نامور اديب، شاعر، محقق ڊاڪٽر شير مهراڻي، پير بخش مهراڻيءَ جي گهر پهرين مارچ 1980ع 13 ربيع الثاني 1400هه تي ڳوٺ احدي خان راڄپر تعلقي ڪوٽڏيجي ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو، شروعاتي تعليم پنهنجي تر ۽ آسپاس جي ڳوٺن ۽ شهرن مان حاصل ڪرڻ بعد ايم اي سنڌي ادب شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ پي ايڇ ڊي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات جي عنوان تي 2013ع ۾ ڪيائين. پاڻ هن وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ درس ۽ تدريس سان سلهاڙيل آهي، ڊاڪٽر شير جا لطيفي ڪتاب هن ريت آهن.
“شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات”، پي ايڇ ڊي جو مقالو آهي (اڳتي انهيءَ مقالي جو احوال ايندو).
“شاهه لطيف جي شاعريءَ جو جديد اڀياس” سوجهرو پبليڪيشن پاران ذڪي پرنٽرز ڊسمبر 2014ع ۾ شايع ڪيو، 160 صفحن جي هن ڪتاب ۾ آيل مضمون “شاهه لطيف جو جديد اڀياس، انسان دوستيءَ جو فڪر ۽ شاهه لطيف، شاهه ۽ جماليات، شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ سونهن جا سوين رنگ، وجودي جماليات ۽ شاهه لطيف، شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ ۾ وحدت الوجود جو تصور، لطيف جو پيغام، سر پرڀاتيءَ ۾ جدوجهد جا مختلف پهلو آهن. انتساب تاج بلوچ جي نالي ته “ويهه مَوساري” عنوان سان تاج بلوچ جو ليک ۽ آمنا سومرو جو تاثر ۽ ڊاڪٽر غفور ميمڻ جو مهاڳ شامل آهن.
“جماليات: تنقيدي جائزو” پڻ ذڪي پرنٽر آگسٽ 2016ع ۾ شايع ڪيو 150 صفحن جي هن ڪتاب ۾ آيل مواد هن ريت آهي، سنڌيءَ ۾ جماليات تي ٿيل تحقيق جو اڀياس، شاهه جي جمالياتي شاعريءَ جو تحقيقي جائزو، شاهه جي ڪلام ۾ حسن ۽ جمال جو تصور، شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ تخليق ۽ حسن ڪاري، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جو جمالياتي تصور، شاهه جو ڪلام سونهن جو سرچشمو، انگريزيءَ ۾ جماليات تي ٿيل تحقيق جو اڀياس، سينس آف بيوٽي (سنتيانا)، تاريخ جماليات (مجنون گورکپوري) اردو ۾ جماليات تي ٿيل تحقيق جو اڀياس، جماليات قرآن حڪيم ڪي روشني مين (ڊاڪٽر نصير احمد ناصر) تاريخ جماليات ٻه جلد (ڊاڪٽر نصير احمد ناصر) ۽ ڊاڪٽر سيد عالم شاهه جو ليک “Young Scholar” آهي.
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جديد اڀياس ۾ لکي ٿو ته، “جڏهن جڏهن به شاهه لطيف جي شاعري پڙهجي ٿي ته شاهه سائين پڙهندڙ کي ڪنهن اهڙي هنڌ تي بيٺل نظر اچي ٿو، جو محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ هن ڪائنات جي تخليق واري عمل جو مشاهدو ڪيو آهي. هو وقت ۽ هنڌ يعني زمان ۽ مڪان جي مٿان ڪنهن اهڙي هنڌ نظر اچي ٿو، جتان نه صرف هو انت ۽ انت جو بيٺي پير مشاهدو ڪندي محسوس ٿئي ٿو، پر وقت جي رفتار سميت حاضر يا موجود لمحي تي پڻ سندس گهري نظر محسوس ٿئي ٿي، ايئن ٿو لڳي ڄڻ ته ڀٽائي وقت جي وهڪري جي ابتدا ۽ انتها کان نه صرف واقف آهي، بلڪه هو وقت جي وهڪري ۽ رفتار جو گواهه آهي سنڌ ڌرتيءَ ۾ شاهه سائينءَ جو هجڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي.” (ص 23)
ڊاڪٽر مهراڻيءَ جو ڪتاب “Bequest of Bhittai” مُرڪ پبليڪيشن 181 صفحن تي 2020ع ۾ شايع ڪيو، انگريزي ٻوليءَ ۾ ڇپيل هن ڪتاب ۾ آيل لطيفي مضمون ۽ مقالا شاهه لطيف جي سورمين، سندس شاعريءَ ۾ عالمي ڀائيچارو ۽ امن، شاهه جي شاعريءَ جو حسن، وليم ورڊس ورٿ ۽ شاهه جي شاعريءَ جو تقابلي مقابلو، شاهه جي شاعريءَ ۾ تصوف جو سنڌي سماج تي اثر ۽ ٻيا موضوع آهن.
“لطيفيات جو تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو” سنڌ ثقافت کاتي پاران 2021ع ۾ 498 صفحن تي ڇپيو، پنجن بابن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ آيل مواد هن ريت آهي. شاهه لطيف جو دور، شاهه لطيف جي زندگيءَ جو مختصر احوال، شاهه لطيف جي شاعري، شاهه جي رسالي جو مختصر تعارف، قلمي نسخا، ڪجهه اهم ڇاپي وارا رسالا، سنڌي انگريزي، اردو، عربي، فارسي، پنجابي، براهوي، سرائيڪي، ڍاٽڪي، بلوچي ۽ هندي ٻولين ۾ ترجمو ٿيل رسالا، شاهه جي رسالي جي سُرن جو مختصر تعارف، شاهه لطيف جي شاعريءَ جا مکيه موضوع ۽ آخر ۾ 35 لطيفي ڪتابن تي لکيل جائزو شامل آهي.
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات: لطيفيات جي موضوع تي پي ايڇ ڊي مقالو ثقافت کاتي پاران ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي مهاڳ ۽ ايڊٽنگ سان 2013ع ڊسمبر ۾ پيڪاڪ پرنٽرز ڪراچيءَ شايع ڪيو. سٽاءُ مطابق ڪل 5 باب آهن. جماليات جي تشريح، پسمنظر ۽ اوسر جي سري هيٺ سقراط کان اڳ قديم يونان ۾ جماليات جي تصور کي بيان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ انيگزيمنڊر، انيگزيمينس، پيٿاگورس، هيرا قليطس جا جماليات بابت تصور ڏيڻ کانپوءِ سقراط ۽ سقراط کانپوءِ جي يوناني فلسفي مان افلاطون ۽ ارسطو جا خيالات ڄاڻايا آهن، جديد فلسفي ۾ جماليات جو تصور ڪانٽ، هيگل، شاپنهاور، ڪروچيءَ جي فڪر سان بيان ڪيل آهن، مذهبن ۾ جماليات جو تصور جي باب ۾ هندومت ۾ جماليات جو تصور، اسلام ۾ جماليات جو تصور، تصوف ۾ جماليات جو تصور بيان ڪيل آهي، جماليات جا مختلف قسم ۽ ڀٽائيءَ وٽ انهن جو تصور جي باب ۾ ذيلي موضوع فطري جماليات ۽ شاهه وٽ ان جو تصور، درد جي جماليات ۽ شاهه وٽ ان جو تصور، وجداني جماليات ۽ شاهه وٽ ان جو تصور، جسماني جماليات ۽ شاهه وٽ ان جو تصور. فني جماليات ۽ ڀٽائيءَ وٽ ان جو تصور باب ۾ فن، شاعري ۽ فني جماليات جي ذيلي موضوعن هيٺ شاهه لطيف جي فني جماليات جي ڪٿ ڪيل آهي، رسالي جي سُرن ۾ جماليات جي تصور جي باب ۾ سر ڪلياڻ کان بلاول تائين شاهه جي رسالي مان سُر وار ٽيهن سُرن مان موضوع جي اوک ڊوک ڪيل آهي، مقالي جي آخر ۾ “بُڪ رِويو” جي سري هيٺ هڪ باب جو تحقيق جي مروج طريقيڪار بابت هو جو ڇپائيءَ مهل ڪڍي ڪتاب کي 446 صفحن تي شايع ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر صاحب جماليات لفظ جي تشريح ڪندي لکيو آهي ته،
“سونهن ڪائنات جو اهو عظيم مظهر آهي جنهن ۾ جهان جون سموريون وسعتون سمايل آهن، حسن پنهنجي پيڪر ۽ نمونن ۾ ازل کان ئي ڪشش جو سبب بڻجندو رهيو آهي، ڪن ڏاهن حسن کي حقيقت سڏيو آهي ته ڪن وري حسن کي خير، نيڪي، سچائي ۽ ڀلائيءَ سان تعبير ڪيو آهي. ڪجهه دانشور حسن کي معروضي سمجهن ٿا ته ڪن جو خيال آهي ته حسن موضوعي آهي، ڪي وري حسن ۽ سونهن کي موضوعيت Subjectivity ۽ معروضيت objectivity جو حسين ميلاپ سمجهن ٿا.” (ص 21)
“سونهن جي بنيادي قدرن ۾ جلال، جمال، رنگ ۽ نور شامل آهن، اهي چارئي عنصر ڌار ڌار يا هم آهنگ ٿي سونهن جي قابليت کي تخليق ڪن ٿا، جمال ۽ جلال ٻئي سونهن جا هڪ جيترا اهم مظهر ۽ منظر آهن.” (ص 22)
“جماليات صرف سونهن ۽ حسن جو فلسفو نه آهي، بلڪه جماليات جي دائرو تمام وسيع آهي، جنهن جي وسعتن ۾ زندگيءَ سان سلهاڙيل ڪيترائي شعبا اچي وڃن ٿا، انهن سمورين وسعتن جي باوجود اسان جڏهن جماليات جو مرڪز ڳولينداسين ته اهو يقينن اسان کي سونهن، خوبصورتي، حسن ۽ فنون لطيفه جي مختلف ڌارائن ۽ منظرن ۾ ملندو. (ص 25)
”اسلامي جماليات ۾ لامحدود ڏسائون شامل آهن ۽ پنهنجي وسعت جي بنياد تي اسلامي جماليات هڪ مختلف ”پيراڊائم“ رکي ٿي، جنهن ۾ قديم يونان جي سونهن ۽ نيڪيءَ واري تصور کان وٺي جديد فلسفي جي معروضي سونهن يا داخلي ۽ خارجي سونهن شامل آهي. هڪ پاسي اسلام حرام ۽ حلال جو فيصلو ڏئي اهو ٻڌايو آهي ته جيڪا شيءِ سٺي آهي اها خوبصورت ۽ حلال آهي ۽ جيڪا شيءِ خراب آهي اها بدصورت ۽ حرام آهي. يعني حرام ۽ حلال به اهڙا اسلامي ماپا يا ماڻ آهن، جيڪي تمام گهڻن مونجهارن کان بچائين ٿا ۽ اهو تصور قديم يونان ۾ پڻ هو، يعني نيڪي خوبصورت آهي.”
“جماليات جي حوالي سان شاهه صاحب جي شاعريءَ جا ٻه اهم رخ آهن، هڪ فني ۽ ٻيو فڪري، فني حوالي سان شاهه صاحب جي سموري رسالي ۾ ڀرپور موسيقيت، رواني، سلاست، نغمگي، ترنم ۽ شائستگي آهي، شاهه جو رسالو هڪ پاسي فڪري نقطن ۽ فيلسوفياڻي ڏاهپ جو سمونڊ آهي ته ٻئي پاسي هڪ شاهڪار ادب پارو پڻ آهي، هو شاعراڻن ڳُڻن جو اهڙو مَها ڪاريگر آهي جو سندس چيل سٽن مان جمال جو رس ٽمندي محسوس ٿئي ٿو.” (ص 260)
ملهه مهانگو قطرو، سِڪَڻ شهادت،
اسان عبادت، نظر ناز پريَن جو، (ڪلياڻ 19-2)
امرت رس جو اهڙو دلفريب اظهار ۽ پرينءَ جي نگاهه جو ذڪر هڪ اهڙي روحاني ڪيفيت ۾ وٺي وڃن ٿا، جتي فن جي اثر پذيري ڪمال جي درجي تي پهتل آهي، شاهه صاحب جو وجداني جمال پڻ هڪ ڌار ڪائنات آهي، جنهن ۾ سونهن ۽ ڪيف هڪٻئي سان مکيا ميل ٿيل پسجن ٿا، (ص 262)
نتيجي طور ڊاڪٽر شير لکي ٿو ته: “جهڙيءَ ريت شاهه صاحب جو شخصي عشق مجاز کان حقيقت ڏانهن سفر ڪري ٿو بلڪل اهڙيءَ ريت ئي شاهه صاحب وٽ سونهن يا جمال جو تصور پڻ فاني (فرد ۽ انساني عضون) جي سونهن جي ثنا ۽ واکاڻ کان ابدي ۽ ازلي سونهن جي نظاري ۽ تعريف ڏانهن وڌي بالغ ٿئي ٿو، نتيجي طور شاهه صاحب وٽ خالِق حقيقي جي سونهن جو هڪ اهڙو تصور پيدا ٿئي ٿو جنهن ۾ سموري ڪائنات جي سونهن ۽ جمال هڪ ٿي وڃن ٿا ۽ ان خالق جي سونهن جا جلوا اهو جابجا ڏسي ۽ ڏيکاري ٿو.” (ص 436)
ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ جي هيءَ تحقيق جماليات جي ڪيترن رُخن کي ظاهر ڪري ٿي جنهن هيٺ هُن لطيف سرڪار جي شاعريءَ ۾ موجود سونهن جي تصور کي اعليٰ و ارفع ڄاڻايو آهي ۽ لطيف جو اهو سونهن جو تصور ڪائنات جي وجداني حسن کي سمجهڻ ۾ معاون ڏسيو اٿس. ڊاڪٽر مهراڻيءَ جي تحقيق 2013ع ۾ مڪمل ٿي کانئن اڳ ڊاڪٽر شڪنتلا سيواڻيءَ ساڳئي موضوع “شاهه جي جمالياتي شاعريءَ جو تحقيقي جائزو” تي 1992ع ۾ مڪمل ڪئي مون ٻنهي مقالن کي ڌيان سان پڙهيو آهي، عنوان ۾ هڪ جهڙائي هوندي به مواد ۾ فرق آهي، ڊاڪٽر شڪنتلا فقط فرد ۽ انساني عضون جي جماليات ۽ خاص طور عورت جي حسن ۽ سورمين جي سونهن تائين مقالي جي موضوع کي محدود ڪيو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر مهراڻيءَ موضوع جي اکيڙ جماليات جي عالمي نظرين ۽ انسان جي ظاهري ۽ باطني حسن کانپوءِ ڪائناتي حسن تائين ڪيترن نقطن کي بحث هيٺ آڻي لطيف سائينءَ جي فلسفي، فن ۽ فڪر جي ذڪر سان رسالي جي ٽيهن سُرن مان سندس جمالياتي ڪاريگريءَ جي چونڊ بيتن سان بيان ڪندي موضوع جي چٽائي ڪئي آهي. بنيادي طور آئون وري به انهيءَ راءِ جي آهيان ته اسان جي يونيورسٽين جي سنڌي شعبن ۾ لطيف سرڪار جي فن بابت ڪيل پي ايڇ ڊين جون فهرستون موجود هجن ته جيئن ڪوبه مقالو موضوعاتي طور ورجاءُ جي حوالي نه ٿئي.
ڊاڪٽر شير مهراڻي کيرون لهڻي هن پنهنجي تحقيق جي موضوع سان مڪمل انصاف ڪيو آهي، بيتن جو سٽاءُ سهڻو آهي، سُر ۽ داستان هر بيت جا ڄاڻايل ڏنل آهن ۽ انهن جي وضاحت وڻندڙ آهي، ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ جي لطيفي پرک شانائتي شمار ٿيندي.