بلاگنئون

جيڪي يونيورسٽيون پنهنجي معاشي حالت بهتر نٿيون ڪري سگهن اهي قوم ۽ سماج ۾ بهتري ڪيئن آڻي سگهنديون

يونيورسٽين جو تدريس ۽ تحقيق سان گڏ ٽيون اهم ڪردار اهو آهي ته حڪومت ۽ صنعتڪارن جي سهڪار سان تحقيق مان حاصل ٿيندڙ نئين ڄاڻ ذريعي سماج جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ عملي سرگرمين سان گڏ نوان ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ ماحول سازگار بڻائين. جڏهن يونيورسٽيون پنھنجو ٽيون ڪردار بهتر نموني ادا ڪنديون ته پوءِ يونيورسٽين مان تعليم ۽ تحقيق جون ڊگريون حاصل ڪندڙ نوجوانن کي نه صرف ڊگري حاصل ٿيندي، پر ان ڊگري جي بنياد تي سماجي سڌارن سان گڏ کين ڪاروبار ڪرڻ جو عملي تجربو پڻ حاصل ٿيندو ۽ سندن اهڙي ڪاروبار مان نه صرف سندن خاندان کي، پر سندن مادر علمي يونيورسٽين کي ۽ پوري قوم ۽ ملڪ کي پڻ سماجي ۽ معاشي فائدو ٿيندو. يونيورسٽين جي اهڙي سماجي ۽ معاشي ڪردار جي بنياد تي ئي کين سماج ۽ معيشيت جون انجڻيون چئي سگهبو ۽ پوءِ اهي دنيا جي يونيورسٽين جي عالمي درجابندي ۾ پڻ شمار ٿي سگهنديون.

پاڪستان ۾ يونيورسٽين تدريس ۽ تحقيق سان گڏ سماجي ۽ معاشي انجڻيون بڻائڻ لاءِ ھائر ايجوڪيشن ڪميشن طرفان 2011ع کان هر يونيورسٽي ۾ تحقيق، ايجاد ۽ تجارت ڪاري جي آفيس (آفيس آف ريسرچ انوويشن اينڊ ڪمرشلائزيشن) جي قيام لاءِ هدايتن سان گڏ حڪمت عملي پڻ واضح ڪئي وئي آهي. تحقيق، ايجاد ۽ تجارت ڪاري کي هٿي وٺائيندڙ هن آفيس جو پهريون بنيادي ڪم اهو آهي ته حڪومت ۽ صنعتڪارن جي سهڪار سان يونيورسٽي جي استادن ۽ شاگردن جي تحقيق لاءِ بنيادي مسئلن جي آگاهي کان وٺي انهن مسئلن تي تحقيق لاءِ منصوبي جي تياري ۽ ان منصوبي لاءِ گھربل مالي ۽ ٻين سهولتن جي دستيابي لاءِ ڪوششون وٺي ته جيئن بهتر تحقيقي ماحول جڙي سگهي. هن آفيس جو ٻيو اهم ڪم اهو آهي ته تحقيق مان پيدا ٿيل ايجاد يعني خالص ڄاڻ کي استعمال ڪندي مسئلن جي حل لاءِ نيون مصنوعات تيار ڪري انهن مصنوعات جي تجارت لاءِ حڪومت ۽ صنعتڪارن جي سهڪار سان استادن ۽ شاگردن جي مدد ڪري ته جيئن انهن جي تحقيق تحت پيدا ٿيل مصنوعات جي ڪاروبار مان نه صرف استادن ۽ شاگردن، پر سندن مادر علمي يونيورسٽين ۽ پوري سماج کي ان جو فائدو ملي سگهي. آفيس آف ريسرچ انوويشن اينڊ ڪمرشلائزيشن (اورڪ) جي انهن ٻنهي اهم ڪمن لاءِ ھائر ايجوڪيشن ڪميشن جي حڪمت عملي تحت هر يونيورسٽي ۾ هيٺيون ڪل وقتي اسٽاف مقرر ٿيڻ گهرجي:

ڊائريڪٽر اورڪ: پرو وائيس چانسلر سطح جو ڪل وقتي پروفيشنل جنهن کي تحقيقي انتظام سنڀالڻ سان گڏ تحقيق مان حاصل ٿيندڙ ايجادن ۽ مصنوعات جي ڪاروبار جو پڻ تجربو هجي. حڪومتي ادارن، صنعتڪارن ۽ خانگي ڪاروبار ڪندڙ شخصيتن سان بهتر لاڳاپا هجن. هن قسم جو پروفيشنل اڪيدميا مان به ٿي سگهي ٿو ته صنعتڪارن مان پڻ ٿي سگهي ٿو، پر اڪيدميا واري پروفيشنل کي صنعتڪاري جو پڻ تجربو هئڻ گهرجي ۽ ساڳي طرح صنعتڪاري واري پروفيشنل کي تحقيقي تجربو هئڻ گهرجي.

مئنيجر ريسرچ مئنيجمينٽ: هن پروفيشنل جي ذميداري آهي ته حڪومت ۽ صنعتڪارن جي سهڪار سان تحقيقي مسئلن جي نشاندهي ڪري استادن ۽ شاگردن کي آگاهه ڪري. مسئلن جي حل لاءِ ٺهندڙ تحقيقي منصوبن جي تياري کان وٺي انهن منصوبن لاءِ گھربل مالي ۽ ٻين سهولتن جي حاصلات لاءِ استادن ۽ شاگردن جي مدد ڪري. يونيورسٽي ۾ ٿيل سموري تحقيق جو ڊيٽابيس تيار ڪري ۽ ان ڊيٽابيس کي اورڪ جي ويب سائيٽ سان جوڙي. مئنيجر ريسرچ مئنيجمينٽ جي ڪارڪردگي هيٺ ڏنل پيراميٽرن تي مدار رکي ٿي:

(الف) ڪيترا تحقيقي منصوبا جمع ٿيا، منظور ٿيا ۽ مڪمل ٿيا.

(ب) ڪيترا تحقيقي منصوبا يونيورسٽي ۽ صنعتڪارن جي گڏيل تعاون سان جمع ٿيا، منظور ٿيا ۽ مڪمل ٿيا.

(ٻ) ٻين يونيورسٽين، صنعتڪارن، حڪومتي ادارن، اين جي اوز سان ڪيترا تحقيقي معاهدا ڪيا ويا.

(ڀ) حڪومت يا صنعتڪارن کان ڪيترا ريسرچ ڪانٽريڪٽ ايوارڊ مليا.

(ت) تحقيقي منصوبن جي منظوري جو تناسب.

(ٿ) ساليانه تحقيقي آمدني ڪيتري پيدا ٿي.

(ٽ) ريسرچ گرانٽ جي ڪيترن موقعن جي استادن ۽ شاگردن کي آگاهي ڏني وئي.

(ٺ) ڪنسلٽنسي جي ڪيترن موقعن جي استادن کي آگاهي ڏني وئي.

(ث) ڪنسلٽنسي جي ڪيترن ڪانٽريڪٽس تي عمل ڪيو ويو.

(پ) گراهڪن جو اطمينان.

مئنيجر انوويشن اينڊ ڪمرشلائزيشن: هن پروفيشنل جي ذميداري آهي ته تحقيق مان حاصل ٿيل ايجادن جي پيٽينٽ، ڪاپي رائيٽ يا لائسنس وغيره جي رجسٽريشن ڪرائي. ايجادن جي بنياد تي نين مصنوعات جي تياري ۽ انهن مصنوعات جي ڪاروبار شروع ڪرڻ ۾ مدد ڪري. استادن، شاگردن ۽ ملازمن کي نئين ڪمپني جي رجسٽريشن کان وٺي ان ڪمپني ذريعي ڪاروبار ڪرڻ ۽ ان ڪاروبار جي نفعي ۾ استادن ۽ شاگردن سان گڏ مادر علمي يونيورسٽي جو پڻ حصو واضح ڪن ته جيئن يونيورسٽي کي پڻ مالي سهائتا ٿي سگهي. مئنيجر انوويشن اينڊ ڪمرشلائزيشن جي ڪارڪردگي ھيٺ ڏنل پيراميٽرن تي مدار رکي ٿي:

(الف) انٽيليڪچوئل پراپرٽي جا ڪيترا فائيل رجسٽرڊ ٿيا.

(ب) انٽيليڪچوئل پراپرٽي تحت ڪيترا لائسنس ڏنا ويا.

(ٻ) لائسنسنگ ۽ ٻين اڪيڊمڪ سرگرمين مان پيدا ٿيندڙ ساليانه  آمدني.

(ڀ) صنعتڪارن ۽ ڪميونٽي جي نمائندن طرفان ڪيترا تحقيقي دورا ڪيا ويا.

(ت) صنعتڪارن، ڪميونٽي ۽ ڪاروباري نمائندن جي آگاهي لاءِ ڪيترا پروگرام منعقد ڪيا ويا.

(ٿ) حڪومت ۽ صنعتڪارن سان تعاون لاءِ ڪيترا معاهدا ڪيا ويا.

(ٽ) ڪيترا قومي ۽ بين الاقوامي ايوارڊ حاصل ڪيا ويا.

مٿي ڏنل عملدارن کان علاوه پاليسي مطابق هر يونيورسٽي ۾ اورڪ جي رهنمائي لاءِ هڪ اسٽيرنگ ڪميٽي پڻ جوڙڻ گهرجي جنهن جي گڏيل صدارت يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ خانگي شعبي جي بزرگ نمائندي کي ڪرڻ گهرجي. جڏهن ته ان جا گهٽ ۾ گهٽ 7 ميمبر هئڻ گهرجن جن ما اڪثريت خانگي شعبي مان هجي. جڏهن ته باقي ڊين وغيره هجن. اورڪ جي ڊائريڪٽر جي مقرري لاءِ اسٽيئرنگ ڪميٽي جي سفارش هئڻ گهرجي ساڳي طرح سان اورڪ لاءِ 5 سالا بزنس پلان جي تياري پڻ اسٽيئرنگ ڪميٽي جي رهنمائي ۾ ٿيڻ گهرجي. اورڪ آفيس جي قيام بعد 3 مهينن جي اندر 5 سالا بزنس پلان تيار ٿيڻ گهرجي. جڏهن هي سڀ مرحلا مڪمل ٿيندا ته ھائر ايجوڪيشن ڪميشن طرفان ان اورڪ کي مڃتا بعد تحقيقي سرگرمين لاءِ 15 سيڪڙو پرفارمنس گرانٽ ڏني ويندي ۽ باقي بجيٽ يونيورسٽي ۽ صنعتڪارن ذريعي پوري ڪئي ويندي.

هن وقت سنڌ جي اڪثر يونيورسٽين ۾ يا ته اورڪ آفيس موجود ئي نه آهي ۽ جي آهي ته ان ۾ گهربل عملدارن جي کوٽ سبب کين ھائر ايجوڪيشن ڪميشن کان مڃتا نه ملي سگهي آهي. سوال اهو آهي ته جيڪي يونيورسٽيون تحقيق سان جڙيل هڪ اهم آفيس جي قيام ۾ پوئتي پيل آهن اهي ڪهڙي طرح سماجي ۽ معاشي انجڻيون بڻجي سگهنديون؟ اهڙين يونيورسٽين جي حالت اها آهي ته اهي موجود عملي جي ماھوار پگهار پوري ڪرڻ ۾ پريشان آهن، جيڪي يونيورسٽيون پنهنجي معاشي حالت بهتر نٿيون ڪري سگهن اهي معاشري، ملڪ ۽ قوم جي معاشي ۽ سماجي حالت ڇا بهتر ڪري سگهنديون ۽ اهڙين يونيورسٽين جو عالمي رينڪنگ ۾ ڪھڙو شمار ٿيندو؟ سنڌ جي وڏي وزير سميت سنڌ ھائر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ ٻين ادارن کي سنڌ جي يونيورسٽين ۾ اورڪ آفيس جي بهتر ڪارڪردگي کي هٿي وٺائڻ گهرجي ته جيئن سنڌ جون سموريون يونيورسٽيون سماجي معاشي انجڻيون بڻجي سگهن ۽ اسان جو معاشرو پڻ امن ترقي ۽ خوشحالي ماڻي سگهي.