بلاگ

محمد عثمان ڏيپلائي
(13 جون 1908-7 فيبروري 1981ع)

13 جون 1908ع تي ڏيپلي شهر ۾ حبيب الله ميمڻ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ محمد عثمان ميمڻ پنهنجي صلاحيتن سبب سنڌ جي ادبي اُفق تي بيباڪ صحافي ۽ ناليواري اديب طور مشهور ٿيو. ڏيپلو شهر سندن نسبت سان ڏيهه پرڏيهه سڃاتو وڃي ٿو.

ڇهه درجا ڏيپلي مان پڙهڻ کانپوءِ گهرو حالتن جي ڪري اڳيان پڙهي نه سگهندڙ محمد عثمان ڏيپلائيءَ کي لکڻ ۽ پڙهڻ جو گهڻو شوق هو ۽ هو ماٺ ڪري نه ويٺو. پنهنجو شوق ذاتي محنت سان پورو ڪيائين. وڏي پئماني تي تاريخ، مذهب، سياست ۽ ادب پڙهندو رهيو. اديب فاضل 1957ع ۾ پاس ڪري 1968ع ۾ سٺ سالن جي عمر ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. عربي، فارسي، گجراتي، هندي، گرمکي ۽ اردو ٻولين جي سٺي ڄاڻ هئس. 11 سالن جي عمر ۾ دستي اخبار فرحتِ آثار 1919-1918ع ۾ هم ڪلاسين لاءِ لکيائين جنهن ۾ قاضي حاجي علي محمد ساڻن گڏ هوندو هو ٻئي گڏجي دستي اخبارون ڪڍندا هئا.

سورنهن سالن جي عمر ۾ پهريون مضمون محمد بن قاسم بابت اردو اخبار ”منادي“ ۾ 1924ع ۾ شايع ٿيو. سندن پهريون افسانو 1928ع ۾ ڇپيو انهيءَ کانپوءِ افسانا لکندو رهيو، جن جا ننڍا مجموعا شايع ٿيل آهن. پهريون مجموعو ”گلشن عبرت“ شايع ٿيو.

ڏيپلائي صاحب ٿر ۾ ڏڪار جي بدترين صورتحال سبب شروع ۾ ئي ڏيپلو ڇڏي پهرين ٽنڊي باگي ۽ پوءِ بدين ۾ رهائش اختيار ڪئي اڳيان هلي ميرپورخاص ۽ حيدرآباد ڏي رهائش منتقل ڪيائون. سندن وڏا وڻج واپار ڪندا هئا. ڏڪار جي سبب جڏهن اهو ممڪن ڪونه هو تڏهن پاڻ زميندارن وٽ منشي ٿي ڪم ڪيائون، چار درجا پڙهيل هئڻ ڪري نوڪري ته آسانيءَ سان ملي ويندي هئي جتي نوڪري ڪندي گهڻو لکندو رهيو. ڪيترائي عبرتناڪ زميندارن جا ظلم ۽ ڪامون جا ڪلور واقعا ڏسڻ کانپوءِ سندن قلم رهي نه سگهيو، جي گهڻي ڀاڱي سندن افسانن ۾ موجود آهن.

1941ع ۾ ناٽڪ نويسيءَ طرف توجهه ڪندي ”غيرت عرف نورجهان جو پٽ“، ناٽڪ لکيائين جو بيحد مقبول ٿيو، اهڙيءَ ريت هن 15 کن ناٽڪ اصلاحي، سماجي، اخلاقي، تاريخي ۽ سياسي موضوعن تي لکيا. 1939ع ۾ ناول نگاريءَ جي شروعات ڪندي ”سنگدل شهزادي“ ناول لکي پنهنجي ئي قائم ڪيل اداري اسلاميه دارالاشاعت ميرپورخاص مان شايع ڪرايائين. پوءِ ته ڄڻ ناولن جي برسات ٿي وئي. ڏيپلائي صاحب 60 کان مٿي تاريخي، اسلامي، نصيحتي ۽ ٻين موضوعن تي ناول لکيا.

سندس لکڻ جو سفر باقائدي شروع ٿي ويو. قلم جي رفتار پريس جي مشين وانگر نه بيهندڙ هئي، ڏيپلائي صاحب آخري ناول ”انقلابِ ايران“ 1980ع تائين ڪل 150 کن ڪتاب لکيا ته مضمون، ڪالم، اداريا، افسانا، ديني مذهب، تاريخ، سوانح، لسانيات، تنقيد، لطيف شناسي ۽ ٻين موضوعن تي لکيائين. ڪجهه شعر به چيائين تخلص ”شائق“ هئس. ان شاعريءَ مان چونڊ شاعري، ”مهراڻ شاعر نمبر“ ۾ شايع ٿيل آهي. شاعريءَ مان ٻه مثال هيٺ ڏجن ٿا.

ڪري ڪو ڪرم، ڪر سڄڻ شاد، ”شائق“

ڀري پير پرنئون، جڏو جيءُ جياريو.

صبر ’شائقا‘، سوز کي سانڍ دِل ۾،

نه قادر ڪندو نيٺ ناڪام مون کي

ڏيپلائي صاحب پنجاهه رپين جي موڙيءَ سان اسلاميه دارالاشاعت جو ادارو کوليو، جنهن ۾ سندن پنهنجي ڪتابن کانسواءِ ٻيا پڻ ڇپيا. جن ۾ سنڌي ادبي بورڊ جا لوڪ ادب جي سلسلي جا ڪجهه ڪتاب، ”تاريخِ معصومي“، ”آفتاب ادب“، ”تاريخ ريگستان“، ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“، بلو کوکر ۽ ٻيا هئا. جن جو انگ به پنجاهه تائين آهي. جا انهيءَ وقت ۾ سنڌي ادبي اشاعتي سلسلي طور وڏي مدد هئي. ڏيپلائي صاحب مرزا قليچ بيگ کان پوءِ سنڌي ادب جو وڌ ۾وڌ ڪتاب لکڻ وارو اديب شمار ٿئي ٿو. مرزا صاحب شاعر پڻ هو، پر ته به سندن گهڻا ڪتاب نثر ۾ آهن. ڏيپلائي صاحب فقط نثر ۾ لکيو ۽ 150 کان مٿي ڪتاب لکيا، انهيءَ ڪري اهو بجا طور چئي سگهجي ٿو ته سنڌي نثر جي ترقيءَ ۽ واڌ ويجهه ۾ قليچ ۽ ڏيپلائيءَ جو ڪم تاريخي اهميت رکي ٿو.

ڏيپلائي صاحب ٿر جي هڪ پٺتي پيل علائقي سان واسطو رکندڙ غريب ڪٽنب جو صوفي منش انسان، جنهن کي ڪنهن به اداري، حڪومت ۽ سربراهه طرفان پٺ نه ملي نه پنهنجي ئي ڳوٺ واسين مان ڪا شاباس اُن وقت ملي، هن ڏک ڏاکڙا سهي، راهن جا پٿر هٿن سان هٽائي، ڏات ۽ پورهئي وسيلي اهڙو ته مقام ماڻيو جو تمام ٿورن ڏات ڌڻين کي نصيب ٿيو آهي، روشن خيال، ترقي پسند ۽ جديد سماج کي اڏڻ لاءِ هن هڪ مضبوط سماج سڌارڪ جو رول ادا ڪيو. سندس تحريرن تي بندش پئي. ڏيپلائي صاحب جي جن ڪتابن کي ضبط ڪيو ويو. انهن ۾ پهرين ”ڏاهري رنگ محل“ ضبط ٿيو ۽ ان کانپوءِ ”گلستان حَسن“ حسن بن صباح بابت لکيل هو. (ڏاهري رنگ محل هندو راجا ڏاهر جي خلاف آهي ۽ هندو مذهب جي نفي ڪيل آهي. انگريز حڪومت خسارن ۽ وڳوڙن کان بچاءُ لاءِ اهي ٻئي ڪتاب ضبط ڪيا)، ايوبي مارشل لا جي دور ۾ ”1857ع جي آزاديءَ جي جنگ“، ”انور پاشا“ ۽ ”جپاني گڏي“ ضبط ٿيا. 1963ع ۾ ميڪسيم گورڪيءَ جي ناول“the mother” جو ترجمو ”امڙ“ چئن ڪتابڙن جي شڪل ۾ آندائين اهو به ضبط ڪيو ويو. ان کانپوءِ 1976ع ۾ ”شيخ المشائخ“ ڪتاب تي بندش پئي جو جي ايم سيد جي خلاف لکيل ”سنڌ سونهاري“ ڪتاب جو جواب هو. سندن سڀ کان گهڻو مقبول ڪتاب 1857ع جي آزاديءَ جي جنگ هو، جنهن جون ٽي هزار ڪاپيون ٻن ايڊيشن ۾ کپيون جو هڪ سنڌي ڪتاب جو رڪارڊ قائم ٿيو هو. ڏيپلائي صاحب جي ٻين اهم ڪتابن ۾ ”سانگهڙ“، ”امڙ“، ”انقلاب ايران“، ”غازي انور پاشا“، ”گلشنِ عبرت“، ”عروج اسلام“، ”نورِ توحيد“، ”غازي صلاح الدين“، ”سيرت محمدي“، ”فتح اسلام“ قرآن پاڪ جو سنڌي ترجمو ۽ شاهه لطيف جو رسالو (ترتيب) آهن، سندن ڏهن ڪتابن جو اردوءَ ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي.

انساني بنيادي حقن جي لاءِ جاکوڙيندڙ ۽ انسانيت جي حاميءَ ڏيپلائيءَ 1938ع ۾ اسلاميه دارالاشاعت اداري جو بنياد وڌو ۽ 1941ع ۾ ”عبرت“ ماهوار جاري ڪيائين 1941ع ۾ ئي ”عبرت“ جو ڪتابي سلسلو شروع ڪيائين، هفتيوار عبرت 1943ع ۾ ڪڍيائين. قرآن پريس 1948ع ۾ قائم ڪيائين. ڊسمبر 1948ع ۾ پهريون ڪتاب ”سيرتِ محمدي“ ڇپيو. ”اداره لطيفي“ 1949ع ۾ ۽ اداره انسانيت 1952ع ۾ شروع ڪيائين ان کانپوءِ روزاني عبرت اخبار جو سلسلو 1953 کان قائم ٿيو، جا سنڌ جي هڪ مقبول و معروف اخبار هئي. ۽ اڄ به جاري آهي. 1957ع ۾ ڏيپلائي صاحب ماهوار ”انسان“ رسالو شروع ڪيو. جنهن کي مئي 1959ع ۾ هفتيوار ڪيائين انهيءَ دوران روزاني عبرت، قاضي عبدالمجيد عابد ۽ قاضي محمد اڪبر کي 1958ع ۾ وڪرو ڪيائين. 1969ع ۾ ”ساڻيهه ڊائجيسٽ، ۽ روزاني ” سنڌ ٽائيمس“ 1969ع ۾ ڪڍيائين اهڙيءَ ريت عوامي رابطي جي هن صحافتي سفر ۾ ڏيپلائي صاحب 1948ع کان 1980ع تائين رهيو. قرآن پريس کي 1972ع ۾ لساني وڳوڙن ۾ باهه ڏني وئي، جنهن ۾ کين وڏو نقصان ٿيو، پر همٿ ڪونه هاريائون. ڏيپلائي صاحب تي وقت به وقت آزمائش ايندي رهي. جو هو صاف گو ۽ بي ڊپو ليکڪ هو. اڻ ورچائي سندس نصب العين هو. باهمت ۽ باعزم ڏيپلائيءَ جي سڄي حياتي جهدِ مسلسل جي داستان آهي. سندن اخبارن هفتيوار ”انسان“ ۽ روزاني سنڌ ٽائيمس تي پابندي وڌي وئي ۽ ڪتاب ضبط ٿيا کين ٽي دفعا جيل نيو ويو، 1958ع، 1961ع ۽ 1973ع ۽ اهو دور سندن مشهوري ۽ ڪم جي رفتار جي حوالي سان عروج جو هو. 60-70 ۽ 80 جي انهن ڏهاڪن ۾ جيل وڃڻ سان پريس وقتي طور بند ٿي ٿي وئي، پر واپس اچي وري به وڏي حوصلي سان ان کي شروع ڪندو هو. خود اعتمادي، پنهنجي ڪم سان محبت، محنت ۽ شوق ڏيپلائي صاحب جو وطيرو هو. سچائي، سادگي ۽ توڪل جي ترهي سندس حوصلو قائم رکيو. پنهنجي ذهانت ۽ مدد جي جذبي سان وڏن وڏن عالمن ۽ اديبن جي مدد ڪيائين جيئن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، جمال ابڙو، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، مولوي احمد ملاح، شيخ اياز ۽ ٻيا، جن اهو اعتراف پنهنجي تحريرن معرفت ڪيو آهي.

مايوسي ۽ نااميديءَ کان ڪوهون پري رهندڙ ڏيپلائي صاحب جي مزاح جي حس وڻندڙ ۽ يادگيري لازوال هئي، ڪچهرين جو مور هو، غلام محمد گرامي، محمد ابراهيم جويو، نجم عباسي، حيدر بخش جتوئي، سوڀو گيانچنداڻي ۽ ٻين سان اٿڻ ويهڻ هئس ۽ ٻين ڪيترن اديبن ۽ عالمن کي ويجهو هو، جيل ۾ سندس ملاقاتون اديبن ۽ سياستدانن سان ٿيون، جن سندس نظرين ۾ تبديلي آندي جنهن ۾ خاص طور فيض احمد فيض، دادا امير حيدر، خوشحال خان، مرزا ابراهيم ۽ ٻين ترقي پسند رهنمائن سان ملڻ کانپوءِ سندن ئي لفظن ۾ ته، ”انهن جي خيالن ۽ جذبن مون کي متاثر ڪيو“

ڏيپلائي صاحب ۾ متاثر ٿيڻ جي قوت وڌيڪ هئي. جنهن جي ڪري سندن خيالن ۽ سوچن ۾ وقت سان گڏ تبديليون پڻ آيون جنهن جو ڏيپلائيءَ جي فڪر تي گهرو اثر ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هو سياسي ماڻهو نه هو پر هن پنهنجي سماج جي ماڻهن کي سياسي سجاڳيءَ جو سڏ تحريرن معرفت ڏنو. سندس مطالعو ۽ مشاهدو تحرير جو روپ وٺي مزاحمتي ادب طور عوام جي ذهنن کي ذهني مفلوجي ۽ وهم پرستي مان ڪڍندو رهيو. ون يونٽ قائم ٿيڻ کانپوءِ صوبائي خودمختياري جي لاڙي ۽ ان جي جدوجهد کي تيز تر ڪرڻ لاءِ ڏيپلائي صاحب وطن دوستي، انسان دوستي ۽ قومپرستيءَ کي تاريخ جي تناظر ۾ اڳيان آندو. ”سانگهڙ “ ناول کان اڳ انهيءَ قسم جي مزاحمتي ناول جو مثال سنڌي ادب ۾ اڳ ۾ موجود نه هو.

هن انقلابي شخص انقلاب کي پسند ڪندڙ دنيا جي ڪيترن ملڪن جي انقلابن تي ناول پيش ڪيا جيئن ”انقلابِ ايران“، ”انقلابِ ويٽنام“، انقلابِ سنڌ عرف فتح پاڪستان“، انقلاب روس، انقلاب فرانس ۽ ٻيا. جن مان ڪي ڪتابي صورت ۾ ڇپيا ته ڪي رسالي انسان ۾ قسطوار آيا، انهيءَ وقت ۾ جڏهن ٽيليفون، موبائل ۽ انٽرنيٽ جهڙيون سهولتون نه هيون هڪ ٿري شخص پنهنجي مطالعي ۽ اخبار بينيءَ جي آڌار تي ڪيترو نه باخبر هو؟

جو هو پوريءَ دنيا ۾ ٿيندڙ حالتن، انقلابن، ترقين ۽ تنزلين جي ڄاڻ رکندڙ هو. محمد عثمان ڏيپلائي شخصي طور زندگيءَ ۾ سڀني سان مهربان، نوڙت ۽ محبت سان رهيو. هو هڪ هر دلعزيز، خوش طبع ۽ خوش مزاج شخص هو.

سندس والد حبيب الله 1950ع ۽ والده تاج ٻائي 1945ع ۾ فوت ٿيا.

ڏيپلائي صاحب جي اولاد ۾ ڊاڪٽر ثريا سوز ڏيپلائي ۽ محمد علي ڏيپلائي جو نالو علم ادب ۾ موجود آهي موجوده وقت ڏيپلائي صاحب جي اولاد پنجن نياڻين ۽ ٽن پٽن مان ڪو به فرد حيات نه آهي. باقي سندن ڏوهٽا ڏوهٽيون ۽ پوٽا پوٽيون ڏيپلائي صاحب جي ورثي کي سنڀاليندا اچن.

محمد عثمان ڏيپلائي 7 فيبروري 1981ع تي بيماريءَ سبب حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. کين پنهنجي حياتيءَ ۾ پنجن ڪتابن تي انعام ۽ ايوارڊ مليا، خاص طور پنهنجي پڙهندڙن ۽ مداحن کان بي حساب محبتون مليون. سندن وفات کانپوءِ 1- سنڌ جي چيف منسٽر سيد غوث علي شاهه 14 آگسٽ 1987ع تي ”پاڪستان موومينٽ ايوارڊ“ عطا ڪيو جو سندن نياڻيءَ ڊاڪٽر ثريا نسيم وصول ڪيو هو. اهو ايوارڊ کين پاڪستان تحريڪ ۾ ورتل حصي طور ڏنو ويو. ان کانپوءِ 2- صدارتي ايوارڊ برائي حسن ڪارڪردگي 14 آگسٽ 2003ع تي اعلان ڪيو ويو ۽ 23 مارچ 2004ع تي سندن فرزند محمد علي ڏيپلائي اهو ايوارڊ پاڪستان جي صدر کان حاصل ڪيو.

3- ڏيپلائي صاحب جي نالي تي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ ڏيپلائي ڪارنر قائم ڪيل آهي. 4- سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينٽرل لائبريريءَ واري روڊ کي سندن جي نالي منسوب ڪيو ويو آهي 5- جولاءِ 2007ع ۾ قاسم آباد حيدرآباد جي اهم روڊ (علمدار چوڪ کان هنڊا پيلس تائين) کي ڏيپلائي صاحب جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي. ڏيپلائي صاحب جون علمي ۽ ادبي خدمتون سنڌ جي ويهين صديءَ جي دور جي هڪ تاريخ آهن. جي هميشه قائم رهنديون.

***