بلاگنئون

ڇا بلاول ڀٽو زرداري ڪئنالن واري معاملي تي سنڌ جي عوام سان گڏ بيهندو؟

قومپرستن جي مقابلي ۾ حڪمران ڌر سان گڏ ويٺل  پاڪستان پيپلز پارٽي ڪئنالن خلاف احتجاج جو سڏ ڏنو، ملڪ جي ٻيو نمبر وڏي پارٽيءَ جي دعويدار رڳو سنڌ صوبي جي هر ضلعي هيڊڪوارٽر ۾ سئو ٻه سئو ماڻهو گڏ ڪري نالي ماتر احتجاج ڪيو. اڳواڻن سميت ڪنهن کي به خبر نه پئي ته اهو احتجاج ڪنهن جي خلاف ڪيو ويو. ڇو ته مرڪز ۾ صدر پيپلزپارٽي جو ويٺل آهي جنهن پنهنجي صحيح سان ڪئنال ڪڍڻ جي اجازت ڏئي وري گڏيل اجلاس گهرائي ان مسئلي کي ختم ڪرڻ بجاءِ اهو چيو ته مان مطمئن ناهيان وفاقي حڪومت کي هڪ طرفو فيصلو نه ڪرڻ گهرجي. جڏهن ته چئني صوبن ۾ گورنر پيپلزپارٽي جا ويٺل آهن. ٻن صوبن يعني سنڌ ۽ بلوچستان ۾ صوبائي حڪومتون به  پيپلز پارٽيءَ وٽ آهن. وفاق ۾ پيپلزپارٽي کانسواءِ ڪا حڪومت ئي نٿي ٺھي سگھي. ھاڻي حڪومت خلاف احتجاج به پيپلزپارٽي ڪيو. ڳالھه ڪنهن جي سمجھه ۾ نه آئي. عوام کي بيوقوف بنائڻو هو يا وفاق کان لاتعلقي ڪرڻ جو آغاز هو. ڇو ته زرداريءَ جو نعرو “کپي کپي” اڄ به ماڻهن کان نه وسريو آهي ۽ جيالا ان جو مقصد کپائڻ ئي ڪڍندا رهيا آهن. هن وقت صورتحال ڳنڀير ڏسڻ ۾ اچي ٿي!!! وفاق کان ملڪ جا ٽي صوبا بلڪل خفا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. احتجاج جو ھي سڄو ڊرامو ڀٽي جي ورسي تي پيپلزپارٽي طرفان ناراض سنڌي عوام گڏ ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو. ڇو ته جيڪا ھن وقت سوشل ميڊيا تي صورتحال آھي ان مان پ پ قيادت بخوبي واقف آھي ته 4 اپريل تي ڀٽي جي ورسي تي سنڌي عوام ڪئنال واري متضاد مسئلي جي ڪري شرڪت نه ڪندو. ان ڪري وڏي مايوسي ۽ ناڪامي کي منھن ڏيڻو پوندو. تنھنڪري ھن ڀيري سنڌي ماڻهن جيئن ڪئنالن خلاف سوشل ميڊيا تي پاڻ ملھايو آهي، ايئن ئي سياسي ميدان ۾ پڻ پاڻ ملھائڻ جي ضرورت آهي. دوکي جي ديوار کي هر حال ۾ ڊاهڻو آهي جيئن ڀٽي جي جانشينن کي خبر پوي ته واقعي سنڌ اگھور ننڊ مان جاڳي پئي آھي ۽ سنڌ جو عوام پ پ جي سنڌ دشمن پاليسين خلاف ھر ميدان ۾ پاڻ ملھائڻ لاءِ تيار بيٺو آھي. باقي جيڪڏهن ڪو اک جي پڪائي ڪري ورسيءَ ۾ وڃي ٿو ته سمجھي ڇڏجو انھن پنھنجي وطن، ضمير، عزت ۽ غيرت ھڪ برياني جي پليٽ عيوض وڪڻي ڇڏي آھي، جيڪو پنهنجي ٻچن جي مستقبل لاءِ نٿو اٿي ان مان چڱائيءَ جي ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي!

پيپلز پارٽي سنڌي ماڻهن کان ووٽ وٺي سنڌ جي ماڻهن جي ووٽ کي سنڌ دشمن منصوبن جي لاءِ استعمال ڪيو آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جو عوام قبول نه ڪندو. ڇو ته سنڌ جو عوام پارٽي کي اهو مينڊيٽ ان لاءِ نه ڏنو هو ته هو سنڌ مخالف فيصلا ڪري. جيڪڏهن پيپلز پارٽي هن وقت حڪومت ۾ ويٺل آهي ته اهو اختيار ان کي سنڌ جي عوام جو ڏنل آهي. اها ڳالهه پيپلز پارٽي کي وسارڻ نه  گهرجي. گذريل ڏينهن بلاول ڀٽو سنڌ ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪندي واضح طور ڪئنالن واري منصوبن کي قرارداد وسيلي ظاهري طور رد ڪيو هو ۽ وزيراعظم شهباز شريف کان مطالبو ڪيو ته سنڌ کي ريور انڊس سسٽم تي ڪنهن به ڪئنال جو منصوبو قبول ناهي. اجلاس ۾ وفاق ۽ ارسا کان اهو به مطالبو ڪيو ويو ته 91 واري ٺاهه تحت پاڻيءَ جي ورڇ يقيني بڻائي وڃي ۽ سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. خاص طور تي ڪوٽڙي اسٽريم ۾ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇڏيو وڃي ۽ چشما جهلم لنڪ ڪئنال توڙي تونسا پنجند لنڪ ڪئنالن کي ٻوڏ واري صورتحال کانسواءِ وهائڻ بند ڪيو وڃي. ائين تونسا کان گڊو بئراج تائين جي وهڪري جي مانيٽرنگ لاءِ ٽيلي ميٽر سسٽم لڳايو وڃي. اجلاس ۾ پ پ سنڌ ڪائونسل وفاق کي خبردار ڪيو ته سنڌ 70 سيڪڙو زرعي پيداوار ڪندڙ صوبو آهي. جيڪڏهن سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي فراهم نه ڪيو ويو ته فوڊ سيڪيورٽي جو مسئلو پيدا ٿيندو، جنهن جي ذميواري وفاق تي لاڳو ٿيندي. ڇو ته پ پ سمجهي ٿي ته ارسا ۾ وفاق ۽ هڪ صوبي جي اڪثريت سبب سنڌ جا آئيني اعتراض رد ڪيا وڃن ٿا، ان ڪري وزيراعظم ارسا چيئرمين ۽ ارسا ۾ وفاق جو ميمبر سنڌ مان کڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ اندر پيپلز پارٽيءَ جي سياسي مخالف جي ڊي اي کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ويو ته جي ڊي اي ڪئنالن تي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ڪري عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. پاڻي تڪرار جي حل ۽ پاڻي منصوبن بابت آئيني فورم سي سي آءِ اجلاس فوري طور طلب ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. پيپلزپارٽي جي اجلاسن ۾ ترديدون ڪرڻ ۽ جلسا ڪرڻ باوجود سنڌ جو عوام کين ڏوهاري سمجهي ٿو. ڇو ته وفاق سان گڏ ويهي سنڌ خلاف سازش ڪئي وئي آهي.

ھاڻوڪي قومي ھلچل کي وڌيڪ سگھارو ڪرڻ لاءِ ھيٺئين سطح تائين اتحادي عملي ڪاميٽيون ٺھڻ گھرجن ته جيئن هن هلچل کي وڌيڪ منظم طريقي سان هلائي سگهجي. ڇو ته سنڌو درياءَ رواجي مامرو ناھي، پر اھو اسان جو پنجاب سان تضادن، ٽڪرائن، جھيڙن ۽ جنگ جو بنيادي مسئلو آھي. پنجاب پنهنجو پاڻي کپائي گذريل ڏيڍ صديءَ کان اسان جي پاڻيءَ تي ڌاڙو ھڻندو پيو اچي. پاڻيءَ جي معاملي تي ھاڻوڪي قومي ھلچل سنڌ جي سياسي سجاڳي ۽ ڏاهپ جو اظهار آهي. ھن ھلچل کي وڌيڪ متحد، منظم، متحرڪ، مربوط، مضبوط ۽ تسلسل سان هلائڻ جي ضرورت آھي. سنڌو درياءَ جي بچاءُ ۽ بقا لاءِ عالمي ماحولياتي ادارن جي ڪردار کي به اجاڳر ڪرڻو آهي. ماحولياتي گدلاڻ ۽ آبھوائي بدلاءُ جي حوالي سان ساري دنيا ۾ ڪم ڪندڙ تنظيمون، ادارا ۽ فرد سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ تي لڳندڙ ڌاڙي، ڊيلٽا جي تباھي ۽ عالمي ماحولياتي بگاڙ تي خاموشيءَ جا سبب پڇڻا آھن. سنڌ جي عوام سان گڏوگڏ سنڌين جي عالمي تنظيمن ورلڊ سنڌي ڪانگريس ۽ سانا کي به پنھنجو ھاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. سنڌ جو ڪوئلو، گئس، تيل ۽ ٻيا اپائتا وسيلا ڪيڏانھن ٿا وڃن ۽ ڪٿي ٿا خرچ ٿين؟ ھاڻوڪي قومي ھلچل جو ٻيون مرحلو نتيجا خيز ھجڻ گھرجي. ڇو ته سنڌو درياءَ جو بچاءُ پنھنجي قومي جياپي سان لاڳاپيل آھي. جيڪڏھن پاڻ متحرڪ، متحد ۽ منظم ھونداسين ته پوءِ پاڻ مجبور ۽ مغلوب نه رھنداسين. هن وقت سنڌ جي قومي ھلچل کي اتحاد ۽ رابطي وارن ضابطن جي ضرورت آھي. مسئلن کي سمجھڻ، انهن جي سببن کي ڄاڻڻ ۽ حل ڪرڻ لاءِ انگ اکر ضروري آھن. ڇو ته سنڌ لکين سالن جي ارتقائي عمل سان جڙيل تهذيب آهي. هن مهل تائين جيڪو تحرڪ جاري رهيو آهي هاڻي ان کي تحريڪ ۾ تبديل ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي. پيپلز پارٽيءَ جو اصل چهرو ظاهر ٿي چڪو آهي ان ڪري انهن کي اقتدار کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه گهرجي. سنڌي قوم کي هاڻي سندن ڪوڙن بيانن ۽ ترديدن جي پويان وقت نه وڃائڻ گهرجي. ڇو ته سنڌ جي انگن ۽ ننگن جي حفاظت ڪرڻ اسان جي قومي فرض ۾ شامل آهي. جيڪڏهن پ پ سنڌ جي سڄڻ پارٽي هجي ها ته ڪئنالن تي پاس ٿيندڙ قرارداد جو حصو نه بڻجي ها ۽ حڪومت کان ڌار ٿي سنڌين سان گڏ بيهي ها، پر ائين نه ٿيو. هن وقت سنڌين جي مسلسل تحريڪ جڏهن کين اگهور ننڊ مان جاڳائي بيدار ڪيو آهي ته نالي ماتر شرمندگيءَ کان نعرا هڻي هڪ ڀيرو وري سنڌ ڪارڊ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا مڪاري سنڌي عوام خوب سمجهي چڪو آهي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته 4 اپريل تي بلاول ڀٽو پنهنجي ناني جي ورسيءَ تي وفاق ۽ پنهنجي پيءُ آصف زرداريءَ کان عليحدگي اختيار ڪري سنڌ ۽ سنڌو درياءَ سان گڏ ٿو بيهي يا ڪرسيءَ جي لالچ ۾ پنجاب ۽ سندس پوئلڳن سان گڏ ٿو بيهي. اڃان به وقت نه ويو آهي، پيپلز پارٽيءَ کي سنجيدگي اختيار ڪري سنڌوءَ کي سڪائڻ واري سازش کي ناڪام بنائڻ لاءِ اٿندڙ قومي آواز سان گڏ بيهڻ گهرجي ان ۾ ئي سندن ڀلائي آهي.