تاريخي ناول لکڻ ڪو سولو ڪم ته نه آهي سو به سنڌ جي تاريخ منجھان!!! سنڌ جي تاريخ مومل جي منجهيل سٽ وانگر ايتري ڏکئي نموني سان گھنجريل آهي جنهن کي راڻي جھڙا عقلمند ۽ ڏاھا ئي سلجھائي سگهن ٿا.
شاهه عبداللطيف آف ڀٽ ۽ ميوزا پرووگينزا جھڙن تحقيقي ڪتابن جي رائيٽر ايڇ ٽي سورليءَ جڏهن شاهه عبداللطيف آف ڀٽ لکڻ وقت ھن محسوس ڪيو ته سنڌ جي تاريخ جو 1650ع کان 1750ع تائين دور/چيپٽر ئي گم ٿيل آهي. ايڇ ٽي سورليءَ سئو سالن جو ھي سڄو دور سنڌ ڏانهن واپار سانگي ايندڙ يورپي واپارين جي لکيل ڊائرين مان تخليق ڪيو، جنهن مان سنڌ جي تنھن دور جي سماجي ۽ ثقافتي رنگ ڍنگ جي خبر پئي ٿي ته اھو ڪيئن ھو. ھن جي ھڪ سئو سالن جي دور جا ذريعا يورپي واپارين جون لکيل ڊائريون ھيون يعني جنهن جيئن لکيو.
ھن مان سمجهي سگهجي ٿو ته سنڌ جي تاريخ سان ڪيتريون نه ويساھ گھاتيون ٿيل آهن. جيڪڏهن اسان سنڌ جي لکيل تاريخن کي ڏسنداسين ته ھڪ اڌ کي ڇڏي ڪري باقي سڀ ڌارين حڪمرانن جي ڇاڙتن جون لکيل آهن تڏهن ته ايران جي شھنشاھه دارا، سڪندر اعظم، اشوڪ، محمد بن قاسم، محمود غزنوي، محمد غوري، غلام گهراڻي جي سلطانن، جلال الدين خوارزمي، علاءُ الدين خلجي، تغلقن، منگولن، مغلن، ارغونن ۽ ترخانن سنڌ تي حملا ڪيا، پر تاريخ ۾ انهن بادشاهن جي حملن وقت سنڌ ۾ ڪابه بقا جي جنگ يا مزاحمتي جنگ جو ذڪر ئي ٿيل نه آهي. باقي سنڌ جي بادشاهن يا سلطانن جون ڪچايون ۽ برايون ته وڏي شان ۽ شوڪت سان بيان ٿيل آهن.
سنڌ جي حڪمرانن مان پھريون مثال راجا ڏاھر جو آهي جنھن پنهنجو تخت بچائڻ جي لاءِ ٻڌيمن وزير جي رمل ۽ ٽپڻي ڪڍڻ تي پنهنجي ڀيڻ راڻي مايين (ٻائي) سان شادي ٿو ڪري. راجا ڏاھر جو ڀاءُ ڏھرسين ايڏي وڏي بدناميءَ کي نه سھندي راجا ڏاھر سان جنگ جو اعلان ٿو ڪري پر شڪست کائي ٿو وڃي. محمد بن قاسم سان جنگ ۾ راجا ڏاھر، سندس پٽ جيسينا ۽ ڪجهه جت جوڌن جو ذڪر ملي ٿو باقي ته تاريخ محمد بن قاسم، سندس لشڪر جي ھر ھڪ فوجيءَ ۽ موڪو پٽ وسايو جي ماڻهن ۽ ڪارنامن سان ڀري پئي آهي.
ٻيو مثال سومرن سلطانن جو آهي جنهن دور ۾ غورين ۽ قطب الدين ايبڪ، جلال الدين خوارزمي ۽ خاص طور تي سلطان دودي سومري جي دور ۾ منگولن ملتان ۽ سيوھڻ تي حملا ڪيا. انهن منگولن کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ علاءُ الدين خلجيءَ جو سپھ سالار ظفر خان دھليءَ کان سيوھڻ پھتو ۽ منگولن کي شڪست ڏني. ياد رهي ته علاءُ الدين خلجيءَ جي دور ۾ سنڌ جو حڪمران سلطان دودو سومرو ھو ۽ سنڌ خلجين جي ڏن ڀرو رياست به نه ھئي. ھن مان معلوم ٿو ٿئي ته دودو سومرو نه ته منگولن سان جنگ ڪئي ۽ نه ئي انهن کي روڪيو ۽ نه ئي علاءُ الدين خلجيءَ جي سپھه سالار ظفر خان جو زبردستيءَ سنڌ ۾ ڪاھي اچڻ تي کيس روڪيو. وري ساڳيو سپھه سالار ظفر خان چنيسر جي ھشيءَ تي سلطان دودو سومرو سان جنگ ڪري شھيد ٿو ڪري، پر سنڌ کي نه ته ڏن ڀرو رياست ٿو بڻائي ۽ نه ئي سنڌ کي ھندستان ۾ شامل ٿو ڪري. انهن سڀني ڳالهين ۾ ڪيڏو نه تضاد آهي. جڏهن ته ايم. ايڇ پنھور وري حد ئي ٽپائي ڇڏي ته سلطان دودي سومري ۽ علاءُ الدين خلجيءَ جي وچ ۾ جنگ لڳي ئي نه ھئي. ياد رهي ته مرشد لطيف رح علاءُ الدين خلجيءَ، سومرين جي سونگ نه ڏيڻ ۽ ابڙي سردار جي سومرين جي سام کڻڻ جو ذڪر پنهنجي شاعريءَ ۾ پڻ ڪيو آهي.
ٽيون مثال ارغونن ۽ ترخانن جي سنڌ تي حڪومت جو آهي. جيمس برنس جو ڪتاب “ترخان نامون” لکيل آهي جڏهن ته ٻيون تاريخون به آهن جن ۾ ارغونن ۽ ترخانن جا قصا وڌائي بيان ڪيا آهن، پر انهن تاريخن ۾ اھو لکيل نه آهي ته شاهه بيگ ارغون جي راھ ھموار ڪرڻ، قاضي جون درٻاري سازشون ۽ مدينه ماڇياڻيءَ کان دولھ دريا خان کي ٺٽو ڇڏڻ تي مجبور ڪرڻ جي سازش جي پويان محمد مھدي جونپوري جو سازشي ھٿ ھو. ياد رهي ته محمد مھدي جونپوريءَ ڄام نندي جي سڄي درٻار کي ته پنهنجو معتقد ڪري ويو ھو، پر ڄام نندي وري مخدوم بلاول کي گهرائي ماجرا پڇي جنهن محمد مھدي جونپوريءَ کي ڪوڙو مھدي سڏي ڄام نندي کي سڻڪ ئي نه ڏني ۽ پنهنجي اھم خليفن حيدر شاهه سنائي ۽ مخدوم ساھڙ لنجار کي حڪم ڏنو ته ھو محمد مھدي جونپوريءَ جي قافلي تي سن وٽان حملو ڪن. حملي ڪرڻ جي لاءِ لشڪر جي ٽڪڙي دولھ دريا خان ڏني.
حيدر شاهه سنائي ۽ مخدوم ساھڙ لنجار جي اوچتي حملي ۾ محمد مھدي جونپوري جو وڏو حفاظتي دستو مارجي ويو ۽ پنجاهه کان مٿي وڏن ٻيڙن کي باھ ڏني ته پوءِ محمد مھدي جونپوري خوف کان وٺي ڀڳو ۽ درياهه ٽپي پرينءَ ڀر پھتو، اتان اڳ ۾ موڪليل قاضي قاضن جي ھڪ وڏي جٿي سان گڏجي لڪندو ۽ سر بچائيندو شال (ڪوئيٽا) ۾ وڃي شاهه بيگ ارغون سان مليو.
ترخان نامي ۽ ڪجهه ٻين تاريخن ۾ جن بھادرن جو ذڪر ٿيل آهي اھي سي ھي آهن. سنڌ جي تاريخ ۾ بادشاهه ڄام فيروز ۽ سندس ماءُ مدينه ماڇياڻيءَ جون ڪچايون، شھيد دريا خان ۽ ھن جي ٻن پٽن محمود خان ۽ مٺڻ خان (موٽڻ خان) جو ذڪر ٿيل آهي. جڏهن ته مخدوم بلاول ۽ ھن جي خاص خليفن حيدر شاهه سنائي، مخدوم ساھڙ لنجار، مخدوم رڪن الدين، مخدوم محمود حسن، مخدوم ھنڱورو ۽ مخدوم سعد عرف ساند جو ذڪر پڻ ملي ٿو. باقي سڄي تاريخ اسان کي شاهه بيگ ارغون ۽ سندس اولاد، عيسيٰ ترخان ۽ سندس اولاد جو ايترو ته ذڪر ٿيل آهي. ان کانسواءِ ارغونن ۽ ترخانن جي لشڪر سپاھين ۽ عملدارن جو حد کان وڌيڪ ذڪر ملي ٿو.
ھاڻي اچون ٿا ڄام نندي جي پٽ ڄام فيروز جي تخت سنڀالڻ کانپوءِ واري صورتحال تي، ڄام فيروز تخت تي ويھندي ئي پورچوگيزن جي خلاف 1509ع ۾ گجرات جي ديو بندر تي پورچوگيزن جي خلاف عثماني ترڪن، مملوڪن ۽ سلطان محمود بيگڙي جو ساٿ ڏئي سامونڊي فوج جنگ جي لاءِ موڪلي ته جيئن عربي (سنڌي) سمنڊ جي واپار کي ڌارين جي اثر کان آزاد رکجي.
ياد رهي ته ڄام فيروز شڪست کانپوءِ گجرات پھتو جتي سلطان قطب الدين بھادر شاهه سان پنهنجي ڌيءَ جي شادي ڪرائڻ کانپوءِ 36-1535ع مغل بادشاهه ھمايون سان گجرات جي جنگ ۾ وڙھندي قتل ٿي ويو. ڄام فيروز جي تاريخ مان مون کي محسوس ٿو ٿئي ته ڄام فيروز جي ماءُ مدينه ماڇياڻي پڻ محمد مھدي جونپوريءَ جي مريدياڻي ٿي ڪري محلاتي سازش ۾ ملوث ھوندي ڇو ته ھن ڪو به قدم ڄام فيروز جي حڪومت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ نه کنيو ھو، پر ڄام فيروز جي شڪست کانپوءِ مدينه ماڇياڻي پنهنجي پٽ سان گڏ گجرات ڏانهن ويل ضرور ڏيکاريل ھجي ھا خاص طور تي ڄام فيروز جي ڌيءَ جي شاديءَ ۾.
مومل جي منجهيل سٽ وانگر سنڌ جي تاريخ مان محترم حميد ھليو جي ڪھاڙي ناول جنهن ۾ انهن ڪردارن کي چٽيو آهي جن تي عام طور تي گهٽ رائيٽر لکندا آهن، پر جي لکندا به آهن ته انهن وٽ ڪو مرڪزي ڪردار موجود ھوندو آهي، پر ھتي نه فقط انهن جا نالا ۽ ڳوٺ، پر انهن ڳوٺن جي تاريخي حيثيت ۽ خوشحالي پڻ ڏيکاري اٿس خاص طور تي قيادت نه ھوندي عام ماڻهو ڪيئن ٿو قومي سوچ رکي ننڍن جنگي ميدانن کانپوءِ ڪيئن ٿو وڏن جنگي ميدانن جي سونهن ۽ طاقت بڻجي.
ھن ناول جي پھرين باب ۾ ڄام نندي جي وفات کانپوءِ سنڌ جي سياست جي شطرنج محمد مھدي جونپوريءَ جي آڏو ھئي جنهن جو وزير مريد شاهه بيگ ارغون ھو، گھوڙو جيڪو اڍائي گهر ھلندو آهي سو وري قاضي قاضن ھو، فيلو يا رڪ وري مدينه ماڇياڻي ھئي ۽ ھاٿي وري ڄام فيروز ھو. انهن سڀني جي اھم مخالف ڪردارن ۾ وري ڄام صلاح الدين ھو جنهن ٺٽي تي حملو ڪيو ھو، پر دولھ دريا خان جي عقلمنديءَ سان ٺٽي جو تخت ڄام فيروز سنڀاليو. جڏهن ته انهن سڀني جي سامهون وري مخدوم بلاول ۽ ھن جا خليفا ۽ دولھ دريا خان ھو، پر ساڳئي وقت تي ھڪ طرف شاهه بيگ ارغون جا موڪليل ڌاڙيل ۽ نور ڳاھي ۽ دولت جو ڪردار ۽ مٿان وري دولھ دريا خان سندس پٽ ھئا جن شاهه بيگ ارغون سان جنگ ڪندي شھيد ٿيڻ وارن منظرن بھترين ۽ وضاحت سان چٽيل آهن، پر ناول جي شروعات ۾ گدري کي ڪھاڙي سان ٻه اڌ ڪرڻ جي بدران وينجهار کي ارغونن جي ڪنهن نالي واري سپھ سالار جي ڪنڌ ڪپڻ ڏيکاريل ھجي ھا ته ناول ۾ جان اچي وڃي ھا. ساڳئي وقت تي پھرين باب جي آخر ۾ قومي شاعر جي قوم سان لاتعلقي ظاهر ڪرڻ ۽ وينجهار ۽ حالو سميجو پنهنجي ساٿين سان گڏجي ارغونن جي لشڪر جي ننڍڙي ٽوليءَ جي اڳواڻ کي قتل ڪرڻ جي پسمنظر ۾ ڳوٺن کي ڏنل باھين ۽ عام ماڻهن جي قتل تي بيوس ڏيکاريل آهن يعني ھنن وٽ ڪابه پلاننگ نه آهي ته کين ڪرڻ ڇا گهرجي.
ٻئي باب ۾ ماڇين جي دليريءَ جو سڳو سڪندر اعظم جي حملي سان جوڙيو اٿس، پر ساڳئي وقت تي مخدوم جعفر بوبڪائيءَ جي والد صاحب مخدوم عبدالڪريم بوبڪائي جو ذڪر ۽ وڏي عالم ھجڻ جا دليل به پيش ڪيا اٿس، پر انسائيڪليو پيڊيا سنڌيانا ۾ لکيل آهي ته مخدوم عبدالڪريم بوبڪائي مدرسي جو باھم طالب شاھ حسن ارغون ھو، پر جڏهن ھو سنڌ جو سلطان ٿئي ٿو ته مخدوم عبدالڪريم بوبڪائيءَ کي ٺٽي ۾ وڏو مدرسو کولي ڏئي ٿو ۽ کيس وڏو معلم مقرر ڪري ٿو جنهن جو ذڪر نه ڪيو اٿس. جڏهن ته ٻن ڄڻن جي محبت جو داستان چٽيو اٿس جنهن جو رنگ ڍنگ ٻھراڙيءَ وارو آهي، پر انھيءَ محبت ۾ گهرائيءَ جي کوٽ ظاهر ٿئي ٿي.
ٽين باب جي شروع ۾ صفه صفا جي جي ٿلھي تي محمود ڪوڪلتاش جيڪو جاسوس سيد آهي کان ڌاريجن جي بغاوت ۽ بکر تي حملي جو ٻڌو ته ھن کي “ڪانچ ڍري محسوس ٿيڻ لڳي” جيڪڏهن ھن جملي جي بدران ھن جي چھري جا تاثر لکجن ھا ته بھتر لڳي ھا ته ايڏو ظالم ۽ خونخوار حمڪران اندر ۾ ڪيترو نه خوف ۾ ورتل آهي ۽ ايترو خوف ۾ ورتل جو ھو قلعي جون ڀڳل ڀتيون ۽ برج مضبوط ٿو ڪرائي ۽ سيدن جي ذريعي ڌاريجن ۾ ڦيٽاڙو وجهي ڪري 47 ننڍڙا سردار زھر کانپوءِ خوني برج تان ٿو ڪيرائي ۽ خوش تڏهن ٿو ٿئي جڏهن مير فاضل مھرن، ڏھرن ۽ ٻين قبيلن کي شڪسٿ ڏئي ٿو اچي. ايتري قدر جو ڌاريجن جي بغاوت شاهه بيگ ارغون کي به وائڙو ڪري ڇڏيو، پر ڀونگر ڌاريجو جي ٻٻر کي ڪھاڙيءَ وارا ڌڪ ھڻڻ ۾ لطف نٿو اچي.
ھن ئي باب ۾ قاضي قاضن جو اھو تاريخي جملو پڻ ڏنو اٿس، “سنڌ سيلابي ھجڻ ڪري ڪانڊيرا جام ٿيندا آهن جن کي ڪٽڻ ضروري آهي”، پر شاهه بيگ ارغون جو قاضي قاضن کي نه سڃاڻڻ پڻ حيرت ۾ وجھڻ جھڙو آهي جو قاضي قاضن جو محمد مھدي جونپوريءَ جي ڪري سڄي سنڌ جو سياسي ۽ جنگي منظر تبديل ڪندڙ ھو جنهن کانپوءِ شاهه بيگ ارغون کي ھمت ٿي ته ھو سنڌ تي حملو ڪري پر نور ڳاھي ۽ دلوت نه ڄام فيروز جي درٻار ۾ موجود ھئا سي ته قاضي قاضن کان واقف ھئا.
ھن ۾ ڀونگر سميجو پنهنجي عشق جو ذڪر ٿو ڪري جيڪو ڪجهه تصوراتي دنيا ۾ وٺي ٿو وڃي، پر ان تصور ۾ جان وجهڻ جي لاءِ سندس زال گم ٿيڻ، زمين ۽ گهر جي تباھيءَ کانپوءِ رائيٽر کي ٻڌائڻ گهرجي ھا ته اھا تباهي ڪنهن ڪئي يا وري انهن جا پيرا سنڌ يا جيسلمير ڏانهن ته نه ويا. ڀونگر سميجي جي دليري ڏيکاريل آهي، پر ھو پنهنجي سندر زال جي تلاش ڪرڻ جي بدران بکر ٿو پھچي ۽ ارغونن سان جنگ ڪرڻ جا سانباھا ٿو ڪري.
چوٿون باب سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي لاءِ ٻٽي عذاب سان شروع ٿو ٿئي جنهن ۾ ھڪ طرف مغل بادشاهه ھمايون جو شير شاهه سوريءَ کان شڪست کائي سنڌ ۾ ڪڙڪڻ ٻئي طرف وري شاهه حسن ارغون طرفان سنڌ جي جاگيردارن ۽ ننڍن زميندارن، واپارين کي ڌنڌا بند ڪرڻ ۽ مھاڻن کي جر تي ٻيڙي نه ھلائڻ جا سخت شاهي فرمان جاري ڪرڻ سان گڏ ڪنهن به ڳوٺ يا شھر ۾ مغل بادشاهه ھمايون جي ڪنهن به قسم مدد ڪرڻ تي سخت سزا جو اعلان ڪيو پر مغل بادشاهه ھمايون ۽ سندس لشڪر ڇپ ٿي جنهن جي به مٿان ٿي ڪريو ته انهن ڳوٺن يا شھرن جي چڱن مڙسن يا سردارن پنهنجي ماڻهن جا سر بچائڻ جي لاءِ مغل بادشاهه ھمايونء کي اناج يا ڍور نٿي ڏنا ته سندن ڪنڌ تلوار جي ھيٺ ھو پر جي ڏنا ٿي ته سندن ڪنڌ تي شاھ حسن ارغون جي تلوار ھئي ۽ پوءِ ٻنهي طرفن کان سنڌين جي موت جو کيل شروع ٿي ويو ۽ جيڪي بچيا ٿي تن کي وري بک ٿي موت ڏانهن ڌڪيو. رائيٽر قتل عام، تباهي ۽ بک جو منظر خوب چٽيو آهي، پر بک کان مئل گدڙ کائڻ ۽ ماءُ کي ڪھي کائڻ حيرت ۾ وجھندڙ آهن. دنيا جي وڏين ۽ ننڍن جنگين ۾ اھڙو واقعو شايد ئي ٿيو هجي.
نيٺ شاهه حسن ارغون جي پاليسي ڪامياب وئي جو ھن مغل بادشاهه ھمايون جي ڪيترن ئي حملن کي ناڪام بڻائي سنڌ ڇڏڻ تي مجبور ڪري ايران وڃڻ لاءِ راھ ھموار ڪئي. رائيٽر مغل بادشاهه ھمايون کي سڄي سنڌ ۾ رلندي ڏيکاريو آهي ساڳي وقت تي شاهه حسن ارغون جو خوف به ظاهر ڪيو اٿس، ايتري قدر جو ھن نه صرف مغل بادشاهه ھمايون کي، پر يادگار ناصر کي پڻ پنهنجي ڌيءَ ڏيڻ ٿي چاهي، پر جڏهن مغل بادشاهه ھمايون ٽريو ته پوءِ شاهه حسن ارغون جي تلوار سنڌين جي ڪنڌن تي ڦرڻ لڳي.
مغل بادشاهه ھمايون جو سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ آڌرڀاءُ ۽ مدد ڪرڻ وارا در ٻيلي جا سھتا ھئا سھتن جا ٻه اھم اڳواڻ سارنگ سھتو ۽ يوسف سھتو بکر جي سلطان محمود ڪوڪلتاش جي اک جو ڪنڊو ھئا تڏهن ته ھن پنهنجي ھڪ جاسوس مرزا جاني بيگ تي سارنگ سھتو ۽ يوسف سھتو کي گرفتار ڪري بکر جي قلعي ۾ آڻڻ جو حڪم ڏنو. مرزا جاني بيگ جو امو بھڻ ٿي سارنگ سھتي سان دوستي رکڻ، پاڻ کي زخمي ڪرڻ ۽ سندس ٿاڪ تي پھچڻ ۽ پوءِ سارنگ سھتو ۽ يوسف سھتو کي گرفتار ڪرڻ واري جاسوسيءَ جو انداز بھتر نموني سان چٽيل آهي. جڏهن ته سارنگ سھتي وارن جي جاسوسي واري سسٽم جو ذڪر ڪرڻ گهرجي ھا. ھن باب ۾ ئي جڏهن مسيح الاولياءُ جندالا جو سنڌ ڇڏڻ ائين لکيو اٿس جيئن اڄ ڪلھ ھندو خاندان سنڌ مان لڏي ٿا وڃن ڄڻ سھائن ٿا جو ظلم ئي ھنن سان آهي باقي ٻيا سنڌي مسلمان ڄڻ ته جنت ۾ ٿا گذارين.
پنجين باب ۾ نومڙين/نمڙين، شورن ۽ جوکين سان ٿيل ارغونن جي ڪِيس جو ذڪر ٿيل آهي، پر ھن باب ۾ رائيٽر پھريون لڪيءَ جي گرم چشمن واري تيرٿ تي سنان ڪرڻ لاءِ ايندڙ ھندو عورتن جي اڌ اگھاڙن جسمن کي ڏسڻ لاءِ ارغون عملدار جبل تي ٺھيل حجري ۾ ويھي انهن عورتن کي ٿو ڏسي، پر ھو بٽئي به سخت ٿو وٺي تنهن عملدار کي ھو ڍل جي عيوض قتل ڪرڻ ته بھترين آهي، پر ڪو ھندو باغي ڪردار به ڏيکارجي ھا ته واھ واھ ٿي وڃي ھا. ٻيو ڪردار مير شوري جو آهي جنهن جو بٽئيءَ تان ٿيل جھيڙو ھن جي ڳوٺ جي خونريزيءَ ۽ سندس پيءُ جي قتل ٿيڻ سان باغي ڪردار ۾ شروع ٿو ٿئي، پر مير شوري جو روپ بدلائي بدلي وٺڻ واري جاسوسي زبردست آھي، پر مير شوري جو خنجر سان شير افغان جي منڊي لاھڻ کانپوءِ ارغون فوجن جو گھيرو ٽوڙي ڀڄڻ ڏيکاريو وڃي ھا ۽ پوءِ کيس باغين سان ملايو وڃي ھا ته ڪردار جاندار ٿي پوي ھا. ٽيون ڪردار جلال جوکئي جو آهي جنهن تي به ارغون ڏمريل ھئا ھو جبلن مان لوھ ڪڍي ڪھاڙيون ۽ ٻيو جنگ جو سامان ٺاهي باغين کي ڏيڻ جو الزام ھڻڻ کانپوءِ شاهه محمد ارغون ڳوٺاڻن کي ڀاڙ جو ترو سڏي ٿو ۽ وري حاجيءَ سان ڀوڳ ڪندي ھڪ ٻئي کي پادر ٿا ھڻن جنهن جي ڪري جوکيا ڳوٺ ڇڏي جبل ٿا وسائين، پر ٿيڻ ھيئن گهرجي ته جوکيا شاهه محمد ارغون ۽ سندس سپاهين قتل ڪري پوءِ ڀڄن ھا پڙھندڙ ڪجهه لطف وٺي ھا.
باب ڇھين ۾ رائيٽر قاضي قاضن جو خواب جنهن ۾ “ڪلڪ جو منهن رت ۾ ٻڏل، رت سان ڀريل ڪيترائي پنا، ڪنن ۾ روڄ راڙو…” ۽ قاضي قاضن جو محترم جعفر بوبڪائيءَ وٽ پھچڻ ۽ کيس سڄي نفسياتي ماجرا ٻڌائڻ ۽ ان جو علاج طلبڻ جي سدا ڪرڻ مان سمجهجي ٿو ته قاضي قاضن کي سنڌي ماڻهن جي قتل عام جو پڇتاءُ ٿيو ھو تڏهن ته ھو مرڻ کان اڳ ۾ معافيءَ جو دڳ پڇي رهيو ھو. ھن جي ذھني اذيت گهٽائڻ جي پسمنظر ۾ محترم جعفر بوبڪائيءَ کيس عثمانيه سلطنت جي سلطان سليمان عاليشان (1566-1494) جو پنهنجي پٽ شھزادي مصطفيٰ کي پنهنجي زال حرم سلطان جي چوڻ تي مارائڻ ۽ پوءِ واري پڇتاءُ جو ذڪر ڪيو اٿس. جڏهن ته سلطان سليمان نه صرف شھزادي مصطفيٰ کي 1553ع ۾ قتل ڪرايو، پر حرم سلطان مان پيدا ٿيل شھزادي محمند کي 1554ع ۽ شھزادي بايزيد کي پنهنجي چئن پٽن سوڌو 1561ع ۾ قتل ڪرايو. شايد صدر مشرف جي آخري دور ۾ پاڪستان جي ٽي وي چينل تي ھليل ترڪ ڊرامي کي ڊبنگ ڪري “ميرا سلطان” ۾ ڏيکاريو ھو ته سلطان سليمان وزيراعظم ابراھيم پاشا کي حرم سلطان جي برغلائڻ مارائڻ کانپوءِ کي ڀڇتاءُ ٿو ٿئي جنهن جي قتل جا ٻه سبب ھئا. پھريون ته ھن فتح ڪيل علائقي ۾ سلطان سليمان جي بدران پنهنجي نالي تي بعيت ورتي ۽ ٻيو ته ھو شھزادي مصطفيٰ کي سلطان ڪرائڻ جو حامي ھو، ڇاڪاڻ ته شھزادو مصطفيٰ وڏو جنگي حڪمت عمليءَ ۽ انتظامي معاملن جو ماھر ھو.
ٻي ڳالهه جيڪا تاريخ جي ورقن ۾ گم ٿيل آهي سان آهي ته آخر مخدوم بلاول کي گھاڻي ۾ پيڙاھڻ واري فتويٰ ڪھڙي قاضيءَ ڏني؟ جيڪڏهن غور ڪبو ته محمد مھدي جونپوريءَ جو وڏو دشمن ڪير ھو جنهن ڄام نندي کي مھدوي ٿيڻ کان روڪيو ۽ دولھ دريا خان کان درياھي لشڪر جي ٽڪڙي وٺي سيد حيدر شاهه سنائيءَ جي ڪمان ۾ ڏني ۽ سيد حيدر شاهه سنائيءَ تي حملو ڪنهن ڪرايو ھو جو محمد مھدي جونپوريءَ خوف مان درياءَ ۾ ٽپو ڏئي وٺي ڀڳو ته شاهه بيگ ارغون وٽ وڃي دم پٽيائين. محمد مھدي جونپوريءَ ڪيترائي ڏينهن ته ننڊ مان ڇرڪ ڀري اٿندو ھو ڪو ھو ننڍي قد واري سيد حيدر شاهه سنائيءَ کي باهه وارو تير ھلائيندي ڏسندو ھو؟ اھو محمد مھدي جونپوري ئي ھو جنهن جي ڪري رائيٽر کي قاضي قاضن جو خواب جنهن ۾ “ڪلڪ جو منهن رت ۾ ٻڏل، رت سان ڀريل ڪيترائي پنا، ڪنن ۾ روڄ راڙو” لکڻ جي بدران ھن کي مخدوم بلاول جي ٽٽندڙ ھڏين جا آواز ٻڌڻ اچن ھا ته ناول وڌيڪ جاندار ٿئي ھا. ٻي ڳالهه ته نظرياتي ماڻهو جڏهن پنهنجي نظريي ڦھلائڻ جي پسمنظر ۾ قتل ٿيندڙن جو پڇتاءُ محسوس نه ڪندو آهي، ڇو ته ھو حق تي ھوندو آهي. ھڪ مثال جيڪو ھن معاملي ۾ رھنمائي ڪري سگهي ٿو جڏهن حضرت علي رضه جي جنگ ۾ ھڪ ڪافر بي حرمتي ڪئي ته حضرت علي رضه ڪافر کي قتل نه ڪيو. سبب پڇا ڪرڻ تي چيائينس ته ھن وقت جيڪڏهن مان توکي قتل ڪندس ته اھو پنهنجي ذات جو بدلو وٺڻ ٿيندو جڏهن ته ھيءَ جنگ مان الله پاڪ جي لاءِ ٿو وڙھان. اھڙيءَ طرح سان حضرت سعد بن ابي وقاص رضه جو ايران جي ساساني شھنشاھ يزدگرد کي شڪست ڏيڻ جي دوران وڙھندڙ ايرانين کي قتل ڪرڻ. حضرت خالد بن وليد رضه جون بازنطيني سلطنت کي شڪستون ڏيڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته انهن فاتحن کي ته ڪا به ذھني پريشاني نه ٿي ھئي جو ھو سڀ نظرياتي ھئا ۽ ساڳئي وقت تي جنگي اخلاقيات سان سر ٿيل ھئا. ساڳي طرح سان قاضي قاضن به مھدوي طريقي جو ھو جنهن جي لاءِ ھن دنيا جي پھرين مزاحمتي صوفي بزرگ مخدوم بلاول رح کي شھيد ڪرائي پڇتاءُ محسوس نه ڪيو ته باقي ھن جي لاءِ عام سنڌي ڪھڙي اھميت رکندا ھئا. باقي غدار سيدن کي بکر جي قلعي وارن گھرن کان ٻاھر ڪڍرائڻ ۽ شاهه حسن ارغون جي زال ماھ بيگم جو ترخان نوجوان مرزا عيسيٰ خان ترخان تي عاشق ٿيڻ ۽ ھن جي عشق ۾ ارغون سلطنت کي تباهه ڪرائي ترخان سلطنت جو بنياد وجھرائڻ ۾ اھم ڪردار کي رائيٽر بھترين انداز ۾ چٽيو اٿس.
رائيٽر آخري باب ٿورو تڪڙو لکيو آهي نه ته ھن باب ۾ وينجهار جي ڪردار کي وڏي پيماني تي فڪشنلائيز ڪرڻو ھئس جو رائيٽر ھڪ طرف لکي ٿو ته وينجهار کي پندرهن ھزار لشڪر ھو جنهن ۾ پنج ھزار گھوڙي سوارن جو دستو ھو. جڏهن ته مرزا عيسيٰ خان ترخان وٽ پنج ھزار لشڪر ھو. اھڙي پسمنظر وينجهار کي سنڌ آزاد ڪرائڻ گهرجي ھا نه ڪي مرزا عيسيٰ خان ترخان سان گڏجي مرزا عيسيٰ خان ترخان جي جنگ وڙهي ھا. وينجهار پنهنجي ساٿين کي ذھني سکيا ڏئي ھا جو ھو ڳجهه ڳوھ ۾ جاگيرون نه وٺن ھا ۽ نه ئي ايڏو وڏو سنڌي اتحاد تباهه ٿئي ھا. ھن باب ۾ وينجهار جو ارغورني ويس پائي شاهه حسن ارغون کي سخت پھريداريءَ جي ھوندي به شاھي خيمي ۾ قتل ڪرڻ ۾ به ڪجهه تڪڙ ڏيکاريل آهي، پر ھن سڄي ماحول کي ٿورو بھتر نموني سان فڪشنلائيز ڪري ھا ته پڙھندڙ کي وڏو مزو اچي ھا. آخر ۾ وينجهار جڏهن پنهنجي گھوڙي کي ڊوڙائيندو وڃي وچ درياءَ جي خالي پيٽ ۾ بيھي ٿو ته کيس احساس ٿو ٿيس ته سنڌي ماڻهن جون حالتون تمام گهڻيون خراب آهن، پر راول دل ٻڌائيس ٿو ته سلطان مرزا باقي ترخان جي سپاھي به ميراڻ ڳوٺ تي حملو ڪري ڳوٺ کي ساڙي ڇڏيو اٿس جنهن تي ھو سخت ڪاوڙ مان ڪھاڙيءَ کي ڦيرائيندو ميران ڳوٺ ڏانهن ويو. ھن سڄي باب ۾ رائيٽر اھو محسوس ٿو ڪرائي ته وينجهار وٽ پندرهن ھزار لشڪر جنهن ۾ پنج ھزار گھوڙي سوار ھوندي به جنگي حڪمت عمليءَ جو فقدان ھو.
ھن ناول پڙهڻ کانپوءِ تاريخ کي شاگرد آڏو ھٿيارن جي حوالي سان ڪجهه سوال اڀرندا ڇاڪاڻ ته پاڪستان جا مختلف چينل ترڪيءَ جا تاريخي ڊراما ڏيکاري رهيا آهن. خاص طور تي ارطغرل، ڪورولس عثمان، خيرالدين باربروسا ۽ سلطان صلاح الدين، ايوبي ھنن ڊرامن ۾ تلوار ۽ تير جو وڏو استعمال ڏيکارين ٿا. جڏهن ته ڪورولس عثمان ۽ سلطان صلاح الدين ايوبيءَ ۾ ته بارود ٿا ڏيکارين ۽ انهيءَ کانسواءِ خيرالدين باربروسا وفات 1546ع ھڪ وڏو ترڪ سامونڊي ڪمانڊر ھو واري ڊرامي ۾ ته پستول ۽ بندوق به ڏيکارين ٿا، پر رائيٽر ارغونن سان جنگ ۾ ڪھاڙيءَ جو استعمال ٿو ڏيکاري، پر ڪھاڙيءَ کانسواءِ ٻئي ڪنهن به ھٿيار جو ذڪر نٿو ڪري ۽ نه ئي ڪھاڙي ھلائڻ جي لاءِ ڪو سکيا مرڪز ٿو ڏيکاري.