڪشا ۾ صدر موڪليان ٿو پوءِ اسان رڪشي ۾ سوار ٿي اچي سول اسپتال پهتاسين جتي حاجي غلام حيدر سان ملاقات ٿي سندس گهرواري جي عيادت ڪئي سين اتي به ڪلاڪ کن ويٺاسين ۽ وري رڪشا ۾ چڙهي اچي بيچ لگزري هوٽل لٽريچر فيسٽيول ۾ پهتاسين جتي ڪافي اديبن سان ملاقات ٿي، خبر پئي ته مشاعرو جاري آھي مون کي پياري دوست امتياز دانش فون ڪري دعوت ڏني هئي سو وڃي هال ۾ پنهنجي سيٽ تي ويهي رهياسين. ڪجھ دير کانپوءِ پياري امتياز دانش سڏ ڪيو جيڪو مشاعري جي ميزباني ڪري رهيو هو، پنهنجو ڪچو فڪو شعر پڙهي اچي پنهنجي جاءِ والاريم پوءِ سائين غفور شاھ تقوي سان گڏجي هيٺ لهي آياسين جتي محفل موسيقي جاري هئي وچن سنڌي جو مڌر آواز ۽ حسن درس جي انمول شاعري ڪنن تائين پهتي، هن دل قلندري ۾ دم دم ڌمال آهي. سڄي محفل جهومي رهي هئي ان کانپوءِ هڪ ٻيو سريلو فنڪار آيو جنهن جو نالو وسري پيو ذات جو سومرو هو يار ڇا ته ڪمال جي شاعري پيش ڪيائين اقبال رند جو خوبصورت غزل جنهن جا لفظ روح سان رهاڻ ڪرڻ لڳا “کيس چئجو هتان گذر نه ڪري، شهر جو شهر دربدر نه ڪري، کيس چئجو نه هي جواني آ شام جي پهر تي قهر نه ڪري” تمام گهڻو مزو آيو. فيسيٽول زبردست لوڪيشن تي هو شايد رات جا 12 ٿيا ته اسين سائين غفور شاھ ۽ ادا امتياز دانش سان گڏ رزاق آباد لاءِ روانا ٿياسين ڪلاڪ سوا کانپوءِ سائين غفور شاھ جي اوطاق تي پهتاسين جتي ٿوري دير کانپوءِ ماني اچي وئي. ان کانپوءِ ڏاڍي ڪچهري ٿي سڀني هڪٻئي کي شاعري به ٻڌائي. 2 وڳي کانپوءِ آرام ڪيوسين، صبح جو سائين غفور شاھ ناشتو کڻي آيو. سائين جيڪا خدمت ڪئي اها سدائين ياد رهندي، صبح جو 9 وڳي سائين غفور شاھ کان موڪلائي اچي ٺٽي واري بس ۾ چڙهياسين. هي سفر به عجيب هو ڇو ته اسين بس جي ڇت تي اچي ويٺاسين تڏهن وقت جي ڪتاب جا پراڻا پنا کليا ۽ اهي ڏينهن ياد آيا جڏهن ٻهراڙين ۾ رڳو بسون هلنديون هيون جن کي لاري چوندا هئا هاڻ اهو ماحول ئي ناهي رهيو. بس جي ڇت تان سنڌ جي سر زمين کي ڏسڻ جو مزو ئي ٻيو آهي، 11 وڳي ٺٽي ۾ پهتاسين شاجهان مسجد ۾ اچي ٻه رڪعتون نفل ادا ڪياسين، شايد 12 وڳي حيدرآباد جي وين ۾ ويٺاسين اتي سنڌ جو امر آواز سرمد سنڌي جي آواز ۾ گيت هليو پئي اسان کي او سهڻا وساري نه ڇڏجو تڏهن عجيب عجيب سوچن گهيرو ڪرڻ شروع ڪيو ته يار زندگي ٻن ڏينهن جو ميلو آهي ۽ اسين ٿوري ٿوري ڳالھ تي ورهين جا وير ڇوٿا وجهون. دل چيو ته آئون سڀني پيارن کي هٿ ٻڌي چوان يار زندگي ڏاڍي مختصر آهي خدارا پنهنجو پاڻ کان ايڏي نفرت نه ڪريو جيترو به ٿئي پيار جا ٻج پوکيو سدائين هڪ ٿي رهو. بهرحال سوچن ئي سوچن ۾ ڪوٽڙي اچي وئي اسين اتي لٿاسين ڇو ته اسان کي پياري دوست محبوب سنڌي پروگرام جي دعوت ڏني هئي ساس شاخ ڪوٽڙي طرفان تمام بهترين اداڪار شهباز دراني جي وڇوڙي تي سندس ياد ۾ ميڙاڪو رکيل هو پروگرا م ۾ پڳاسين جتي پروگرام جاري هو ۽ سنڌ جا تمام وڏا نالا موجود هئا بهترين پروگرام ٿيو پرگرام ختم ٿيو اسان به رات جو 7 وڳي اچي پنهنجي شهر جي وين ۾ ويٺاسين، ڪلاڪ کانپوءِ پنهنجي شهر پهتاسين. ڏاڍو يادگار سفر رهيو دعا آهي ته هي محبتن جا ميلا سدائين قائم ۽ دائم رهن.