پاڪستانخاصنيو‍‍ز

اڄ رات ملڪ ۾ برسات جو نئون سلسلو شروع ٿيندو

موسميات کاتي پاران چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ اڄ رات کان بارش جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ وارو آهي جيڪو سومر تائين جاري رهندو. بارش جي هن سلسلي دوران بلوچستان جي اڪثر علائقن ۾ تيز برسات پوندي. جنهن کان علاوه بلوچستان جي ڪوئيٽا، زوب، سبي ۽ قلات ڊويزن جي ندين ۽ نالن ۾ چاڙهه اچي ويندو. ان کان علاوه سکر، لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات پوندي. برسات جي هن نئين سلسلي ۾ خيبر پختوانخواهه، پنجاب، اسلام آباد ۽ گلگت جي علائقن ۾ تيز هوائن سان گڏ بارش پوندي. جڏهن ته مٿين علائقن ۾ برف پوڻ جو خدشو آهي. جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو پڻ آهي.