بلاگنئون

قديم مصري عورت جي حيثيت، مرڪزيت، معيشت ۽ حق!

مصر هڪ اهڙو معاشرو هو، جتي عورت کي اهو سماجي، معاشي ۽ قانوني مرتبو حاصل هو، جيڪو ان دور جي ڪنهن ٻئي معاشري ۾ نظر نٿو اچي. انهيءَ نقطهءِ نظر ۾ اڪثر اهو سوال اٿي ٿو ته ڇا مصر ۾ انساني قرباني جو رواج هو. عورت جو وڪرو ۽ خريد ٿيندي هئي ۽ عورت کي ايترا حق ڇو حاصل هئا. انهن سمورن سوالن جا جواب مصر جي تهذيبي سڃاڻپ، ان جي مذهب ۽ ان جي غير قبائلي مرڪزيت تي مشتمل معاشرتي نظام ۾ لڪيل آهن. مصر ۾ انساني قرباني مذهبي عبادت جو حصو نه هئي. مصري مذهبي ڪتاب، مندرن جا چٽ يا ڀتين جي تصويرن ۾ انسان کي قرباني جي طور تي پيش ڪرڻ جو ذڪر نٿو ملي. البته شروعاتي شاهي دور ۾ بادشاهن جي قبرن سان گڏ ڪجھ درٻارين يا نوڪرن جون قبرون ملن ٿيون، جنهن کي محقق ساٿي قرباني سڏين ٿا، مگر اهو قطعي ناهي ته اها باقاعدي قتل تي مشتمل قرباني هئي يا رضاڪاراڻو عمل هو. اهو عمل به مختصر عرصي ۾ ختم ٿي ويو ۽ مصري مذهب تي مستقل طور تي صرف جانورن جي قرباني جو رويو رهيو. عورت جي حوالي سان مصري معاشرو ان دور جي ٻين معاشرن کان بلڪل مختلف هو. آزاد عورت جو وڪرو ۽ خريد قطعي نه ٿيندي هئي. ڇو ته ان کي مڪمل قانوني حيثيت حاصل هئي. هوءَ جائيداد به خريد ڪري سگهندي هئي ۽ وڪڻي به سگهندي هئي. عدالت ۾ ڪيس داخل ڪري سگهندي هئي. معاهدا تحرير ڪري سگهندي هئي ۽ ايستائين جو پنهنجي شادي ختم ڪرڻ جو حق به رکندي هئي. خريد ۽ وڪرو صرف غلام عورتن تائين محدود هو، جيڪي جنگي قيدي يا معاشي مجبورين جي سبب کان غلامي ۾ آيل هيون. عورت جي اها غير معمولي سماجي ۽ قانوني حيثيت محض اتفاق نه هئي، بلڪه ان جي پٺيان اهي تهذيبي بنياد هئا، جيڪي مصر کي سڄي دنيا کان ڌار ڪندا هئا. سڀ کان اهم ڳالھ اها آهي ته مصر قبائلي معاشرو نه هو. نيل جي ڪناري محدود، گڏ ۽ مسلسل آباديون هئڻ جي ڪري اتي قبيلا وجود نه رکندا هئا.

جڏهن قبيلو ناهي هوندو ته مرداڻي غيرت، نسب جي طاقت ۽ خانداني ملڪيت جهڙيون سخت روايتون به ناهن هونديون. مصر ۾ رياست خاندان کان وڏي هڪ جهڙائي هئي. ان لاءِ عورت قبيلي يا خاندان جي ملڪيت نه بلڪه رياستي قانون جي نظر ۾ هڪ آزاد شهري هئي. معاشي اعتبار کان به عورت مرد جي برابر شريڪ هئي. مصر جي معيشت صرف زراعت تي مشتمل نه هئي، بلڪه واپار، صنعت، ڪپڙو ۽ فشريز به اهم شعبا هئا. ڇو ته معيشت گڏيل ۽ منظم هئي. مزدور ۽ هاري رياست جي نگراني ۾ ڪم ڪندا هئا ۽ پنهنجي پيداوار يا خدمتن جي وسيلي مقرر حصو حاصل ڪندا هئا. زمين جي اصل ملڪيت رياست وٽ هئي ۽ ذاتي مالڪ يا جاگير جو تصور محدود هو. معيشت جي اها ورهايل گڏيل معيشت ۽ مرڪز تي مشتمل سڃاڻپ پدر شاهي يا قبيلائي طاقت کي ڪمزور ڪندي هئي ۽ عورتن کي اقتصادي ۽ قانوني طور تي حصيدار بنجڻ جو موقعو ميسر ڪندي هئي. مصري مذهب به عورت جي برابري جي تصور کي مضبوط ڪندڙ هو.Hathor Isis  ۽  Maatجهڙيون ديوتائون نه صرف طاقت جون نشانيون هيون، بلڪه اخلاق، محبت، زرخيزي ۽ ڪائناتي توازن جو بنياد پڻ هيون. جڏهن عدل ۽ حڪمت جي نشاني ئي عورت هجي ته معاشرو ان کي گهٽ درجي تي نٿو رکي سگهي. رياستي نظام به عورت جي آزادي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. ڇو ته طاقت خاندانن ۽ قبيلن جي بجاءِ طاقت جي مرڪز رياست وٽ هئي. قانون روايتن کان وڌيڪ هو، تحريري قانونن عورت کي مڪمل قانوني شخصيت ڏني ۽ انهيءَ سبب کان هوءَ عدالت ۾ ڪيس وڙهي سگهندي هئي ۽ مالي ڏي وٺ ۾ مرد جي محتاج نه هئي. سياسي اعتبار کان به عورت جو رستو محدود نه هو، حتشپسوت ۽ ڪلوپيٽرا جي حڪمراني ان ڳالھ جو ثبوت آهي. ائين قديم مصر ۾ انساني قرباني نه هئڻ، عورت جي خريد ۽ فروخت جو عام رواج نه هئڻ ۽ عورت جي حقن جي مضبوط هئڻ جا سمورا ڪارڻ هڪ ئي حقيقت ڏانهن اشارو ڪن ٿا ته مصر بنيادي طور تي هڪ منظم، مرڪز تي ٻڌل غير قبائلي ۽ زرعي واپاري رياست هئي. رياستي مرڪزيت، گڏيل معيشت ۽ قانوني نظام نه صرف قبائلي يا جاگيردارڻي طاقت کي محدود ڪيو، بلڪه عورت کي به ٻين معاشرن جي مقابلي ۾ غير معمولي حيثيت ميسر ڪئي.