سلمان خان کي 30 اپريل تي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي
بالي ووڊ اداڪار سلمان خان لاءِ هڪ ٻي ڌمڪي واري ڪال ممبئي پوليس کي وصول ٿي جنهن ۾ اڻڃاتل شخص اداڪار کي جلد قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب گذريل ڏينهن ممبئي جي مين پوليس ڪنٽرول روم ۾ پوليس کي ڪال موصول ٿي جنهن ۾ هڪ شخص چيو ته هو سلمان خان کي 30 اپريل تي قتل ڪندو. پوليس ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪال جي جاءِ جو پتو لڳائي ورتو جنهن موجب ڪال ممبئي کان 70 ڪلوميٽر پري جي علائقي کان ڪئي وئي هئي. ڀارتي پوليس موجب علائقي ۾ ڪارروائي ڪرڻ بعد خبر پئي ته ڪال 16 ورهين جي ڇوڪري ڪئي هئي جنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڇوڪري جو واسطو راجسٿان جي شهر جوڌپور سان آهي. وڌيڪ قانوني ڪارروائي ۽ جوابدار جو ارادو ڄاڻڻ لاءِ جاچ جاري آهي. ميڊيا موجب سلمان خان کي گذريل مهيني اي ميل ذريعي به قتل جي ڌمڪي ڏني وئي هئي جنهن کانپوءِ سندس سيڪيورٽي وڌائي وئي هئي.