بلاگنئون

افغان جهاد جي تاريخ ۾ تاريخ جو ورجاءُ

ڊسمبر 1979ع جي هڪ ٿڌڙي رات هئي، جڏهن سوويت يونين جون فوجون اوچتو ڪابل ۾ داخل ٿيون ۽ ڪجھ ئي ڪلاڪن ۾ سمورو شهر سوويت فوجين جي ڪنٽرول ۾ اچي ويو. انهيءَ واقعي نه صرف افغانستان جي تاريخ بدلائي ڇڏي، بلڪه سڄي دنيا جي سياست کي هڪ نئين موڙ تي آڻي بيهاريو ۽ انهيءَ کانپوءِ جيڪا جنگ شروع ٿي ان اهڙي باھ کي ڀڙڪائي ڇڏيو جيڪا اڄ تائين اجهامي ناهي سگهي. افغانستان صدين کان وڏين طاقتن جي وچ ۾ هڪ گذرگاهه رهيو آهي. ڪڏهن برطانيه ۽ روس جي وچ ۾، ڪڏهن اوڀر ۽ اولھ جي وچ ۾، ويهين صديءَ جي وچ ۾ افغانستان هڪ توازن برقرار رکيو. هن آمريڪا ۽ سوويت يونين ٻنهي کان امداد ورتي، مگر پاڻ کي ڪنهن هڪ بلاڪ سان ڳنڍڻ کان پاسو ڪيائن، پر اپريل 1978ع ۾ اهو توازن ٽٽي ويو. ڪميونسٽ پارٽي “ثور” نالي انقلاب جي وسيلي اقتدار ۾ اچي وئي. نئين حڪومت سڌارا نافذ ڪيا، زمينن جي ورهاست ڪئي وئي، عورتن کي حق ڏنائين ۽ سيڪيولر ازم اختيار ڪيو ويو. مطلب ته اهو روشن خيال ۽ پڙهيل لکيل طبقي جو انقلاب هو. ملڪ جي ٻهراڙي واري آبادي، سماجي پسماندگي ۽ مذهبي تهمتن جي شڪار هئي. ڪجھ ئي مهينن ۾ سمورو ملڪ گهرو ويڙھ ۾ ٻڏي ويو. ڪميونسٽ پارٽي منظم نه هئي، آمريڪا ۽ سندس اتحادين ڪيترائي سال اڳ شدت پسند اسلامي نظرين جيئن ته وهابيت، سلفيت ۽ ٻين فرقن ۾ انويسٽمينٽ ڪري ڇڏي هئي. سوويت يونين کي خطرو هو ته جيڪڏهن اها حڪومت پٽ پئي ته سرحد پار وچ ايشيا ۾ اسلامي تحريڪون پکڙجي وينديون. ان جي سبب کان سوويت يونين ڪميونسٽ پارٽي جي حڪومت کي سهارو ڏيڻ جي لاءِ پنهنجيون فوجون لاٿيون. جڏهن سوويت فوجون افغانستان ۾ داخل ٿيون ته واشنگٽن کي موقعو ملي ويو ته هو ويٽنام جو بدلو وٺي سگهي. صدر جمي ڪارٽر ان کي سوويت جارحيت قرار ڏنو ۽ گڏ ئي سوويت يونين جو “گرم پاڻين تائين پهچ” وارو شوشو ترتيب ڏنو. جمي ڪارٽر اعلان ڪيو ته آمريڪا خليج فارس تي ڪنهن ٻاهرين طاقت کي برداشت نه ڪندو. شروعات ۾ آمريڪا ڳجهي نموني مزاحمتي گروهن کي مدد ڏيڻ شروع ڪئي، جن کي آمريڪا ڪيترائي سال اڳ تيار ڪري چڪو هو، پر جڏهن ريگن اقتدار ۾ آيو ته اها مدد هڪ جنگي منصوبي ۾ بدلجي وئي. آمريڪا فيصلو ڪيو ته افغانستان ۾ کلي ڪري سوويت يونين کان ويٽنام جو بدلو ورتو وڃي، جيڪو منصوبو پاڪستان جي وسيلي عمل ۾ آندو ويو، جنرل ضياءُ جي دور ۾ پاڪستان جي انٽيليجنس ايجنسي آئي ايس آئي کي مرڪزي ڪردار مليو. آمريڪا اربين ڊالر خرچ ڪيا، هٿيار ۽ معلومات ميسر ڪيون ۽ پاڪستان طئي ڪيو ته ڪهڙا ٽولا ڪيتري امداد حاصل ڪندا، سو آئي ايس آئي ۽ قومي مزاج رکڻ وارن ٽولن جي بجاءِ سخت گير اسلامي تنظيمن کي اوليت ڏني، جنهن ۾ گل بدين حڪمت يار جو حزب اسلامي ٽولو به شامل هو.

وقت سان گڏوگڏ مجاهدن کي جديد هٿيار، خاص طور تي آمريڪي سڃاڻپ رکندڙ اسٽنگر ميزائل، جنهن سوويت هيلي ڪاپٽرن جي لاءِ آسمان کي خطرناڪ بڻائي چڏيو. انهيءَ دوران هڪ ٻيو سلسلو شروع ٿيو، عرب دنيا کان هزارين نوجوان افغانستان پهچڻ لڳا، جن کي “جهاد” جو سڏ ڏنو ٿي ويو. انهن ۾ ئي هڪ سعودي ڄائو اسامه بن لادن به شامل هو، جنهن پنهنجي دولت ۽ تنظيمي صلاحيت سان هڪ مرڪز قائم ڪيو، جتي سڄي دنيا کان اچڻ وارن فردن کي منظم ڪيو ۽ اهڙي ريت اهوئي مرڪز اڳتي هلي ڪري القاعده جو بڻياد بڻيو.

ڏھن سالن تائين جاري رهڻ واري جنگ اڪيلي روس کي ٿڪائي وڌو. پندرهن هزارن کان وڌيڪ فوجي مارجي ويا، معيشت تباهه ٿي وئي ۽ نيٺ مئي 1988ع ۾ سوويت يونين حڪومت جنيوا معاهدي تي صحيحون ڪيون ۽ فيبروري 1989ع ۾ ان جي فوج واپس هلي وئي. دنيا ان کي مجاهدن جي فتح سڏيو، پر اصل ۾ اها افغانستان جي تباهي جي شروعات هئي. آمريڪا ته جنگ ختم ٿيندي ئي پٺي ڏئي ڇڏي، پنهنجن وفادار مجاهدن جي خلاف پروپيگنڊه شروع ڪئي ۽ انهن کي دهشتگرد قرار ڏئي ڇڏيو. ايستائين ته پاڪستان کي هڪ سازشي رياست قرار ڏنائين. هٿيارن سان هٿياربند گروهه پاڻ ۾ وڙهڻ لڳا، ڪابل کنڊر ۾ تبديل ٿي ويو ۽ انهن ئي حالتن ۾ 1994ع ۾ طالبان نالي نئين قوت نروار ٿي. هنن امن ۽ شريعت جو واعدو ڪيو ۽ ٻن سالن جي اندر ڪابل تي قبضو ڪري ورتو. طالبان اسامه بن لادن کي پناھ ڏني، القاعده اهائي جنگ جيڪا افغانستان ۾ شروع ٿي هئي، سڄي دنيا ۾ پکيڙي ڇڏي. هن جو نئون نشانو آمريڪا ۽ سندس اتحادي هئا. 11 سيپٽمبر 2001ع تي نيويارڪ ۾ ٿيڻ وارا حملا انهيءَ داستان جا اهي موڙ هئا، جنهن کانپوءِ دهشتگردي جو بهانو بڻائي ڪري آمريڪا افغانستان سميت سمورن مسلم ملڪن تي چڙهائي ڪري ڇڏي ۽ اها جنگ ڏهاڪن تائين جاري رهي، پر دهشتگردي جي خلاف نام نهاد جنگ کي آمريڪا کي ان لاءِ روڪڻو پيو، ڇو ته ان کي چين جي شڪل ۾ هڪ تمام وڏو خطرو نظر اچڻ لڳو هو ۽ جڏهن اسان ماضي تي نظر وجهون ٿا ته صاف نظر اچي ٿو ته 1980ع جي ڏهاڪي ۾ اختيار ڪيل پاليسي بعد ۾ عالمي دهشتگردي جو وسيلو بڻي. آمريڪا هڪ دشمن کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ ٻئي کي طاقتور بڻايو ۽ پوءِ ساڳئي دشمن هٿان پاڻ کي نشانو بڻايائين. پاڪستان ۽ آمريڪا جا تعلقات به انهيءَ دور جي بار هيٺان دٻيل آهن. شڪ ۽ ٽڪرايل مفادن جو اهو سلسلو ختم ناهي ٿيو. اڄ هڪ ڀيرو وري آمريڪا ۽ ان جا اتحادي افغانستان ۾ دهشتگردن کي گڏ ڪري رهيا آهن. افغانستان ۾ اهي دهشتگرد پاڪستان جي خلاف وڙهي رهيا آهن. هن ڀيري انهن دهشتگردن کي ڀارت مدد ڏئي رهيو آهي. دهشتگردي ۽ شدت پسندي کي ٻيهر موقعو ڏيڻ جو وقت اچي چڪو آهي ۽ هن ڀيري نشانو پاڪستان، ايران، روس ۽ چين آهن. دنيا جا ماڻهو افغان جهاد جي حوالي سان خبر ناهي ته ڪهڙو تاثر رکيو ويٺا آهن، پر پاڪستاني ان ڪهاڻي جي سخت حقيقتن کي سمجهن ٿا، دهشتگردي، شدت پسندي اسلامي نظرين جي ابتڙ تشريح کان وڌي، جنهن کي پکيڙڻ وارا آمريڪي اسلامي ملڪن جا مغرب نواز حڪمران ۽ جرنيل هئا.

پاڪستانين جي لاءِ اهو سبق آهي ته اسان کي آمريڪا ۽ ڀارت جي دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻو آهي، گڏ رهڻو آهي ۽ ڪنهن مذهبي شدت پسند کي پنهنجي وچ ۾ جڳھ ناھي ڏيڻي.