بلاگنئون

سنڌ جو برزگ شاعر: حاجي عبدالله خان ”شاد“ جلباڻي به وڇڙي ويو

هن ڌرتيءَ جي گولي تي جيڪو ڄائو آهي، سو وڇڙي به ويندو، پر ڪي وڇوڙا جيءُ جهوري وجهندا آهن. 15 مارچ 2025ع تي ڇنڇر جي ڏينهن صبح جو يارهن لڳي ڏهه منٽن تي هڪ عظيم انسان جو وڇڙڻ ڪنهن به وڏي صدمي کان گهٽ نه هو. سائين حاجي عبدالله خان “شاد” جلباڻي ڇا ته ادب ۽ اخلاق وارو شخص هو، جنهن جي ادب، اخلاق، ماڻهپي ۽ انسان شناسائي جا ڪيترائي مثال آهن. پاڻ گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو جنهن جي خوبين کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي. ماڻهو ته روز ڄمن ۽ مرن ٿا، اها ڪا وڏي ڳالھ نه آهي. فطرت جو اصول آهي اهو سلسلو آهي پيو هلندو ۽ هر ڪنهن کي هيءُ جهان ڇڏڻو آهي. ڪي شخصيتون دنيا مان هليُون به وڃن، پر انهن کي وسارڻ ڏکيو آهي، جيڪي انسان هن جهان ۾ جيئري رهڻ دوران پاڻ جهڙن انسانن جو قدر ڪن ۽ انهن جا ڏک، سُک ۽ تڪليفون محسوس ڪن تن جي وجود سان هيءَ ڌرتي گُل و گلزار لڳي ٿي. سائين عبدالله خان “شاد” جلباڻيءَ جي ڪهڙي ڳالھ ڪجي، هُو هر لحاظ کان سٺو انسان هو. سندس اوچتي وفات سندس سڄڻن جا جيءُ جهوري وڌا آهن. سندس وڇوڙي سان سندس نياڻيون، پٽ، مٽ مائٽ سڏڪا ڀري رنا آهن، پر هو دوستن کي به روئاڙي ويو آهي. قدرت جي فيصلي کي ڀلا ڪير ٿو چئلينج ڪري سگهي، بس هر ڪنهن کي اُن جي رضا تي راضي رهڻو آهي. جيستائين حياتي آهي، تيستائين سندس يادون ۽ ڳالهيُون پيون پچاربيون. سائين عبدالله خان “شاد” جلباڻي وفات کان ڏھ ٻارهن ڏينهن اڳ ۾ فون ڪري چيو هو. “بابا مِيڏَي يارهين ڪتاب دِي مهورت تون محرابپور چهَ ڪَرَواوِين” مون کيس چيو حاضر سائين! ڪجھ ڪم ڪار هِن واندَي ٿِي ڪرويسون مهورت. ڪهڙي خبر ته، انسان پنهنجي دل جون خواهشون ۽ خوشيون اڌ ۾ ڇڏي ويندو. بهرحال دل جي حضور سان ڌڻي در دعاڳو آهيان ته الله پاڪ، سائين حاجي عبدالله خان “شاد” صاحب جا جنت الفردوس ۾ درجا بلند فرمائي. سائين “شاد” صاحب سنڌي ادب، سنڌ جي تاريخ، تهذيب، ثقافت، هاريُن، غريبن، فقيرن توڙي اميرن سان برابر جو احترام ڪندڙ هو. خاص طور پنهنجي مادري زبان سرائيڪي هوندي به، سنڌي ٻوليءَ سان عشق ڪندڙ هو. جڏهن به وٽس وڃبو هو ته سنڌي ڏکين لفظن جون معنائون، جملن تي بحث، شعرن جي بحر وزنن جون گهڻيون ڳالهيُون ذڪر هيٺ آڻيندو هو: انهيءَ جو اظهار سندس هيٺين شعر مان محسوس ڪري سگهجي ٿو:

ڪنهن “شاد” ڪلهي تي هٿ رکي مون کان پڇيو،

مفعول مفاعيلن ڪنهن کي تون سيکارين ٿو.

جيئن ته، پاڻ علم عروض جو ڄاڻو ۽ استاد کان سکيا حاصل ڪيل شاعر هو، بحر وزنن جي تورن ماپن کي پوري طرح ڄاڻندو هو. شاعري رئيس حاجي عبدالله خان “شاد” جلباڻيءَ صاحب جي راحت ۽ وندر سبب هو ۽ اُن علم کان واقف به هو. اسان جڏهن سندس شاعريءَ جي مجموعن جو مطالعو ڪريون ٿا ته اُن ۾ سندس خيال نهايت خوبصورت نموني وزندار لفظن ۾ جوڙيل آهن جيڪي دل ۽ دماغ کي موهي ٿا ڇڏين. نوان نوان لفظ، سهڻيون سهڻيون تشبيهون، استعارا، رديف ۽ قافين جو استعمال مهل ۽ مناسبت سان ٺهيل آهن. انهيءَ ڪاريگريءَ مان ثابت ٿئي ٿو ته سندس شاعري سان اهڙو عشق ته هُئس، نه رڳو پاڻ شاعري ڪيائين، پر سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن جي ڪلام کي دلچسپي سان پڙهي ۽ انهن شعرن جو معنائون مثالن سان ٻڌائيندو هو. توڙي جو “شاد” سائين هڪ زميندار گهراڻي ۾ جنم ورتو، پر وڏيرڪي ذهنيت نه هئس. سدائين نهٺو نماڻو کِل مُک ٿي گذاريائين. انهيءَ جو وڏي ۾ وڏو سبب هي به هو ته سندس والد محترم پروفيسر غلام حسين جلباڻي هڪ عالم دين جي حيثيت سان پوري دنيا ۾ مڃيو وڃي ٿو، جنهن جي تربيت جو نتيجو ئي هو جو پاڻ هميشه ادب و اخلاق جو دامن هٿان نه ڇڏيائين. سائين “شاد” صاحب، پروفيسر غلام حسين جلباڻي صاحب جو پڳ ڌڻي پٽ هو. چڱي خاصي زمينداري هوندي به سندس شخصيت جو زور آور پهلو هڪ شاعر ۽ اديب وارو هو. سنڌ جي ڪيترن ئي اديبن سان سنگت هُئس ڪنهن جي به دل نه ڏکائيندو هو. دراصل توهان پڙهندڙ مون کان وڌيڪ ڄاڻو ٿا ته وڏيرن جا اڪثر ٻار توڙي وڏا اخلاق کان وانجهيل هوندا آهن، غريب غربي کي غلاميءَ ۾ ڏسندي فرحت محسوس ڪندا آهن. بگڙيل وڏيرن کي جڏهن پوڙها بزرگ پيرن تي هٿ رکي ملندا آهن ته هُو ڦونڊ ۾ ڦوڪجي ڪنڌ مٿي ڪري بيهندا آهن ۽ انهن کي منع ڪونه ڪندا آهن ۽ نه ڪي وري انهن جي اڇي ڏاڙهي جو احترام ڪندا آهن. انهن جي سوچ هوندي آهي ته سندن ننڍو نسل پنهنجن وڏن کي فرمانبرداريءَ ۾ ڏسي ۽ نسل در نسل اهو غلاميءَ جو سلسلو قائم رهندو اچي. هنن جي اڪثريت غريبن جي تعليم ۾ به رڪاوٽ هوندي آهي، غربين جي ذهني غريبيءَ مان ڀرپور فائدو حاصل ڪندا آهن. اٻوجهن کي پاڻ ۾ پيا ويڙهائيندا ڀڙڪائيندا، ڪڏهن هڪ ڌر جو ته ڪڏهن ٻي ڌر جو پيا پاسو وٺندا آهن. اسان جو عبدالله خان “شاد” جلباڻي انهن وڏيرن مان نه هو، هن جو عشق علم سان ۽ ڪتابن سان هو. ادبي سنگت جي مشاعرن ۽ ڪتابن جي مهورتن ۾ شوق سان شريڪ ٿيڻ ۽ ڳالهائڻ جو ڪوڏيو هو. انهن محفلن ۾ سندس ڪلام کي ڳايو ويندو هو. مان سمجهان ٿو ته سائين “شاد” صاحب کي جيڪي وڏيرا سادو انسان سمجهندا هوندا انهن کي خبر نه آهي ته هيءُ هڪ مهانُ انسان هو. سماجي، مذهبي، سياسي ۽ اخلاقي ڳالهيُن جو فهم رکندڙ انسان هو. سندس شاعري ڪرڻ جو مقصد ئي اهو هو ته ڏکن ۾ پيڙهيل ماڻهن کي شعور ڪيئن ڏجي ۽ ڪهڙو فورم استعمال ڪجي؟ انهيءَ جو پليٽ فارم ادبي سنگت هو، جنهن تان آواز بلند ڪندو هو. سندس ڪلام ۾ اهڙو پيغام موجود آهي:

“ڳالھ جا دل کي وڻي سا ئي ڪجي،

مانُ پنهنجو مرتبو پورو ڪجي.

صبح صادق کان وٺي من ڏينهُن لٿي،

سوچ ۽ ڪو لوچ ۾ لڇندو وتي.” (ص: 45)

مون کي اُهي ماڻهو ۽ شاعرَ، شاعرَ به ماڻهو آهن، وڻندا آهن جيڪي پنهنجي ماحول ۾ انڌين روايتن کي عملي طور رد ڪن ٿا. اهي بهادر ماڻهو پنهنجي زندگيءَ ۾ تمام ٿورا ڏٺا آهن. باقي کوکِلي خوشامد وارا منهن تي عزت پائي پاڻ وڻائڻ جي ڪوشش ۾ ناڪام رهندا آهن. سائين عبدالله خان “شاد” جلباڻي صاحب صادق ۽ سچ گو به اهڙو جيئن سچل سرمست فرمايو “سچ ٿا مرد چون، ڪنهن کي وڻي نه وڻي”، جهڙو اندر اڇو اجرو صاف دل انسان هو، تهڙو ئي ٻاهر سهڻو شخص هو. سائين “شاد” صاحب انسان جي عظمت ۽ وقار کي بلند ڪرڻ وارو شاعر هو. سنڌ ڌرتي سان هر ڪو پيار ڪري ٿو، اُن جو اظهار سائين “شاد” هن ريت ڪيو آهي:

“سنڌ لڳي مون کي پياري، سنڌ تان فدا مون ساھ آ،

سنڌي سڏايان “شاد” ٿو، ٻيو در ڏسڻ منع آ.” (ص: 47)

وطن ڏاڍو مٺو ٿيندو آهي، جيڪو اُن جي ماڻهن، گُلن، پکيُن، دريائن سان پيار نٿو ڪري، سو ڪهڙو انسان چئبو. وطن جو جي باغ ويران هوندو ته، گُلن جي خوشبوءِ ڪٿان ايندي. سندس هڪ شعر جو بند آهي:

“ويران جي آ گُلشن منهنجو،

ڇو “شاد” پاڻ سينگارين ٿو” (ص: 58)

مون جن شعرن جا مثال ڏنا آهن، سي سڀ شعر، سندس ڏهين ڪتاب: “شاد شعلا شوق جا” مان کنيا آهن. سندس ڪلام مان مثال آهي:

“ڏيھ آ ڏاڍو ڏکيو، ماڻهو ڏکيا،

“شاد” ڪنڌ ڪاتي رکيم سٺو ڪيم.” (ص:62)

انهيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو شاعر آهي جنهن کي سائين “شاد” صاحب کان وڌيڪ پنهنجي وطن سان حب هجي. اڄ جي ڪن شاعرن جي شاعري پڙهي، دل ۾ درد پيدا ٿئي ٿو ته ڇا لکي رهيا آهن. سنڌ ڌرتيءَ کي هن وقت انهن شاعرن جي ضرورت آهي جن کي پنهنجي وطن جي مِٽِي کان ويندي هر هڪ شيءِ سان پيار هجي، شاعريءَ ۾ قوم ۽ سماج جا مسئلا بيان ٿيل هجن. اسان جي اڪثر شاعرن جي حالت هي وڃي رهي آهي جنهن ۾ نه مسيج آهي ۽ نه وري اخلاقي ٻولي جو استعمال ڪيل آهي. رئيس عبدالله خان “شاد” جلباڻي، جهڙو ڀلو انسان هو اهڙو ئي ڀلو شاعر هو تهڙو ئي مهمانواز اوطاقي مڙس هو. اوطاق به مڙس ماڻهو هلائيندو آهي، جهڙي تهڙي جي جاءِ ناهي، نه ڏسي ڪوسِي نه ٿڌِي هروقت هڪيو تڪيو حاضر ٿيو اوطاق واري بنگلي ۾ اکڙيون وڇائي ويٺو هوندو هو ته ڪو مهمان اچي ڪو دوست اچي، اچي ويو ته واهه واهه…! حال حبيبان پيش پريان. سندس ڪلام جا ٻه بند آهن:

“هُو شخص حوالي آ،

اوطاق به خالي آ.

اعتبار پرين ڪونهي،

هر ساھ سوالي آ.”

هي رمضان شريف جو مهينو هزارين برڪتُون ۽ رحمتون کڻي ايندو آهي. جيئن ئي مهينو پورو ٿيندو ۽ شعبان جو چنڊ نظر ايندو ۽ عيد جون خوشيون کڻي ايندو، پر سائين عبدالله خان “شاد” جلباڻي، اسان وٽ موجود نه هوندو جنهن کي هر عيد تي ميسجن ذريعي ۽ فون تي يا روبرو وڃي مبارڪون ڏبيون هُيون. هيٺ ڏنل سندس شعر آهي، جنهن ۾ عيد جي خوشين جو ذڪر آهي، جيڪو سندس ياد کي سدائين تازو ڪندو رهندو.

“دل منهنجي ديواني يار لئه،

يار لئه پرور پرين پڳدار لئه.

عيد آ هر ڪو مٺا ڳائي نچي،

تو سوا ڪونهي رهيو پيار لئه.” (ص: 77)

عيد ته اچي ٿي ۽ آئي آهي، پر سائين حاجي عبدالله خان “شاد” صاحب هن دنيا ۾ اڄ موجود ڪونهن، پر سندس ڪتابن ۾ موجود ڳالهيُون ۽ سندس شخصيت جهڙا معصوم ۽ سادن لفظن سان جوڙيل شعر سدائين امر رهندا، جيڪي اسان کي سدائين حياتيءَ جو احساس ڏياريندا رهندا.

***