بلاگنئون

موسمياتي تبديليون ۽ بين الاقوامي ادارن جون پاڪستان جهڙي غريب ملڪ ڏانهن ذميداريون

9 جنوري 2023 تي جنيوا ۾ ٿيل ڊونرز ڪانفرنس پاڪستان جي دوست ملڪن کي ان ڳالھ جي درخواست ڏني هئي ته اهي پاڪستان جهڙي غريب ملڪ جي موسمياتي چيلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ خاطر خواهه مدد ڪن ته جيئن پاڪستان جهڙن غريب ملڪن جون موسمي ڏمرن جي ڪري جيڪي معيشتون، زراعتون ۽ صنعتون تباھ ٿين ٿيون، انهن جي ٻيهر بحالي ممڪن ٿي سگهي. غريب ملڪ ۾ شهري توڙي ٻهراڙيءَ جي نظامن جي خرابي ۽ ڀُتي هجڻ جي ڪري ماڻهن جي زندگي آزار ۾ آهي، ڇو ته بارشون رڳو وسن نٿيون، پر تباهي مچائي پوءِ پاڻي وهائي ٿيون وڃن، جنهن جي ڪري عام ماڻهن جو مال متاع، گهر گهاٽ ۽ ٻار ٻچا لڙهي هليا ٿا وڃن ۽ رياست ۾ اهڙي سگهه نٿي هجي ته هو عام ماڻهن جي چڱائي ڪري سگهي يا انهن جي نظامن جي بحالي ڪري سگهي. گذريل نومبر ۾ ٿيل عالمي ڪانفرنس ان ڳالھ جي بهتري طرف هڪ راھ ۽ اشارو هئي ته هاڻي پاڪستان ان ڏس ۾ اڪليو ناهي ۽ اهي سڀ ملڪ پاڪستان جهڙن ٻين غريب ملڪن کي به جائز امداد جي آڇ ڪندا رهندا. اسان جهڙن ملڪن ۾ هڪ ڏچو ضرور آهي ته اهي هر سال ججهي مقدار ۾ بارشن جي ٿي پوڻ جي ڪري وري ٻيهر نظامن جون بحاليون نٿا ڪري سگهن. اسان جهڙا ٻيا ملڪ به آبهوا جي مطابقت سان پنهنجون زراعتون، صنعتون ۽ وري خراب ٿي پوندڙ معيشتون سنڀالي نٿا سگهن. گڏيل قومن جي اهڙي اجلاس (ڪانفرنس) ۾ هڪ دستاويز پيش ڪيو ويو هو ته جيئن اهي 20 امير ترين ملڪ انهن غريب ملڪن جي معيشتن جي بحالي جي لاءِ ڪم ڪري سگهن. ان پروگرام ۾ اهو به چيو ويو هو ته اهي 20 غريب ترين ملڪ جن ۾ آفريڪا جي ملڪن سميت افغانستان، بنگلاديش ۽ پاڪستان به شامل هئا، جن ۾ شديد بارشن کانپوءِ “رڪوري، ريهيبليٽيشن، ري ڪنسٽرڪش ۽ سسٽمز جي ريزيليئنس” ممڪن ڪري سگهجي، ان ڪري ته شهري توڙي ڳوٺاڻا سسٽم ايترا ته ڪمزور ٿين ٿا، جو اهي جيڪڏهن تيز بارشن جي نظر ٿي ٿا وڃن ته وري انهن جي بحالي مشڪل ٿي پوي ٿي ۽ بارشن کانپوءِ وبائن جي منهن ڪڍڻ جي ڳالھ وري ٻي هجي ٿي.

بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ ان ڳالھ تي به زور ڏنو ويو هو ته ترت اپائن ۾ سڀ کان اول ماڻهن جي زندگي ۽ سندن مال متاع ۽ معاش جي ذريعن کي ٻيهر بحال ڪيو وڃي، جنهن ۾ مصيبت اها به هوندي آهي ته جيڪي بارشن جي ڪري ڪينال، نديون، واھ، واهڙ، نيهون ٽٽي ٿيون پون، انهن جي ڪري جيڪي زرعي زمينون پاڻي هيٺ اچن ٿيون، انهن زمينن تان پاڻيءَ جي نيڪال جا وسيلا پيدا ڪرڻ يا پاڻيءَ جا ممڪن لنگھ ڪڍڻ مشڪل ٿي پوي ٿو، ان ڪري ته جيستائين پاڻي وهي وڃي ۽ زمينون آجيون ٿين، تيستائين فصلن جي مند ٽري ٿي وڃي. ان ڪري ته خريف جا فصل زمينن تي بيهن ئي 40 ڏينهن ته وري ان پاڻيءَ کي نيڪالي ڏيڻ ۾ مهينن جا مهينا لڳي ٿا وڃن ۽ پاڻيءَ جي نه نڪرڻ جي ڪري اهي ماڻهو متاثر رهن ٿا. ٻيو ته جيڪي ماڻهو بارشن جي ڪري معاش جا ذريعا ۽ روزگار وڃائي ٿا ويهن، انهن کي سڀ کان پهرين ان بک ۽ بدحاليءَ مان ڪڍيو وڃي ۽ انهن جي معيشت بحال معنيٰ ملڪ جي معيشت بحال. انهن جي فصلن جي ٻُڏي وڃڻ جي ڪري ۽ مال متاع جي دربدر ٿيڻ جي ڪري، اهي ماڻهو وڌيڪ پريشانين کي منهن ٿا ڏين. ٻيو ته روڊ رستن جي ٻڏي وڃڻ جي ڪري ۽ گهڻي ڀاڱي انهن روڊ رستن جي ٽٽي وڃڻ جي ڪري فزيڪل اسٽرڪچر وري تباھ ٿي ٿا وڃن، جنهن جي لاءِ حڪومت تي اهو به ضروري هجي ٿو ته سرڪار انهن روڊ رستن کي وري بحال ڪري ۽ زندگي وري روان دوان ڪري سگهجي، ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا بحال ڪري ۽ سڀ کان وڌيڪ انهن علائقن ۾ سماجي بندوبست خراب ٿي ٿا وڃن، جن جي بحالي سرڪار جي مٿان عائد ٿي ٿئي ته وقت جي سرڪار اهي سڀ ڪم وقت سِر ڪري وٺي ته جيئن ماڻهن جي زندگي ٻيهر بحال ڪري سگهجي.

آبهوا جي بگڙجندڙ صورتحال کي بهتر ته نٿو ڪري سگهجي، پر جيڪي به حفاظتي اپاءُ ٿين ٿا، انهن جي مضبوطي ۽ وقت سِر بحالي سرڪار جي اوليت هجڻ گهرجي، ان ڪري ته نظامن جي بحالي وري سالن جا سال کائي ٿي وڃي. مثال پوئين سالن ۾ جيڪي تباهيون ٿيون جيڪي غريب ماڻهن جا گهر ڊهي پٽِ پئجي ويا، انهن جي بحالي ۽ وري مرمت (ڪنسٽرڪشن) ممڪن ناهي ٿي سگهي. ان ڪري بين الاقوامي طور تي اهي امير ترين ملڪ اسان جهڙن ملڪن جي اهڙي طريقي يا انهن موقعن تي مدد ڪري سگهن ٿا جنهن ۾ ترت اپاءَ وٺڻ سان گڏوگڏ اهي سڀ شيون “پرو ايڪٽو” ٿي ڪري ڇڏجن، جن ۾ پاڻي جا وهڪرا ۽ پاڻي جي نيڪال جا سسٽم بهتر ڪجن، جنهن سان اهو ٿيندو ته جيڪو پاڻي بارشن جي صورت ايندو، اهو وقت سر نڪري به ويندو، پر اتي ڊيمن جي اڏاوت لاجيڪل ناهي ته بارشن کي ڊيم روڪي به سگهندا يا جيڪي بارشون لاڙڪاڻي، سکر، خيرپور ۽ حيدرآباد ۾ ٿين ٿيون انهن جو پاڻي ڪيڏانهن وڃي يا ڪراچي جي بارشن جو پاڻي ته سمنڊ ۾ وهائي به ڇڏجي يا شهر جي پڪي هجڻ جي ڪري بارشون گهڻا نقصان نٿيون ڪن، پر اهي علائقا جيڪي آهن ئي ڪچا جن ۾ زرعي زمينن جي ڪري يا زميني قبضن جي ڪري پاڻي جا وهڪرا متاثر ٿين ٿا، مورڳو هجن ئي نٿا ته انهن وٽ اهڙا اپاءُ ڪيئن وٺجن يا ايترو تڪڙو پاڻي جو نيڪال ڪيئن ممڪن ڪجي؟

ان ڪري سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ وقت جي ضرورت اها به آهي ته سسٽم بهتر ڪيا وڃن، پلاننگ ڪئي وڃي، پاڻي جا رستا نه روڪجن، گٽرن جي بحالي انهن ڪچن علائقن ۾ ممڪن ڪجي، ڪينالن، دريائن، واهن، واهڙن، نيئن ۽ ٻين واٽرن جا رستا آسان بڻايا وڃن ته جيئن بارش جو پاڻي بيهي نه سگهي، پاڻي جي اڳواٽ جوڙيل وهڪرن کي وڌيڪ اونهو ۽ ويڪرو بڻايو وڃي، ايريگيشن سسٽم ۾ جيڪي به آپريشنل سڌارا ممڪن ٿي سگهن اهي ڪجن، درياءَ جي بندن جي نگراني ۽ مرمت جا ڪم وقت سر ايمانداريءَ سان ٿيڻ گهرجن، پاڻي جا نالا اهڙي نيٽورڪ جي صورت ملائي پاڻي کي محفوظ رستا بڻائي ڏنا وڃن. غريب ملڪ هونئن ته جنيوا ۾ واعدو ڪري آيا هئا ته اهي آپريشنل سڌارا ضرور آڻيندا، جنهن ۾ بنيادي نظام بهتر ۽ مضبوط ڪندا جنهن ۾ اهي وهندڙ پاڻي ڪنهن به آباديءَ کي متاثر نه ڪري سگهن. مثال طور: اداراتي، ريگيوليٽري ۽ پاليسي جي طور طريقن تحت خاص طور تي آپريشنل سڌارا آندا ويندا. جيئن جنيوا ۾ پيش ڪيو ويو هو، ابتدائي طور تي واعدا ڪيا ويا هئا ته ڀائيواري واري ۽ جڙيل نمومي اهي سڀ شيون ممڪن ڪبيون.

سڌارن جي حوالي سان سڀ کان پهرين پوسٽ ڊزاسٽر نيڊس اسيسمينٽ PDNA جي 4.8 سيڪڙو جي نقصان جو اندازو لڳايو هو، جنهن ۾ 94 ضلعا شامل هئا جن مان 25 اهڙا ضلعا به هئا جيڪي گهٽ ترقي يافته هئا ۽ انهن ضلعن مان 18 شامل نه هئا جيڪي اڳ ۾ ئي SDGs سسٽينبل گلوبل گولز جي حوالي کان تمام گهڻو پوئتي آهن. ان اسيسمينٽ ۾ مجموعي نقصان جو اندازو 30.2 بلين ڊالر لڳايو ويو هو يا 152 بلين ڊالرن جي امداد جنهن جي پاڪستان کي 2023-2030 جي وچ ۾ ضرورت پوندي، ورلڊ بئنڪ جي تازي ملڪي موسمي ۽ ترقي جي رپورٽ مطابق CCDR اندازو لڳايو آهي ته پاڪستان کي آفت جي تياري لاءِ 86 بلين ڊالر، پاڻي ۽ صفائي لاءِ 55 بلين ڊالر ۽ صاف توانائي لاءِ 85 بلين ڊالر جي ضرورت پوندي. اهي انگ اکر ٿي سگهي ٿو اڃان به وڌي وڃن، جيڪي نظام جي خرابين جي ڪري ۽ آبهوا جي سبب وڌيڪ آفتون آڻي سگهن ٿا. اها اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ته جيڪڏهن پاڪستان رد عمل واري طريقي سان ڪم ڪيو ته اهي لاڳاپا وڌيڪ بهتر ٿي سگهن ٿا. ايندڙ اجلاس ۾ اميد آهي ته اهي امير ۽ ذميدار ملڪ اسان جي وڌيڪ مدد ڪندا.

مضبوط ۽ فعال طور تي ڪم ڪرڻ لاءِ معيشت ۽ زراعت جي بحاليءَ جي سڀ کان وڌيڪ تڪڙي ضرورت پوندي. ان ۾ تقريبن 46 بلين جي مجموعي طور تي سيلاب سان لاڳاپيل نقصان جي وصولي لاءِ مدد شامل ھئي PDNA ۽ ورلڊ بئنڪ جي CCDR ۾ رپورٽ ڪيل مجموعي نقصانن جي مقابلي ۾ اهي تخمينه معمولي آهن، پر موجوده عالمي معاشي ماحول ۾ اڃان به تمام وڏا آهن ته جيئن تيار ڪيل واعدن جي اميد رکي سگهجي. پاڪستان جي ڪريڊٽ لاءِ 2010 جي ٻوڏ کانپوءِ آفت جي خطري جي انتظام ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ ناڪامي کي تسليم ڪيو ۽ مڃيو ته بنيادي سياسي ۽ معاشي عدم استحڪام آفت جي اثرن کي وڌائي رهيو آهي ۽ بحالي کي گهٽائي رهيو آهي. اهو پڻ تسليم ڪيو ويو ته لچڪدار ۽ موافقت وارو انفرااسٽرڪچر، ڪميونٽي ۽ گورننس قوم جي موسمياتي آفت ۽ غربت جي چڪر کي ٽوڙڻ لاءِ اهم آهن. پاڪستان جا نقصان واضح طور تي موسمياتي تبديليءَ سان جڙيل آهن. عالمي بحث به اهڙن خيالن ڏانهن وڌيو آهي، جيئن صرف ماڻهن جي منتقلي، آبهوا جو گهربل انصاف، ٻوڏن جا نقصان ۽ ايستائين جو قرضن جي بحالي ۽ معافي، قرض جي ادل بدل ۽ گهڻ طرفي ترقياتي بئنڪن کي سڌارڻ شامل آهي. ان جي باوجود پاڪستان لاءِ ضروري آهي ته هو پنهنجي اميدن جو بنياد ڪجھ ڳالهين تي رکي جنهن ۾ موجوده وقت ۾ سخت مالياتي گنجائش سبب آءِ ايم ايف سان ڳالهين جي پيچيدگيءَ کي آسان ڪري، امڪاني غير ملڪي ڀائيوارن طرفان فوري فيصلن جي تڪڙي وضاحت نه ڪري.