لوڪ فنڪاره تاج مستاني
زاهده ابڙو: اسان کي اهو ٻڌايو ته توهان کي مستاني ڇو ٿو چيو وڃي.
تاج مستاني: توهان مون کي اسٽيج تي الائي ڏٺو آهي يا نه. جيڪڏهن ڏٺو هجي ها ته توهان کي اندازو ٿي وڃي ها ته مون کي مستاني ڇو ٿو چيو وڃي. (کلندي).
اهو مون کي لقب مليل آهي، اهڙو نالو ماءُ پيءُ ته ڪونه ڏيندا، اهو ته مست الست کي ئي چئي سگهجي ٿو. اهو لقب مون کي منهنجي استاد ڏنو يا ايئن کڻي چئو ته جتي مون سکيا حاصل ڪئي اتان جي گادي نشينن اهو فيصلو ڪيو.
زاهده ابڙو: توهان جو استاد ڪير هو؟ اهو لقب ڪهڙي گدي نشين ڏنو؟
تاج مستاني: منهنجو استاد هڪ تمام گهڻي مشهور شخصيت هئي غلام حسين ڪليري صاحب، رڌم پليئر به هئا، جلال چانڊيو سان هنن ڪافي وقت گذاريو، تمام سٺا شاعر به هئا. سندس ڪيترائي ڪلام جن کي مون ڳايو مون کان پوءِ ڪيترن مشهور فنڪارن اهي ڪلام ڳايا. سندس هڪڙو ڪلام جيڪو مون ڳايو ۽ ڏاڍو مشهور ٿيو ”بي قدرا قدر نه ڪيئي ڙي ڪو“ ان تي آئون سکي به هئس ۽ اها استاد ڪليري صاحب جي شاعري آهي. هو جڏهن اسان کي فتح چوڪ حيدرآباد واري سائيڊ تي هڪڙي درگاهه آهي ”است الله شاهه ڪُن ڌڻي“ اتي وٺي آيا، اتان جا سيد گادي نشين هئا هاڻي ته حيدرآباد ۾ آبادي تمام گهڻي ٿي وئي آهي، ان وقت ۾ اهي صرف ٻنيون ۽ باغ هوندا هئا، زيتونن جو باغ هوندو هو ان ۾ آئون سکيا وٺندي هئس ۽ اتي ريهرسل ڪندي هئس. بک لڳندي هئي ته زيتون پٽي کائي ڇڏيندي هئس. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ جڏهن نالو چونڊڻ جو مرحلو آيو ته پوءِ هنن ٻن ٽن نالن جا ڪُڻا ڪڍيا ۽ چيائون ته سيد جعفر شاهه ڪُڻو ٿا ڪڍرايون، جيڪي اتان جا گادي نشين هئا، ڪڻي ۾ تاج مستاني نالو آيو، ان سان گڏ ٻه نالا هئا تاج حيدري، تاج سيهواڻي. جيئن ته منهنجو تعلق سيوهڻ سان آهي، هنن ان نگري کي ڏسي به سيهواڻي شامل ڪيو هو.
زاهده ابڙو: راڳ جي سکيا ڪيتري عمر کان وٺڻ شروع ڪئي؟ ان فيلڊ ۾ ڪيئن آيا.
تاج مستاني: منهنجي عمر ان وقت 14/15 سال هئي، منهنجون پراڻيون رڪارڊنگ پي ٽي وي تي پيل آهن. منهنجي خاندان مون کي پوري سپورٽ ڪئي. بابا امان مون سان گڏ شهر آيا، هنن استاد به منهنجي لاءِ مقرر ڪيو. باقي اهو آهي ته منهنجي خاندان ۾ ڳائڻ جو ڪو رجحان ڪونه هو. باقي هونئن ٻهراڙي ۾ عورتون سهرا لاڏا ڳائي پيون شوق پورا ڪنديون آهن. لوڪ موسيقي پاڻ سنڌين جي خون ۾ شامل آهي. گڏجي عورتون ويهي سهرا ۽ لاڏا چونديون آهن، انهن مان ڪنهن ڪنهن جو آواز تمام سٺو هوندو آهي ۽ انهن کي ڪيترائي ماڻهو ان ڳالهه تي آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته جيڪڏهن هو ڳائين ته ڏاڍو سٺو ۽ جيڪڏهن ڪنهن جي همت افزائي ڪجي ته ان جي دل به وڌندي آهي.
زاهده ابڙو: جڏهن توهان مشهور ٿيا ته پوءِ توهان جلال چانڊيو جي اسٽائل کي ڪاپي ڇو ڪيو؟
تاج مستاني: نه آئون ته ان کي جلال چانڊئي جي ڪاپي تسليم نٿي ڪريان. ڇو ته يڪتارو ۽ چپڙي سنڌ جو تمام قديمي ساز آهي. جيئن پاڻ لوڪ گيتن جي ڳالهه ڪئي، تيئن يڪتارو، دنبورو، چپڙي، ٻيا به ڪيترائي سنڌ جا ساز آهن جيڪي وڄايا ويندا هئا، پر يڪتارو ۽ چپڙي گهڻو ڪري جيئن چئون اسان اوتارن، درگاهن ۽ مڪانن تي وڄايا ويندا هئا. انهن جاين تي ٻيا ساز جيڪڏهن اوهان کي نه به ملن تڏهن به هڪ گهڙو ۽ هڪ يڪتارو ضرور ملندو آهي. يڪتارو تمام پراڻو ساز آهي، ان کي ڍول فقير، فقير عبدالغفور، فقير خادم حسين اهي جيڪي به هئا يڪتاري تي ڳائيندا هئا. ان وقت ۾ اڃان جلال چانڊئي جو ته وجود ڪونه هو. پوءِ جڏهن جلال چانڊيو آيو ته هن ان ساز ۾ جدت ضرور آندي ته هن يڪتاري کي رنگيني ڏني ان ۾ جهالرون لڳايون، ان کي سجايو. فقير ته ان کي بلڪل سادي انداز ۾ وڄائيندا هئا، پر ان سادي يڪتاري ۾ به سُر ته ساڳيو هو. اسان جيڪڏهن ماڻهوءَ کي ڏسون ته هڪڙو سادو هجي ۽ ٻيو ٿورو رنگين ڪپڙا پائي ويهي ته فرق ته نظر ايندو. يڪتارو ۽ چپڙي رنگن جي ڪري وڌيڪ نروار ٿيا. هاڻي پاڻ هر وقت اهو ئي ٿا چئون ته ڪوبه فنڪار جلال چانڊئي کان متاثر ٿيو آهي. ايئن به آهي ته جلال چانڊئي کان ڪيترائي فنڪار متاثر ٿيا، ان جا ڪيترائي شاگرد آهن. منهنجي بابا جلال چانڊئي کان به منهنجي ڳائڻ جي سلسلي ۾ راءِ ورتي هئي ۽ ان کي منهنجي استاد ٿيڻ لاءِ درخواست ڪئي، پر هن چيو ته هو مائين کي راڳ ناهي سيکاريندو، پر هن اهو چيو ته آئون توهان کي هڪڙو ماڻهو ٻڌائيندس توهان ان سان رابطو ڪريو. پوءِ اسان جو رابطو غلام حسين ڪليري سان ڪرايو ويو، ايتري مدد هن بابا جي ڪئي. باقي پنهنجي ثقافت کان ته اسان پيدائشي متاثر آهيون. ڇو ته اسان جي ثقافت رنگن سان ڀرپور آهي ۽ جيڪڏهن ان کان متاثر نه ٿيون ته پوءِ سنڌي ڪيئن ٿياسين.
زاهده ابڙو: هڪ فنڪاره جي طور تي توهان کي ڳائڻ لاءِ روزانو ڪيترو رياض ڪرڻو ٿو پوي؟
تاج مستاني: رياض جو ڪو دنگ ڪونهي، نه ان جي ڪا عمر آهي، نه ان جي ڪا حد آهي. اسان جا فنڪار سڄي عمر رياض ڪندي ڪندي هن دنيا کان موڪلائي وڃن ٿا، پر اڄڪلهه دور ٿورو تبديل ٿي ويو آهي. آئون پنهنجي ڳالهه ڪنديس، پنهنجي گهر جي ڳالهه ڪنديس ته جڏهن ٻار وڏا ٿا ٿي وڃن ته پوءِ چئني پاسن کان وقت ڏيڻو ٿو پوي. اوڙي پاڙي جي حساب سان اٿڻو ويهڻو پوندو آهي. اسان جو پاڙو تمام سٺو آهي ۽ ان ڳالهه کان مطمئن آهيون. ڪنهن وقت ۾ منهنجي گهر ۾ اسٽوڊيو به هو ۽ ڪئسٽون رڪارڊ ٿينديون هيون. هن وقت جڏهن رياض ڪندي آهيان ته دل ۾ خيال ايندو آهي ته ٻار ستا پيا آهن انهن جي ننڊ نه خراب ٿئي، هاڻي هيئن نه ٿئي، هاڻي هونئن نه ٿئي. پوءِ باجو کڻي ڊرائنگ روم ڏانهن وڃان. جيڪڏهن روزاني جي بنياد تي پروگرام ٿين ٿا ته پوءِ رياض جي گهڻي ضرورت نٿي رهي. ڇو ته اتي مسلسل رياض ٿيندو پيو آهي.
زاهده ابڙو: هڪ عورت گائڪا جي حيثيت سان توهان کي زندگي ۾ ڪي اهڙا چئلينج آيا هوندا جنهن جي ڪري توهان دل شڪسته ٿيا هوندا.
تاج مستاني: نه اهڙا ڪي گهڻا ته ناهن، شروع ۾ ته هر ماڻهوءَ کي ٿورا گهڻا چئلينج برداشت ڪرڻا پون ٿا. اسان جي وقت ۾ ميڊيا ايتري گهڻي متحرڪ ڪونه هئي. ايترا گهڻا چئنل ڪونه هئا، صرف پي ٽي وي هئي ۽ ريڊيو هو، ٽيون هو ته اسٽيج هو. اڄ ته هر ماڻهو پنهنجو چئنل کوليو ويٺو آهي. هاڻي وارن فنڪارن لاءِ ايتريون ڏکائيون ناهن، دنيا هر ڳالهه ۾ ترقي ڪئي آهي ۽ دنيا سان گڏ جيڪڏهن هلڻو آهي ته انهن سڀني شين کي به اختيار ڪرڻو آهي. مون کي پنهنجي شروعاتي وقت ۾ اها سپورٽ ملي جو مون ثقافت کاتي جي پليٽ فارم تان شروعات ڪئي، قلندر لعل شهباز جي اسٽيج تان. جڏهن مون راڳ سکيو پئي ته ڪجهه پروگرام ڪيا هئا درگاهن تي ته جيئن پنهنجو پاڻ تي ڀروسو قائم ٿئي. ان وقت ۾ قلندر شهباز جو ميلو ٽي ڏينهن هلندو هو. ان وقت ۾ باقائدي آڊيشن ٿيندا هئا، منهنجو به آڊيشن ٿيو. ممتاز مرزا صاحب جهڙو ڏکيو ماڻهو آڊيشن ڪري، ان ڳالهه کي آئون هڪڙو وڏو چئلينج تصور ڪريان ٿي. ٻه ڏينهن پهرين ڪيترن ئي وڏن وڏن فنڪارن پرفارم ڪيو، مون به پرفارم ڪيو هو، پر آخري ڏينهن تي وزيراعظم محمد خان جوڻيجو صاحب آيل هو، ان ڏينهن مون کي ممتاز مرزا صاحب چيو، ”تاج ٻه ڏينهن توهان پنهنجو ڌاڪو ڄمايو آهي اڄ توهان جو هن اسٽيج تي تعارف به ڪرائينداسين ته توهان جو تعلق هن ئي شهر سان آهي. ڇو ته ماڻهن کي خبر ڪونهي ته توهان ڪير آهيو، ڪٿان جا آهيو ۽ ٻيو ته اڄ آئون توهان کي وڏن وڏن ڇپن (فنڪارن) جي وچ ۾ اڇلائيندس.“ مون هن کي چيو ته سائين توهان مون کي جتي به موڪليندا آئون هلي وينديس. ان وقت مون کي اڃان ايتري آگاهي ڪونه هئي ته ڪهڙي فنڪار جي مٿان ڳائجي، ڪهڙي جي مٿان نه ڳائجي يا ان ۾ ڪير خراب محسوس ڪندو. مون کي اها خبر ڪونه هئي ته ڪنهن سينئر کي ان جي مٿان ڳائڻ برو لڳندو. ان وقت ۾ روبينا حيدري به ڳائيندي هئي اها به ان ميلي ۾ هئي، جلال چانڊيو به هو، آئون به هڪڙي آلي ڀولي نئين ڇوڪري هئس. پهرين ته پروگرام پنهنجي سٽاءُ مطابق هليو جنهن ۾ پهرين روبينا حيدري کي اماڻيو ويو، پوءِ جلال چانڊئي کي موڪليو ويو، جلال چانڊئي جو ته پنهنجو نالو هو ۽ پبلڪ ان جو اهڙو آڌر ڀاءُ ڪيو جهڙو ٿيڻ گهرجي. ٿيو ايئن جو ان جي مٿان مون کي موڪليو ويو. ممتاز مرزا مون کي چيو ته توکي اهڙي ڇپ جي مٿان موڪليندس جو آر يا پار. جلال چانڊئي جو انداز اهو هو جو هو ويهي پرفارم ڪندا هئا. منهنجي انداز ۾ اها جدت هئي جو مون بيهي پرفارم ڪيو، جيڪو پاس ٿيو ويو ۽ اڄ ڏينهن تائين منهنجي مٿان مهر لڳل آهي ته بيهي پرفارم ڪندي آهي. استاد فيروز گل مون کي چيو ته مان بيهي پرفارم ڪريان ۽ چيائين ته تو وٽ فقيري ساز آهي ۽ انهن فقيرن وانگر فقيراڻي انداز ۾ پرفارم ڪيان. مون ايئن ئي پرفارم ڪيو، ماڻهن لاءِ نئين ڳالهه هئي، ماڻهن ان کي تمام گهڻو پسند ڪيو ۽ ”ونس مور ونس مور“ جا آواز بلند ٿيڻ لڳا، مون کي اسٽيج تان لهڻ نه پيا ڏين. مون پنهنجو ڪلام پورو ڪيو ۽ اسٽيج تان لهي ويس. پوءِ ٿيو ايئن جو ماڻهن ڪنهن ٻئي فنڪار کي اسٽيج تي اچڻ نه پئي ڏنو. پوءِ جوڻيجي صاحب اسان جي سيڪريٽري حميد آخوند صاحب کي اشارو ڪيو ته مون کي ٻيهر اسٽيج تي گهرايو وڃي. پوءِ حميد صاحب مون کي هٿ کان وٺي اسٽيج تي آيا ۽ ماڻهن کي مخاطب ٿي چيائون ته توهان کي هڪڙي مزي جي ڳالهه ٻڌايان ته هيءَ ڇوڪري توهان جي شهر سيوهڻ جي آهي ۽ مزي جي ڳالهه ته هن آڊيٽوريم جي سامهون ئي سندس گهر آهي ۽ هن جو اصل نالو مختيار ناز آهي ۽ چيائون ته مون کي فخر پيو ٿئي ته توهان پنهنجي شهر جي فنڪاره کي ايتري سٺي موٽ ڏني آهي ۽ توهان جي فرمائش تي ٻئي ڪلام جي لاءِ مان کيس وٺي آيو آهيان. بهرحال پوءِ اها محفل ايئن ئي ختم ٿي وئي.
زاهده ابڙو: توهان ٻين شاعرن جي شاعري ڳائي آهي، توهان پاڻ به ڪڏهن شاعري ڪئي آهي يا نه.
تاج مستاني: نه شاعري ته نه چئجي، ڪڏهن ڪو لوڪ گيت جهونگاري ورتو پنهنجن لفظن ۾. اڳي ايئن ٿيندو هو جو لوڪ ڪلامن کي اسان جڏهن ريڊيو تي ڳائيندا هئاسين ته پوءِ انهن کي صحيح ڪندا هئاسين، پوءِ آئون چوندي هئس ته هاڻي هنن جي ڊاڪٽري ٿيندي.
زاهده ابڙو: هڪ فنڪاره جي حيثيت سان ڇا توهان اهو سمجهو ٿا ته سنڌي گائڪي ۾ ڪي نوان تجربا ٿيڻ گهرجن يا جيڪا روايتي موسيقي آهي اها ئي ايتري طاقتور آهي جو ان کي ايئن کڻي هلجي.
تاج مستاني: مون توهان کي پهرين ئي چيو ته جدت هر شيءِ ۾ اچڻ کپي. جيئن فوڪ ۽ پاپ ميوزڪ کي ملائي ڪري علڻ فقير ۽ محمد علي شهڪي جيڪا هڪڙي نئين شيءِ ڏني ۽ ماڻهن کي تمام وڻي. ايئن جيڪڏهن نواڻ آندي وڃي ته ان ۾ ڪا برائي ناهي. اسان جون پنهنجون شيون آهن جيڪڏهن اسان انهن کي نئين طريقي سان پيش ڪري سگهون ٿا ته ڪرڻ گهرجي، ان جي لاءِ اسان ۾ پاڻ ۾ ايتري صلاحيت هجڻ کپي ته اسين ان کي ڪيئن پيش ڪري سگهون ٿا. ان ۾ ايئن ناهي ته اسان جو بنيادي فريم ختم ٿي ويندو، اهو ته پنهنجي جڳهه تي قائم ۽ دائم آهي. اسان وٽ ڪيترائي فنڪار آهن جيڪي پنهنجي فوڪ انداز ۾ پرفارم ڪندا پيا اچن، پر ان ۾ نواڻ آڻڻ وارو به اهو ئي هوندو جيڪو ان موسيقي کي سمجهي سگهي ٿو. ڪو نئون ماڻهو ته نواڻ نه آڻيندو. آئون پاڻ به نواڻ آڻيندي آهيان مون بيٺي ڳائڻ سان گڏ ويهي به ڳايو آهي ۽ اهڙا پروگرام به ڪيا آهن ون مين شو جنهن ۾ سڄي سڄي رات ست ست ڪلاڪ پرفارم ڪيو آهي. اها به هڪڙي منهنجي لاءِ نواڻ هئي جيڪا اڄ منهنجي سڃاڻپ آهي. ثقافت کاتي وارا اسان کي گڏ پرفارم ڪرائيندا آهن ڪڏهن مون کي ۽ فهيم کي پرفارم ڪرائيندا آهن، ڪڏهن شوڪت کي ۽ مون کي گڏ پرفارم ڪرايو، ٻاهرين ملڪن ۾ ٽائيم جو مسئلو هوندو آهي، مصر ۾ اسان سڀني فنڪارن گڏ پرفارم ڪيو. اتي فرض ڪريو ته هڪڙي صوبي کي ڏهه منٽ مليا آهن ته پوءِ اتي ڊائريڪٽر جو به ڪمال هوندو آهي. ادا حبيب الله ڊائريڪٽر هئا، ان چيو ته هاڻي پاڻ هڪڙي ئي گروپ ۾ سڀني فنڪارن کي گڏ پرفارم ٿا ڪرايون.
زاهده ابڙو: توهان هينئر مصر جي ڳالهه ڪئي، ٻڌايو ته توهان ڪيترن ملڪن ۾ پرفارم ڪري چڪا آهيو.
تاج مستاني: ملڪ تمام گهڻا آهن ۽ مون کي هر ملڪ ۾ پرفارم ڪرڻ ۾ سٺو لڳو آهي. ڪٿي به مون کي ايئن نه لڳو ته هتي پرفارم ڪرڻ کانپوءِ مزو نه آيو هجي، ٻڌندڙن داد نه ڏنو هجي، پر ان جي ڀيٽ ۾ منهنجو پهرين جرمنيءَ جي دوري وارو تجربو جنهن ۾ مون کي داد مليو ان منهنجي همت کي مضبوط ڪيو ۽ محسوس ٿيو ته ٻاهرين ملڪن جا ماڻهو ته اسان جي موسيقيءَ مان وڌيڪ لطف اندوز ٿين ٿا ۽ اهي اسان جي رڌم، اسٽائل ۽ بيٽ کي پسند ڪن ٿا. اتي به ماڻهو اسان جي موسيقيءَ تي مست ٿيو وڃن، اهي ته اسان جي ٻولي نٿا سمجهن، پر هو بيٽ کي محسوس ڪن ٿا.
زاهده ابڙو: توهان جي ذاتي زندگي ۽ فنڪاراڻه زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪو ٽڪراءُ ٿيو هجي، هڪ ماءُ جو، هڪ فنڪاره جو يا هڪ زال جو ۽ هڪ فنڪاره جو.
تاج مستاني: بلڪل نه ٿيندو آهي، مون کي ڪڏهن اهو محسوس نه ٿيو آهي. ڏسو اهو آئون پنهنجي ذات تي پئي ڳالهايان. توهان کي ٻڌايان ته آئون پنهنجي ڇهن مهينن جي ٻار کي ڇڏي به ٻاهرين ٽوئر تي وئي آهيان. منهنجو گهر وارن واپسي تي سٺو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ هميشه منهنجو ساٿ ڏنو.
زاهده ابڙو: توهان هڪ فنڪاره آهيو ۽ توهان جو مڙس به ريڊيو سان وابسته آهي ڪڏهن توهان کي هڪٻئي جي لاءِ ڪو حسد محسوس ٿيو آهي.
تاج مستاني: نه بلڪل به نه آئون ته ڪڏهن اهو ذڪر به ناهيان ڪندي. هر ماڻهو جي الڳ فيلڊ آهي، اهو چاهي منهنجو مڙس هجي يا اولاد مان ڪو هجي. جيڪڏهن منهنجي ئي فيلڊ مان ڪو گهر جو فرد فالوو ڪري ته ان تي آئون ڪجهه ڪڇي سگهان ٿي، پر ٻي ڪنهن فيلڊ تي آئون ڪجهه نٿي چئي سگهان. ها شهرت تي توهان کي ٿورو گهڻو مان ٿيندو آهي چاهي اهو فيملي مان ڪنهن کي به ملي.
زاهده ابڙو: توهان نوجوان ڇوڪرين کي سکيا ڏيڻ لاءِ ڪو پروگرام سوچيو آهي.
تاج مستاني: مون کي مهراڻ آرٽس ڪائونسل ۾ ثقافت کاتي هڪ استاد جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي. ٿيندو ايئن آهي جو اهڙن معاملن ۾ ماڻهو زور لڳرائي اهڙيون جايون وٺندا آهن. مون اهڙي ڪا گهر ڪونه ڪئي هئي، آئون هڪ دفعو مهمان جي طور اتي وئي هئس ته هنن مون کي اتي ٽيچنگ جي آفر ڪئي هئي، پر منهنجا ٻار ننڍڙا هئا ان ڪري مون اها آڇ قبول نه ڪئي.
زاهده ابڙو: هن گائڪي جي ميدان ۾ جيڪي نيون فنڪارائون اچن ٿيون توهان انهن کي ڪو پيغام ڏيڻ چاهيندوَ؟
تاج مستاني: آئون ته اهو ئي چوندس ته بابا پنهنجو پاڻ کي اهڙو تيار ڪري پچائي اچو ۽ پنهنجي فن تي ايترو عبور حاصل ڪريو جو اڳيون ماڻهو توهان کي پاڻ سڏي. جيئن مون توهان کي ٻڌايو ته سيوهڻ جي اسٽيج تي پرفارم ڪرڻ کانپوءِ مون کي ڪوريج ملي ۽ مون کي چئنلن پاڻ سڏيو، پي ٽي وارن پاڻ سڏيو، ريڊيو وارن پاڻ گهرايو، مون ڪا سفارش ڪونه لڳرائي. منهنجي اها ئي صلاح آهي ته اهي فنڪارائون ايترو تيار ٿين جو انهن کي ادارا پاڻ سڏرائين.
***



