پاڪستانخاصنيو‍‍ز

ملڪ ۾ گئس جا ذخيرا گهٽجڻ جو انڪشاف، عوام بحران لاءِ تيار ٿي وڃي

ملڪ ۾ گئس جا ذخيرا گهٽجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن کانپوءِ سياري ۾ گئس بحران جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي. پيٽروليم سيڪريٽري علي رضا ڀٽا پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي کي بريفنگ دوران ٻڌايو آهي ته ملڪ ۾ گئس جا ذخيرا ساليانو 10 سيڪڙو گهٽجي رهيا آهن. نور عالم خان جي صدارت هيٺ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي اجلاس ۾ پيٽروليم سيڪريٽري چيو ته ملڪ ۾ سياري ۾ گئس بحران جو خدشو آهي. هن پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي کي آگاهي ڏيندي چيو ته هن وقت دنيا ۾ گئس ٻه کان ٽي سيڪڙو مهانگي ٿي چڪي آهي، مارڪيٽ جي حالتن کي ڏسندي گئس خريد نٿا ڪري سگهون. اجلاس دوران نور عالم خان گئس ڪمپنين کي 7 ڏينهن ۾ رهتن جي وصولي جي هدايت ڪري ڇڏي.