نئونناول هائپرسومنيا (ناول: باب يارهون) April 8, 2024 Zahida Abro عبدالرحيم جي زندگيءَ جا ڏينھن اداسيءَ ۾ گذري رھيا ھئا، ويڳاڻپ کيس ڪنھن وبا جيان لڳي وئي ھئي… ھو بي ترتيب ٿي ويو ھو، کيس پنھنجي بي ترتيبيءَ کان مونجهه ٿيڻ لڳي ھئي، اھا مونجهه ھن پنھنجي ساھن ۾ محسوس ڪئي ته، ھڪ منجهند جو ماريه کان پڇيائين: ”زندگي صرف ترتيب سان ساھه کڻڻ جو نالو آھي ڇا!؟“ ماريه سندس اھڙي غير متوقع سوال تي اچرج ۾ اچي وئي ۽ پنھنجي چھري جي ڀاونائن کي لڪائيندي لڪائيندي خاموش ٿي وئي ھئي، پر عبدالرحيم جي سواليه نگاھن کيس وڌيڪ خاموش رھڻ نه ڏنو ھو. ”نه.“ ھن کيس مختصر جواب ڏنو. ھوءَ سندس متعلق سوچڻ لڳي ھئي ته، اڪيلو رھي رھي نيٺ ماڻھو چريو ٿيڻ لڳندو آھي… ٻي گهڙيءَ ھن ويچاريو ته، ممڪن آھي ته ائين نه به ھجي ھر ماڻھوءَ تي اڪيلائي الڳ الڳ نموني آشڪار ٿيندي ھوندي، ڪنھن کي چريو ته ڪنھن کي پنھنجي ذات ۽ ڪائنات جي تخليق تي غور فڪر ڪرڻ جو ڏَس ڏئي، ڏاھو ڪندي ھوندي… پر… پر عبدالرحيم کي اڪيلو نه رھڻ گهرجي، اھڙي ڏاھپ ڪھڙي ڪم جي جيڪا ماڻھوءَ کي ماري وجهي!؟ عبدالرحيم ڪمري مان ٻاھر نڪرڻ لڳو ھو ۽ ماريه کيس ويندو ڏسي، سندس اندر جي خوفناڪ اڪيلائيءَ کان گهٻرائجي وئي ھئي. ھن ھڪدم کيس چئي ڏنو ھو ته: ”اڪيلائي ھڪ قسم جي اذيت آھي، دوست ٺاھجن!“ عبدالرحيمَ سندس ڳالھه ٻڌي، مسڪرائي ڏنو ھو، سندس مرڪ ۾ بي وسي ھئي. ماريه سمجهي چڪي ھئي ته، عبدالرحيم نوان دوست ٺاھڻ جي ذھني حالت ۾ بلڪل به ناھي ۽ نه ئي پنھنجن پراڻن دوستن سان رابطي ۾ رھڻ چاھي پيو، تنھنڪري ھوءَ کيس وڌيڪ پنھنجو ساٿ ڏيڻ لڳي ھئي… پر کيس عبدالرحيمَ جي ھڪ ڳالھه ھميشه ياد رھجي وئي ھئي ته: ”پراڻي روڳ جو علاج پراڻا دوست ئي ھوندا آھن!“ جڏھن ھن کانئس پڇيو ھو ته: ”پراڻو روڳ مطلب!؟“ ته کيس وراڻيو ھئائين: ”منھنجي مرادَ قابلِ رحم اڪيلائي آھي!“ ”سڀاڻي لاريب آرٽ گئلريءَ ۾ نمائش آھي، ھلنداسين!“ ماريه کيس شام جو ان گهڙيءَ چيو ھو، جنھن گهڙيءَ ھو خواب ۾ ڀڄي ويندڙ ان ڀوري ٻليءَ تي سوچي رھيو ھو… جنھن جي جدائيءَ کيس اداس ڪري ڇڏيو ھو. ”ڪھڙي قسم جي نمائش آھي!؟“ ھن کانئس پڇيو. ”مصوريءَ جي.“ ان کانپوءِ، ھوءَ ان ڏينھن جي اخبار ۾ ڪالم پڙھڻ لڳي وئي ھئي، جنھن ۾ رليون سبندڙ عورتن جي اجوري بابت سوال اٿاريل ھئا. عبدالرحيم چھري تي مرڪ آڻيندي، کيس چيو: ”ٺيڪ آھي.“ ھن کيس ھلڻ لاءِ ”ھا.“ ته ڪئي ھئي، پر سوچي رھيو ھو ته، وڃي يا نه وڃي…؟ ڇاڪاڻ جو هو ماڻھن کان پري پري رھڻ لڳو ھو، کيس ماڻھن جي ميڙ ۾ ھڪ قسم جي بي چيني ٿيڻ لڳندي ھئي، اھا بي چيني کيس گهٽَ جو احساس ڏياريندي ھئي، اھا بي چيني ۽ اھا گهٽ کيس وڌيڪ تنھا ڪري رھي ھئي، جيڪا کيس پنھنجي بدلجندڙ مزاج جي ڪري ٿي رھي ھئي… انھيءَ ڪري ئي پنھنجي ڳوٺ ۾ به ڪنھن ماڻھوءَ سان نه مليو ھو… پنھنجي ڳوٺ ۾ ڪنھن سان به نه ملڻ جو کيس ڏک ھو… اھو ڏک سندس روح جي چؤطرف ائين رھڻ لڳو ھو، جيئن سرد موسم ۾ ڪنھن اڪيلي وڻ جي چئني پاسي ڪوھيڙو رھندو آھي. ٻيو ڏينھن آچر جو ھو، ۽ نمائش چئين وڳي ٿيڻي ھئي، پر کين نڪرندي نڪرندي دير ٿي وئي ھئي. آرٽ گئلري پراڻي عمارت جھڙو ڏيک ڏئي رھي ھئي، گئلري ۾ داخل ٿيندي ئي کين ڪيترائي ٻوٽا نظر آيا، سورج مکيءَ جي ٻوٽن جي ڀرسان ھڪ وڏو مجسمو رکيل ھو. عبدالرحيم کي دير سان پھچڻ جو احساس ھو، ڪجهه پينٽگس اسٽينڊ تي رکيل ھيون ۽ باقي ديوار سان لڳايل ھيون، گئلريءَ ۾ جهجها ماڻھو ھئا… ڪي پاڻ ۾ ڪچھري ڪري رھيا ھئا ته، ڪي ڪنھن ھڪ پينٽگ جي ڀرسان بيٺي ان تي ڳالھائي رھيا ھئا. ايترن ماڻھن جي ھوندي به گئلريءَ جو ماحول سانت سلھاڙيل ھو، انھيءَ عبدالرحيم جي مزاج ۾ خوشگواريت ۽ دلچسپي پيدا ڪئي ھئي… سندس دلچسپي ان وقت وڌي وئي ھئي، جڏھن ھڪ بيحد خوبصورت عورت جنھن سان گڏ ٻه ٻيون عورتون به ھيون، سي ان ھال ۾ داخل ٿيون، جنھن ۾ عبدالرحيم موجود ھو. ھوءَ رقاصه ھئي، عبدالرحيم کيس سڃاڻي ورتو ھو، ھن پنھنجن دوستن سان گڏ سندس رقص ڪيترائي ڀيرا ڏٺو ھو ھڪ لمحي جي لاءِ ھو حال مان ماضيءَ ۾ ھليو ويو ھو، کيس اھي ساريون محفلون ياد آيون، جيڪي سندس رنگين زندگيءَ جون يادگار ھيون… پر کيس انھيءَ جو علم نه ھو ته، انھن محفلن ۾ بي جا الڪوھل واپرائڻ سندس طبيعت کي خطرناڪ حد تائين متاثر ڪيو ھو… ۽ پوءِ الپرازولام سندس زندگيءَ جي ڪايا پلٽي ڇڏي ھئي. گئلريءَ ۾ عبدالرحيم ۽ ماريه ٿوري دير ھڪٻئي سان گڏ رھيا ۽ پوءِ الڳ ٿي ويا ھئا، عبدالرحيم پنھنجي سوچن جي پوپٽن سان پينٽگس ڏسندو رھيو. جنھن وقت ھو ھڪ ٻار جي پينٽگ وٽ بيٺو ھو، جنھن جي ھٿ ۾ ڪي ئي ڦوڪيل ڦوڪڻا ھئا ته، ھڪ آواز سندس ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪايو، وڏي عمر جو ھڪ ماڻھو، جنھن جا اڇا وڏا وار پونيءَ ۾ ٻڌل ھئا، پنھنجي ڀرسان بيٺل ٻن ڇوڪرين ۽ ھڪ ڇوڪري سان ڳالھائي رھيو ھو: ”ھر پينٽنگ ۾ ھڪ پيغام ته ضرور ھوندو آھي، پر ھر پينٽنگ اسان کي سوچڻ تي مجبور ڪندي آھي، مصور پنھنجي فن جي وسيلي اسان کي بيدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آھي!“ ھو کيس ڳالھائيندو ڇڏي اڳتي وڌي ويو ھو… اڳتي ھن ھڪ ٻيو جملو ٻڌو: ”ھر پينٽنگ ۾ ھڪ ڪھاڻي ھوندي آھي!“ ھن ڳالھائيندڙ ڏانھن نھاريو، ھو ھڪ نوجوان ھو، جيڪو پاڻ سان گڏ بيٺل عورت سان ڳالھائي رھيو ھو… عبدالرحيم ان تان نگاھه ھٽائي، ان پينٽگ تي وڌي ته حيران رھجي ويو ھو، مٿس اداسيءَ جي بارش ٿيڻ لڳي ھئي، ھو چپ ٿي ويو ھو. انھن جي اتان کان اڳتي وڌي وڃڻ کانپوءِ ھو ان ساڳي پينٽنگ کي ڪا دير ڏسندو رھيو، ۽ ٻين ماڻھن کي ھو ھڪ مجسمي جھڙو ڏيک ڏئي رھيو ھو. ان پينٽگ ۾ زمين تي ٻه پکي ھئا، ھڪ جيئرو ۽ ٻيو مئل. ان پل ماريه سندس ڀرسان اچي بيٺي ھئي، جنھن پل ھن سندس موجودگيءَ کي محسوس ڪيو ته، جھڙوڪر پاڻ زنده ٿي پيو ھجي… ۽ کيس چيائين: ”پينٽنگ ذھني دٻاءُ گهٽ ته ڪندي آھي، پر ماڻھوءَ کي ڊگهي عرصي جي لاءِ اداس به ڪري ڇڏيندي آھي!“ ماريه سندس ڳالھه ٻڌي پينٽنگ ڏانھن ٻيھر ڏٺو، سندس انھيءَ ڏسڻ ۾ جيئري پکيءَ جي درد کي محسوس ڪرڻ ھو. ھو ان پينٽنگ کي پنھنجي اندر ۾ ھميشه لاءِ سمائي اڳتي ٻي پينٽگ ڏانھن وڌيا، اڳئين پينٽگ عبدالرحيم کي حيران ڪرڻ سان گڏ خوفزده پڻ ڪري ڇڏيو ھو. ماريه سندس اکين ۾ انھيءَ خوف کي محسوس ڪيو ته، کيس چيائين: ”ھن پاسي عجائب گهر آھي، اچ ان طرف ھلون ٿا.“ پر عبدالرحيم عجائب گهر ۾ وڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ کيس چيائين ته: ”مان گهر ھلان ٿو، تو کي ڊرائيور کڻڻ ايندو!“ گهر ڏانھن ايندي عبدالرحيم ان آخري ڏٺل پينٽگ بابت سوچي رھيو ھو، جنھن ۾ ھڪ پکي ھو ۽ ٽي ٻليون ھيون، جيڪي ان جو شڪار ڪرڻ لاءِ آتيون ھيون. *** Post Views: 171