نئون

حضرت سچل سرمست جو 197 هون عرس

ڪالهه خيرپور کان 39 ڪلو ميٽر پري درازا شريف ۾ حضرت سچل سرمست جو 197 هون عرس ملهائڻ لاءِ تقريب جو آغاز ٿيو. سچل سائينءَ جي مزار جي گادي نشين خواجه عبدالحق ۽ سکر جي ڪمشنر ڊاڪٽر عثمان چاچڙ گڏجي مزار تي چادر چاڙهي تقريب جو باقائدي آغاز ڪيو. تقريب جو آغاز صوفين طرفان سچل سرمست جون وايون ۽ ڪافيون ڳائي ڪيو ويو. چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف منور مهيسر ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن سماج ۾ صوفين جي پيغام  کي حقيقي معنائن ۾ لاڳو ڪيو وڃي ته سماج ۾ انقلاب اچي سگهي ٿو. آخر ۾ فنڪارن ۾ ايوارڊ به ورهايا ويا. ان موقعي تي سچل سرمست جي عرس لاءِ پهتل پانڌيئڙن سرڪار طرفان عقيدتمندن لاءِ اڻپورن انتظامن جي به دانهن ڪئي.