پاڪستانخاصنيو‍‍ز

پاڪستان ۽ ڀارت پاران پنهنجا هاءِ ڪمشنر واپس موڪلڻ جو فيصلو

پاڪ ڀارت ڪشيدگي گهٽجڻ بعد پاڪستان ۽ ڀارت پاران پنهنجا هاءِ ڪمشنر واپس موڪلڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. خبرن موجب ٻنهي ملڪن جا هاءِ ڪمشنر اڄ 9 مارچ تي واپس پهچندا. واضح رهي ته پاڪستان جو هاءِ ڪمشنر ڀارت ۾ 14 مارچ تي پاڪ ڀارت وفدن وچ ۾ ٿيندڙ اجلاس جون تياريون به ڪندو. هي اجلاس ڪرتار پور ڪاريڊور جي حوالي سان ٿي رهيو آهي. جنهن بعد ڀارت جو وفد 28 مارچ تي پاڪستان ايندو.