نيشنل هاءِ وي اٿارٽي، حيدرآباد جي انتظاميه کي 2021 ۾ مون ڄامشوري روڊ، فا موٽر ڪار شوروم ويجھو باءِ پاس لڳ اربن فاريسٽ جي تجويز لکت ۾ موڪلي، جنهن تي پڻ اداري عمل ڪري ڏيکاريو، جنهن کي ڏسي دل خوش ٿي، جتي چارديواري ڏئي سوين تعداد ۾ وڻ پوکيا ويا آهن، وفاقي وزير مواصلات جناب مولانا اسد محمود جي نالي واري افتتاحي تختي سان سان گڏ چين جي هڪ اداري جي امدادي تختي پڻ لڳائي وئي آهي. نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي نالي سان هڪ وڏو لوهي دروازو پڻ لڳائي ڇڏيو آهي. رڳو واسا کان پاڻي جي لائين جو ڪنيڪشن منظور نه ڪرائي سگهيو آهي، جنهن جي ڪري فاريسٽ کي پاڻيءَ جو ڪو جوڳو بندوبست ناهي.
هي هڪ بهترين ماحول دوست منصوبو آهي، اداري طرفان بنيادي ڪم ڪيو ويو آهي، پر ان فاريسٽ جي مستقل سارسنڀال لاءِ هڪ عدد مالهي ملازم طور ۽ پاڻي جو ڪنيڪشن گهربل هو، جيڪو وقت تي پارڪ کي پاڻيءَ جي فراهميءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضروري آهي، پر افسوس جو ادارو ان جو ڪوبه بندوبست نه ڪري سگهيو آهي، جنهن جي ڪري هي فاريسٽ ڪافي عرصي کان نڌڻڪو ڏسجي ٿو. وڻ پاڻي نه ملڻ ڪري سڪي ويا هئا، تازو خدا جي رحمت سان برسات جي پاڻي ملڻ سان وڻ ساوا ٿي پيا آهن ۽ فاريسٽ کي هڪ نئين زندگيءَ ملي وئي آهي.
نيشنل هاءِ وي اٿارٽي، حيدرآباد کي تجويز ڪجي ٿي ته هن فاريسٽ کي آباد سرسبز رکڻ لاءِ مقامي انتظاميه يا رضاڪار طور ڪنهن فرد يا تنظيم کي شريڪ ڪري هن فاريسٽ جي سنڀال، رکوالي جو اعزاز يا ذميواري ڏني وڃي، جيڪو فاريسٽ جي سنڀال يقيني بڻائڻ جو ڪم سرانجام ڏئي سگهي. راقم پڻ هن فاريسٽ جو ذمو هڪ رضاڪار نگران طور کڻڻ لاءِ تيار آهي.