بلاگخاص

هو ته ٿڌو مٺو چشمو هئي

ڪامريڊ خورشيد بيگم

تاثر .منظور ٿهيم

ڪامريڊ خورشيد بيگم جو تعلق ڪراچي جي اردو ڳالهائيندڙ آبادي سان هو، هو بيحد ساده گو ۽ فرشتن جهڙي ڀائبي هئي، سمورا ڪامريڊ ان کي پاڻ کان مٿڀرو رکندا هئا،  ڇاڪاڻ ته هي انهن ڪامريڊن مان هئي  جيڪي پارٽي ڪارڪنن کي بيحد احترام، عزت، ايستائين جو گهر ۾ رهائش ۽ ماني جو  ذمو به کڻي  بيحد خوشي محسوس ڪندا هئا، اسين هن کي ڪامريڊ سڏيندا هئاسين ڇاڪاڻ ته تڏهن اسان ۾ نالي وٺڻ جي روايت نه هوندي هئي، هن ٻانهن ۾ ڪڏهن چوڙيون نه پاتيون، هن پنهنجي پيار کي مقدس امانت وانگر سڀ ۾ هڪ جيترو تقسيم ڪيو هن سان منهنجي پهرين ملاقات ڪامريڊ خادم جي گهرِ ٿي، هن پارٽي سياست ۽ ادب تي ڪنهن ڏاهي وانگر گفتگو ڪئي، باوجود جو هي سنڌي ڳالهائي نه سگهندي هئي پر پنهنجي عمل ۾ هو ڪنهن به طرح غير سنڌي نه ٿي لڳي ، هن سنڌ جي محنت ڪش هارين جي حقن لاءِ ائين ٿي ڳالهايو جو ڄڻ سنڌ هاري ڪاميٽي جي صدر هجي، هن کي ڪميونسٽ سياست ۽ اخلاقيات جي پوري پوري سمجهه هئي، هن انجي قيمت به ادا ڪئي ڪيترا ڀيرا نسلي جماعتن پاران هن کي ذهني ۽ جسماني تڪليف پهچائڻ جي به ڪوشش ڪئي وئي پر هي  سنڌ جي اڏول ڌي وانگر پنهنجي اصول ۽ مقصد تي قائم رهي، حقيقت هي آهي ته هن پنهنجي زندگي جو سفر پيرن تي بيهي پورو ڪيو هڪ ڪميونسٽ پنهنجي زندگي ائين ٺاهي ٿو  جو باقي ماڻهو ان تي ڀروسو ڪري سگهن،ڪي ڪردار پنهنجي وجود  ۾ خود سنسار ، خود ڪائنات هوندا آهن، نهايت شفيق ۽ مهربان، ڪامريڊ خورشيد بيگم هن وقت جسماني طور اسانجي درميان موجود ناهي پر هن پوئتي پنهنجا ڪجهه يادگار رشتا، ، تمام گهڻيون محبتون، لڙڪ ۽ آدرش ڇڏيا آهن جيڪي هن وقت به اسان لاءِ اتساه جو سبب آهن، هو ته ٿڌو مٺو چشمو هئي.