خاصنئونناول

سمرقند (قسط ايڪٽيهين)

ترجمو: زاهده ابڙو
خواب ۾ مصروف شهر مان سُستيءَ جا آواز اٿڻ لڳا. تپندڙ اُس ۾ دز چمڪي رهي هئي. اهو هڪ واندو ايراني ڏينهن هو، سُڪل زردالن سان پڪل ڪُڪڙ جو پڪوان، ٿڌو شيرازي شراب، ۽ منهنجي هوٽل جي ڪمري جي بالڪوني تي هڪ رنگين اُس ڇٽيءَ جي ڇانو ۾ پٽ تي ليٽيل ٻنپهرن جي ننڊ، منهنجو رومال ۾ ڍڪيل چهرو.
ان جي باوجود، پهرين مئي 1896 جي ان ڏينهن شام جي هلڪي اونداهيءَ وقت ڪنهن جي زندگيءَ جو چراغ وسامڻ وارو هو، ۽ ڪا زندگي شروع ٿيڻ واري هئي.
منهنجي در تي ڪجهه ڪاوڙ ۾ ۽ مسلسل ڌڙ ڌڙ ٿي. آخرڪار اها منهنجي ڪنن تائين پهچي ئي وئي. مون هڪدم پنهنجا قدم اڳتي وڌايا ۽ پيرين اگهاڙو اُٿي بيهي رهيس، منهنجا وار وارن سان چهٽيل هئا ۽ مُڇون ميڻ کان عاري هيون. مون کي هڪ ويڪري اڇي رنگ جي قميض پاتل هئي، جيڪا مون هتان ئي شهر مان خريد ڪئي هئي. منهنجون بي جان آڱريون دروازي جي ڪُنڍي ڳولهڻ لڳيون- فاضل ڌڪو ڏئي دروازو کوليو، مون کي ڌڪو ڏيڻ کانپوءِ واپس دروازو بند ڪيو ۽ مون کي ڪلهن کان جهلي ڌونڌاڙڻ لڳو-
“جاڳ! سوا ڪلاڪ اندر تون مرده ماڻهو هوندين!”
ڪجهه ٽٽل ڦٽل جملن ۾ جيڪا ڳالهه فاضل مون کي ٻڌائي، اُها، اها خبر هئي جيڪا سڀاڻي ٽيليگراف جي جادوءَ ذريعي سڄي دنيا کي معلوم ٿيڻ واري هئي-
شاهه جمعي جي نماز پڙهڻ شاهه عبدالعظيم جي درگاهه ويو هو- هو سون جي تارن، زمرد ۽ فيروزي سان جڙيل ڪنارين ۽ پرن جي ٽوڪريءَ وارو مجلسي لباس پائي ويو هو، جيڪو هن پنهنجي جلوس جي سالگرهه لاءِ خاص تيار ڪرايو هو. هن نماز ادا ڪرڻ لاءِ درگاهه جي هڪ وڏي ڪمري جي جاءِ جي چونڊ ڪئي ۽ اتي سندس پيرن هيٺان هڪ قالين وڇايو ويو. رڪوع ۾ وڃڻ کان پهرين هن پنهنجون اکيون پنهنجن زالن طرف وڌيون ۽ کين پنهنجي پٺيان صف ٺاهڻ جو اشارو ڪيو ۽ پنهنجن ڊگهين ڊگهين مخروطي مُڇن کي سڌو ڪيو، جيڪي نيري روشنيءَ ۾ اڇيون نظر اچي رهيون هيون، جڏهن ته وفادارن ۽ ملن جو هجوم پهريدارن سان ڌڪ ڌڪان ڪندو رهيو، جيڪي کيس قابو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا- ٻاهرئين اڱڻ مان رڙين جا آواز اڃا تائين اچي رهيا هئا- شاهي بيگمات اڳيان وڌيون- هڪ ماڻهو درويش جي روپ ۾ اوني لباس اوڍي خفيه طور انهن جي وچ ۾ اچي شامل ٿيو- سندس اڳيان نڪتل هٿ ۾ هڪ ڪاغذ هو- شاهه پنهنجي دوربين لڳائي ان کي پڙهڻ چاهيو- يڪدم هڪ ڌماڪو ٿيو- ڪاغذ جي پٺيان هڪ پستول لڪل هو- گولي ٺيڪ شاهه جي دل ۾ لڳي، ان هوندي به هو ڀُڻڪيو: “مون کي سهارو ڏيو،” ۽ اهو چوندي ئي هو پنهنجي قدمن تي بيهي نه سگهيو ۽ هيٺ ڪري پيو-
ان عام انتشار واري حالت ۾ وزيراعليٰ جا حواس ئي سڀ کان پهريان پنهنجي جاءِ تي آيا ۽ رڙ ڪري چيائين: “سڀ ڪجهه صحيح آهي- بس معمولي زخم آهي!” هن ڪمرو خالي ڪرايو ۽ شاهه کي شاهي سواريءَ ۾ آندو ويو- پوئين سيٽ تي پيل لاش تي هو تهران جي سڄي رستي تائين پکو هڻندو رهيو، ائين ڄڻ شاهه هاڻي بس اٿي ويهي رهندو- انهيءَ دوران هن ولي عهد شهزادي کي تبريز کان گهرايو جتي هو واليءَ جي حيثيت سان مقرر ٿيل هو-
درگاهه ۾ شاهه جي زالن قاتل مٿان حملو ڪري ڏنو ۽ ان کي ڏاڍو رسوا ڪيو ۽ مار ڏني- هجوم سندس ڪپڙا ڦاڙي جسم کان ڌار ڪري ڇڏيا، ڪرنل ڪساڪووسڪي جيڪو قازڪ برگيڊ جو ڪماندار هو، ان کي بچائڻ جي لاءِ يا ائين کڻي چئجي ته مٿس پهرين جرح لاڳو ڪرڻ لاءِ مداخلت ڪئي- عجيب ڳالهه اها آهي ته قتل ڪرڻ وارو هٿيار پنهنجي جاءِ تان غائب ٿي چڪو هو- چيو وڃي ٿو ته اهو ڪنهن عورت اتان چوري ڪري پنهنجي برقعي ۾ لڪايو هو- ان عورت جو ڪڏهن به پتو نه پئجي سگهيو، ٻئي پاسي اهو ڪاغذ جنهن کي پستول مٿان ڍڪ وانگر استعمال ڪيو ويو هو، بازياب ڪيو ويو، قدرتي ڳالهه آهي، فاضل ان سڄي تفصيل کان مون کي آگاهي ڏني- سندس بيان ڏاڍو پورو پنو هو:
“هن چٻري مرزا رضا شاهه کي قتل ڪري ڇڏيو- سندس قبضي مان جمال الدين جو خط به برآمد ڪري ورتو- تنهنجو نالو به ان ۾ لکيل هو- پنهنجا ايراني ڪپڙا گڏ رک، نقد پئسا ۽ پاسپورٽ- ان کان علاوه ڪجهه به نه بس هتان ڀڄي نڪر ۽ آمريڪي لگيشن ۾ وڃي پناهه وٺ-”
مون کي جنهن شئي جو پهريون خيال آيو، اهو ان هٿ سان لکيل ڪتاب جو هو- ڇا ان صبح اهو رضا کي واپس ملي ويو هو؟ سچ ته اهو آهي ته مون کي پنهنجي صورتحال جي نزاڪت جو بلڪل به اندازو ئي ڪونه هو- رياست جي سربراهه جي قتل ۾ شريڪ، آئون جيڪو شاعرن جي اوڀر ۾ آيو هئس! بهرحال ظاهري شاهديون منهنجي خلاف هيون، اهي فريب سان ڀريل، گمراهه ڪندڙ ۽ بيهوده، پر رسوا ڪندڙ هيون- ڪهڙو مصنف يا محڪمي جو آفيسر مون تي شڪ نه ڪندو-
فاضل بالڪونيءَ مان نگراني ڪري رهيو هو- اوچتو ئي هن مٿو هيٺ ڪري ڄڻ ٽٻي هنئي ۽ ڀريل آواز ۾ رڙ ڪئي:
“قزاق هتي پهچي چڪا آهن- هوٽل جي چوڌاري ناڪا بندي ڪري رهيا آهن!” اسان ڀڄندي ڀڄندي چاڙهين تان وڏيون ٻرانگهون ڀريندي هيٺ پهتاسين- جڏهن ڏيڍيءَ ۾ پهتاسين ته گهڻا پروقار ۽ ائين لٿاسين جو ڪير اسان تي شڪ نه ڪري سگهي اهڙي چال اختيار ڪئيسين- هڪ آفيسر جنهن جي ڏاڙهيءَ جا وار سنهري هئا، اجهو اجهو اندر داخل ٿيو هو، سندس مٿي تي پاتل هيٽ سختيءَ سان هيٺ ڇڪيل هو، ۽ سندس نگاهون ڪمري جي ڪنڊن پاسن ۾ کتل هيون- فاضل کي اهو چوڻ جي مهلت ملي وئي: “سڌو لگيشن!” ۽ پوءِ هو مون کان ڌار ٿي ويو، آفيسر وٽ ويو مون کيس “پلڪو ونڪ! ڪرنل!” چوندي ٻڌو ۽ رسمي جملا چئي ساڻس ڀاڪر پائيندي ۽ تعزيت جي چند جملن جي ڏي وٺ ڪندي ڏٺو- ڪساڪووسڪي اڪثر منهنجي دوست جي والد سان شريڪِ طعام ٿيو هو، ۽ هن مون کي ڪجهه گهڙين جي مهلت فراهم ڪئي، هن جو فائدو کڻندي مان ٻاهر نڪرڻ واري پاسي تيز قدمن سان هلڻ لڳس، عبا ۾ ويڙهيل، ۽ باغ ۾ مڙي ويس جنهن کي قزاقن هڪ مضبوط مورچي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو- انهن مون کان ڪابه پڇا ڳاڇا نه ڪئي- ڇو ته مان هوٽل جي اندران اچي رهيو هئس، هنن سوچيو هوندو ته سندن ڪماندار مون کي اچڻ ڏنو هوندو- مان ڦاٽڪ کان نڪري ان ننڍڙي گهٽيءَ طرف هلڻ لڳس، جيڪا منهنجي ساڄي هٿ طرف هئي ۽ “بوليوارڊ يزميسي ديور” طرف ٿي وئي، ۽ ڏهن منٽن ۾ منهنجي لگيشن-
منهنجي گهٽيءَ جي منهن تي ٽي سپاهي بيٺل هئا- ڇا اهي مون کي هتان لنگهڻ ڏيندا؟ کاٻي پاسي مون کي هڪ ٻي گهٽي نظر اچي رهي هئي، مون ان ۾ گهڙي وڃڻ ۾ ڀلائي سمجهي، پوءِ چاهي مون کي ٻيهر ان صحيح گهٽيءَ ۾ ئي ڇو نه واپس اچڻو پوي- مون سپاهين واري پاسي نظر چورائيندي هلڻ شروع ڪيو- بس ٻه ٽي قدم اڳتي ۽ پوءِ اهي بلڪل نظر نه ايندا ۽ نه ئي مان انهن کي-
“بيهه!”
ڇا ڪيان؟ بيهي رهان؟ پهريون سوال پڇندي ئي کين خبر پئجي ويندي ته مون کي فارسي مشڪل سان ئي ايندي آهي، هو منهنجا ڪاغذ ڏسندي ئي مون کي گرفتار ڪري وٺندا- ڇا ڀڄي وڃان؟ مون کي پڪڙڻ ۾ انهن کي ڏکيائي ته نه ٿيندي، منهنجو اهو طرزِ عمل هڪ مجرم وارو هوندو ۽ پنهنجي معصوم هجڻ جي لاءِ رڙ به نه ڪري سگهندس، فيصلو ڪرڻ لاءِ مون وٽ هڪ پل کان به گهٽ وقت هو-
مون بنا دير پنهنجي راهه تي هلڻ جو فيصلو ڪيو، ڄڻ مون ڪجهه ٻڌو ئي نه هجي- پر اتي هڪ نئين هلچل اڀري آئي، رائيفلن ۾ گوليون ڀرجڻ ۽ قدمن جا آواز- مون انهيءَ تي هڪ لمحو به غور نه ڪيو، پٺيان مڙي نه ڏٺو، بس گهٽين ۾ ڊوڙندو، لنگهندو، تنگ ۽ اونداهن رستن تان گسڪندو هلندو ويس- سج لهي چڪو هو، اڌ ڪلاڪ ۾ ماحول بلڪل اونداهو ٿي چڪو هو-
مون ڪنهن دعا جي لاءِ پنهنجي حافظي تي زور ڏنو، پر صرف اها دعا ئي دهرائي سگهيس: “خدا! خدا! خدا!” هڪ مسلسل مناجات جي صورت ۾ ڄڻ مان پهرين مري چڪو هجان ۽ مسلسل جنت جو دروازو کڙڪائي رهيو هجان-
۽ واقعي دروازو کلي ويو- جنت جو دروازو گهٽيءَ جي منڍ تي گاري سان ٺهيل ميري ڀت ۾ لڪل هڪ دروازو- مون کي پنهنجي هٿ تي ڪنهن هٿ جو ڇهاءُ محسوس ٿيو ۽ مون هن کي مضبوطيءَ سان پڪڙي ورتو- ان مون کي پنهنجي طرف ڇڪيو ۽ دروازو بند ڪري ڇڏيو- مون خوف کان اکيون بند ئي رکيون- مان غير يقيني ۽ خوشيءَ جي احساس کان بي ست هئس- ٻاهر مسلسل جلوس وڃي رهيو هو-
کِلندڙ اکين جا ٽي جوڙا مون کي گهوري رهيا هئا– ٽي عورتون جن جي مٿي جا وار ڍڪيل هئا، پر چهرا بي نقاب هئا- هو مون کي پيار مان ڏسي رهيون هيون، ڄڻ مان ڪو نئون ڄاول ٻار هئس- سڀ کان وڏي عمر واريءَ، جيڪا 40 جي پيٽي ۾ لڳي رهي هئي، هن مون کي پنهنجي پٺيان اچڻ جو اشارو ڪيو- مان جنهن باغ ۾ پهتو هئس، ان جي پڇڙيءَ ۾ هڪ ننڍڙي ڪوٺي هئي، جتي هن مون کي بيد جي ٺهيل هڪ ڪرسيءَ تي ويهاريو، ۽ اشاري سان مون کي تسلي ڏنائين ته هوءَ مون کي بچائڻ ايندي- هن چپن کي اڳيان ڪڍندي ۽ هن جادوئي لفظ سان مون کي اطمينان ڏياريو: “اندرون” جتي عورتون رهنديون هجن، سپاهي تلاشي وٺڻ نه ايندا!
حقيقت اها آهي ته سپاهين جو گوڙ ويجهو ايندو ٿي ويو، پري وڃڻ لاءِ ۽ پوءِ بلڪل ئي ختم ٿيڻ لاءِ- هنن کي ڪيئن خبر پوندي ته مان ڪهڙي گهٽيءَ ۾ غائب ٿيو آهيان؟ هي پورو علائقو چڱو خاصو ورن وڪڙن وارو آهي، جنهن ۾ ٻارنهن کن رستا آهن، سوين گهر ۽ باغ — ۽ ان وقت لڳ ڀڳ رات ٿي چڪي هئي-
هڪ ڪلاڪ کانپوءِ مون کي بنا کير جي چانهه ڏني وئي، مون لاءِ سگريٽ ٺاهيا ويا، ۽ گفتگو شروع ڪئي وئي- فارسي جملن ۾، جيڪي تمام هوريان هوريان ادا ٿي ڪيا ويا، جن ۾ چند فرانسيسي لفظ به ٽانڪيل هئا، هنن مون کي ٻڌايو ته منهنجي جان بچائڻ ۾ ڪنهن جو هٿ هو- هن علائقي ۾ افواهه گشت ڪري رهي هئي ته قاتل اتي رهندڙ ڪجهه غير ملڪين جي هوٽل ۾ ٽڪيل هو- مون کي فرار ٿيندي ڏسي انهن اندازو ڪري ورتو ته مان ئي اهو مجرم سورمو هئس ۽ اهي مون کي بچائڻ لاءِ متحرڪ ٿيون- پر هو اهو سڀ ڪجهه ڇو پيون ڪرڻ چاهين؟ سندن پيءُ ۽ مڙس کي پندرنهن سال پهرين سزاءِ موت ڏني وئي هئي، مٿس هڪ مخالف ديني فرقي “بابي” جو پيروي ڪندڙ وارو الزام هڻي جنهن ۾ زالن جي تعداد جي رواج جي گهٽتائي جو پرچار هو، مرد ۽ عورت جي وچ ۾ مساوات ۽ جمهوري نظام جي قيام جي ڳالهه ڪيل هئي- جن جو استحصال، جنهن جي قيادت ۾ شاهه ۽ مذهبي عالم اڳيان اڳيان هئا، ڏاڍي خون خواري سان ڪندا هئا، ۽ هزارين بابين کانسواءِ، ٻين ڪيترن ئي بيگناهه ماڻهن کي سندن پاڙيسرين جي الزام لڳائڻ تي ماريو ويو پوءِ، منهنجي محسنه ٻنهي نوجوان ڌيئرن سان گڏ بي يارو مددگار اڪيلي رهجي وئي ۽ پنهنجي انتقام جي گهڙيءَ جو انتظار ڪرڻ لڳي، ٽنهي عورتن چيو ته هو سورمو انتقام وٺندڙ سندن ان حقير باغ ۾ داخل ٿيو آهي، اهو سندن لاءِ وڏو اعزاز آهي-
جڏهن ڪو عورتن کي سورمو نظر اچي ته ڇا واقعي هو هن جي نفي ڪرڻ جي خواهش ڪري سگهي ٿو؟ مون پنهنجو پاڻ کي قائل ڪري ورتو ته کين مايوس ڪرڻ مناسب نه آهي، بلڪه اها ڳالهه احمقانه هوندي- جان جي امان جي ان مشڪل معرڪي ۾، مون کي اهڙن حامين جي ضرورت هئي، مون کي سندن گرم جوشي ۽ بهادريءَ جي ضرورت هئي — ۽ سندن آٿت جي- جيتوڻيڪ هن هڪ مڪمل خاموشيءَ ۾ پناهه ورتي جنهن، سندن لاءِ ان آخري شڪ کي به ختم ڪري ڇڏيو-
ٽي عورتون، هڪ مان ۽ هڪ فائديمند غلط فهمي — مان ان شديد گرم ايراني بهار جي انهن چاليهن غير حقيقي ڏينهن جي جيستائين جيئرو رهندس پرچار ڪري سگهان ٿو- پرڏيهي هجڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هو، ۽ مشرقي عورتن جي دنيا ۾، جيڪي مون لاءِ اڻ ڄاڻ هيون ان کان وڌيڪ ڏکيو ڪم- منهنجي محسنه کي انهن ڏکيائين جو چڱيءَ طرح اندازو هو، جيڪي مٿس نازل ٿيون هيون- مون کي يقين هو ته ان پهرين سڄي رات جڏهن مان باغ جي منڍ ۾ ڪوٺڙيءَ ۾ هڪ ٻئي جي مٿان رکيل ٽن گدن تي سُتو پيو هئس، هو پاڻ سڄي رات نه سمهي سگهي هئي، ڇو ته فجر جي وقت هن مون کي گهرايو هو، پنهنجي ساڄي پاسي مون کي آلتي پالتي هڻي ويهڻ لاءِ چيو، پنهنجي ٻنهي ڌيئرن کي پنهنجي کاٻي پاسي ويهاريائين، ۽ ڏاڍي محنت سان تيار ڪيل تقرير ڪيائين-
هن شروعات ۾ منهنجي بهادري جي تعريف ڪئي ۽ منهنجي استقبال ڪرڻ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو- پوءِ، ڪجهه گهڙين جي خاموشيءَ کانپوءِ هن اچانڪ منهنجي حيران نظرن جي سامهون پنهنجي سيني تي پاتل انگوشو کولڻ لڳي- مان شرم وچان پنهنجو نظرون ڦيرائي ڇڏيون، پر هن مون کي پنهنجي طرف ڇڪيو- سندس ڪلها اگهاڙا هئا ۽ ڇاتيون- لفظن ۽ اشارن سان هن مون کي شيرخواري جي دعوت ڏني- ٻئي ڇوڪريون پنهنجي عباين ۾ منهن وجهي کي کي ڪري کلڻ لڳيون، پر سندن ماءُ جي انداز ۾ رسمي قربانيءَ واري سنجيدگي هئي- مون ان جي تعميل ۾ جنهن حد تائين شرم حياءَ ممڪن هو سندس هڪ ڇاتيءَ تي پنهنجا چپ رکي ڇڏيا ۽ پوءِ ٻئي تي- پوءِ ان بغير ڪنهن جلدي ڪرڻ جي پنهنجو پاڻ کي ڍڪي ڇڏيو، ۽ ڏاڍي پروقار لهجي ۾ وڌيڪ چيو:
“ان عمل سان تون منهنجو پٽ ٿي وئين، ڄڻ تو منهنجي ڪُک مان جنم ورتو هجي-”
پوءِ هن، رخ پنهنجي ڌيئرن طرف ڪيو- جيڪي هاڻي کي کي ڪرڻ بند ڪري چڪيون هيون، ۽ کين هدايت ڪئي ته هو مون کي اڄ کانپوءِ پنهنجو سڳو ڀاءُ سمجهن-
اها رسم مون کي ان لمحي جذباتي ڪندڙ ۽ ڏاڍي ڀيانڪ لڳي- پر پوءِ ان جي باري ۾ سوچيندي ئي مون کي ان ۾ مشرق جي سڄي دانائي نظر آئي ٿي- منهنجي صورتحال ان عورت لاءِ ڏاڍي پريشان ڪندڙ هئي- ان پنهنجي جان خطري ۾ وجهي بنا ڪنهن دير جي منهنجي دستگيري ڪئي هئي، ۽ بنا ڪنهن شرط جي مهمان نوازي پيش ڪئي هئي- گڏوگڏ اهو به هو ته سندس ڌيئرن جي ويجهو هڪ اڻ ڄاڻ ماڻهو هڪ نوجوان مرد جيڪو ڏينهن رات اتي موجود هجي، مستقبل ۾ ڪنهن ناخوشگوار واقعي جو سبب بڻجي سگهيو ٿي- ان مونجهاري مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو ان کان بهتر علاج ڪهڙو ٿي سگهيو ٿي ته هو مون کي پنهنجو تصوراتي پٽ ٺاهي ۽ ان لاءِ اها رسمي علامت اختيار ڪري- ان کانپوءِ مان گهر ۾ بنا ڪنهن جهل جي گهمي ڦري سگهيس ٿي، انهيءَ ڪمري ۾ سمهي ٿي سگهيس، پنهنجي “ڀيڻن” جي پيشانين کي چمي ٿي سگهيس ۽ متنبيٰ بنائڻ واري ڪهاڻي اسان کي محفوظ ۽ سختيءَ سان قابو ۾ رکندي-
مون کانسواءِ ٻين ماڻهن ان عمل سان پاڻ کي ڪنهن ڄار ۾ ڦاٿل محسوس ڪيو هوندو- ان جي ابتڙ، مون کي ان سان ڏاڍو اطمينان ٿيو- عورتن جي دنيا ۾ اتفاق سان داخل ٿيڻ ۽ پوءِ يا سستي يا اڪيلائيءَ جي ڪمي سبب ٽن ميزبان عورتن مان ڪنهن هڪ سان جلديءَ سان تعلق قائم ڪرڻ، باقي ٻين سان آهستي آهستي واقف ٿيڻ، انهن کان وڌيڪ داناءَ ثابت ٿيڻ ۽ انهن کي نظرانداز ڪرڻ ۽ انهن جي نه ٽارڻ جهڙي دشمني کي اجايو منهن ڏيڻ ۽ پنهنجو پاڻ کي نظر انداز ڪري ڇڏڻ- اهي عورتون جيڪي منهنجي حق ۾ ڪنهن آسماني مدد کان گهٽ نه هيون. غمگين، ملول ۽ مايوس ڪرڻ تي نادم ۽ گُهٽيل گُهٽيل محسوس ڪرڻ– حالتن جو اهو رخ اهڙو هجي ها جو منهنجي مزاج جي بلڪل ابتڙ هجي ها- ۽ پوءِ اهو به ته مغرب جو هجڻ سبب ڪوبه اهڙو حل نه نڪري سگهي ها، جيڪو هن عورت پنهنجي ديني حڪمن جي نه ختم ٿيندڙ ذخيري مان ڪڍي آندو هو-
ڄڻ معجزاتي طور تي هر شئي سولي ٿي وئي هئي، صاف ۽ پاڪ- ائين چئجي ته خواهش مري وئي هئي، اهو ڄڻ ڪوڙ هوندو، اسانجن لاڳاپن ۾ هر شئي حد درجي جي جنسي هئي، ان هوندي به مان اهو پڪ سان چئي سگهان ٿو ته حد درجي جي پاڪ صاف- جيتوڻيڪ مان انهن عورتن جي قربت ۾ جيڪي منهنجي اڳيان ڍڪيل ۽ لڪل نه هيون ۽ نه ئي حد کان وڌيڪ حياءَ جو اظهار ڪندڙ، ۽ هن شهر جي وچ ۾ جتي شايد مون کي سڀ کان وڌيڪ تلاش ڪيو ويو هوندو، نوجوانيءَ واري سڪون جا لمحا گذاريا-
وقت جي گذرڻ سان گڏ، مان انهن عورتن جي وچ ۾ پنهنجي ثابت قدمي کي هڪ امتيازي لمحي طور ڏسان ٿو، جنهن کان بنا مشرق سان منهنجو تعلق ناپائيدار ۽ سطحي هجي ها- پهاڪن سوڌو فارسي سمجهڻ ۽ ڳالهائڻ جو زبردست قدم جيڪو مان کڻي سگهيس اها سندن ئي مهرباني هئي- جيتوڻيڪ جو منهنجن ميزبانن پهرئين ڏينهن ئي ڪجهه فرانسيسي لفظ جوڙڻ جي ڏاڍي خوبصورت ڪوشش ڪئي هئي، ان کانپوءِ اسان جي سڄي گفتگو ان ملڪ جي ٻوليءَ ۾ ٿي- اسانجي ڳالهه ٻولهه پرجوش به هوندي هئي يا سرسري لطيف يا ڪثيف، ايتري حد تائين جو ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍن ناز نخرن واري به هوندي هئي، ڇو ته هڪ ڀاءُ جي حيثيت سان مون کي هر ڳالهه جي موڪل هئي، شرط صرف اهو هو ته مان پنهنجي ڀيڻن جي احترام جي حدن جو خيال رکان-
هر قسم جي تفريح بازي حلال هئي، ايتري تائين جو پيار جو اظهار، پيار ۽ محبت جي ڪوڙي ناٽڪي انداز ۾-
جيڪڏهن تجربو وڌيڪ عرصو جاري رهي ها ته ڇا ان جو اهو مزو باقي رهي ها؟ مان اهو ڪڏهن به ڄاڻي نه سگهيس- مون کي ان جي ضرورت به نه آهي- هڪ واقعي جيڪو بدقسمتي سان ڏاڍو متوقع هو، ان سڀ ختم ڪري ڇڏيو- اها هڪ ملاقات هئي، هڪ معمولي ملاقات جدين جي-
مان عام طور تي داخل ٿيڻ وقت دروازي کان پري ئي رهندو هئس، ٻاهريون دروازو جيڪو مرداني تائين ويندو هو ۽ صدر دروازو هو، ۽ ٻاهر وارو دروازو جنهن مان آئون داخل ٿيو هئس- پهريون قدمن جو آواز ٻڌي اتان هٽي ويندو هئس- پر هڪ ڀيرو لاپرواهي ۽ اعتماد جي زيادتي سبب مان ٻن پيرسن زال ۽ مڙس جي اچڻ جو آواز ٻڌي نه سگهيس- مان عورتن جي ڪمري ۾ مزي سان آلتي پالتي هنيو ويٺو هئس، ۽ گذريل ٻن ڪلاڪن کان پنهنجي ئي ڀيڻن جي تيار ڪيل چلم جو آرام سان مزو وٺي رهيو هئس ۽ پوءِ سمهي رهيس، ان حالت ۾ چلم جو نڙ منهنجي وات ۾ ئي هو ۽ منهنجو مٿو ڀت سان لڳل هو، ۽ هڪ مرد جي کنگهڻ جو آواز آيو ۽ مان گهٻرائجي ننڊ مان اٿي ويهي رهيس-
***