ڊسمبر 1979ع جي هڪ ٿڌڙي رات هئي، جڏهن سوويت يونين جون فوجون اوچتو ڪابل ۾ داخل ٿيون ۽ ڪجھ ئي ڪلاڪن ۾ سمورو شهر سوويت فوجين جي ڪنٽرول ۾ اچي ويو. انهيءَ واقعي نه صرف افغانستان جي تاريخ بدلائي ڇڏي، بلڪه سڄي دنيا جي سياست کي هڪ نئين موڙ تي آڻي بيهاريو ۽ انهيءَ کانپوءِ جيڪا جنگ شروع ٿي ان اهڙي باھ کي ڀڙڪائي ڇڏيو جيڪا اڄ تائين اجهامي ناهي سگهي. افغانستان صدين کان وڏين طاقتن جي وچ ۾ هڪ گذرگاهه رهيو آهي. ڪڏهن برطانيه ۽ روس جي وچ ۾، ڪڏهن اوڀر ۽ اولھ جي وچ ۾، ويهين صديءَ جي وچ ۾ افغانستان هڪ توازن برقرار رکيو. هن آمريڪا ۽ سوويت يونين ٻنهي کان امداد ورتي، مگر پاڻ کي ڪنهن هڪ بلاڪ سان ڳنڍڻ کان پاسو ڪيائن، پر اپريل 1978ع ۾ اهو توازن ٽٽي ويو. ڪميونسٽ پارٽي “ثور” نالي انقلاب جي وسيلي اقتدار ۾ اچي وئي. نئين حڪومت سڌارا نافذ ڪيا، زمينن جي ورهاست ڪئي وئي، عورتن کي حق ڏنائين ۽ سيڪيولر ازم اختيار ڪيو ويو. مطلب ته اهو روشن خيال ۽ پڙهيل لکيل طبقي جو انقلاب هو. ملڪ جي ٻهراڙي واري آبادي، سماجي پسماندگي ۽ مذهبي تهمتن جي شڪار هئي. ڪجھ ئي مهينن ۾ سمورو ملڪ گهرو ويڙھ ۾ ٻڏي ويو. ڪميونسٽ پارٽي منظم نه هئي، آمريڪا ۽ سندس اتحادين ڪيترائي سال اڳ شدت پسند اسلامي نظرين جيئن ته وهابيت، سلفيت ۽ ٻين فرقن ۾ انويسٽمينٽ ڪري ڇڏي هئي. سوويت يونين کي خطرو هو ته جيڪڏهن اها حڪومت پٽ پئي ته سرحد پار وچ ايشيا ۾ اسلامي تحريڪون پکڙجي وينديون. ان جي سبب کان سوويت يونين ڪميونسٽ پارٽي جي حڪومت کي سهارو ڏيڻ جي لاءِ پنهنجيون فوجون لاٿيون. جڏهن سوويت فوجون افغانستان ۾ داخل ٿيون ته واشنگٽن کي موقعو ملي ويو ته هو ويٽنام جو بدلو وٺي سگهي. صدر جمي ڪارٽر ان کي سوويت جارحيت قرار ڏنو ۽ گڏ ئي سوويت يونين جو “گرم پاڻين تائين پهچ” وارو شوشو ترتيب ڏنو. جمي ڪارٽر اعلان ڪيو ته آمريڪا خليج فارس تي ڪنهن ٻاهرين طاقت کي برداشت نه ڪندو. شروعات ۾ آمريڪا ڳجهي نموني مزاحمتي گروهن کي مدد ڏيڻ شروع ڪئي، جن کي آمريڪا ڪيترائي سال اڳ تيار ڪري چڪو هو، پر جڏهن ريگن اقتدار ۾ آيو ته اها مدد هڪ جنگي منصوبي ۾ بدلجي وئي. آمريڪا فيصلو ڪيو ته افغانستان ۾ کلي ڪري سوويت يونين کان ويٽنام جو بدلو ورتو وڃي، جيڪو منصوبو پاڪستان جي وسيلي عمل ۾ آندو ويو، جنرل ضياءُ جي دور ۾ پاڪستان جي انٽيليجنس ايجنسي آئي ايس آئي کي مرڪزي ڪردار مليو. آمريڪا اربين ڊالر خرچ ڪيا، هٿيار ۽ معلومات ميسر ڪيون ۽ پاڪستان طئي ڪيو ته ڪهڙا ٽولا ڪيتري امداد حاصل ڪندا، سو آئي ايس آئي ۽ قومي مزاج رکڻ وارن ٽولن جي بجاءِ سخت گير اسلامي تنظيمن کي اوليت ڏني، جنهن ۾ گل بدين حڪمت يار جو حزب اسلامي ٽولو به شامل هو.