اچو ته باڊهه شهر جي تاريخ تي صحتمند بحث ڪريو ۽ ان بحث مباحثي مان پنهنجي تاريخي جنم ڀومي باڊھ شهر جي مڪمل تاريخي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ آئون هن شهر جي تعليمي، تدريسي، داناءَ، دانشورن، قلمڪارن ۽ محقق دوستن کي زير بحث شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيان ٿو. جيئن ته هر ماڳ، شهر، روڊ، رستا ۽ علائقا ڪا نه ڪا تاريخي پسمنظر يا معنيٰ رکندا آهن. هر ماڳ ۽ شهر جي آباد ٿيڻ جي ڪا نه ڪا تاريخي وجهه يا حيثيت ضرور هوندي آهي. اوائلي زمانن کان وٺي انسان اتي گڏجي رهڻ کي ترجيح ڏيندا رهيا آهن، جتي زندگي گذارڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اناج، گاھ اڳائڻ ۽ پاڻي جون سهولتون موجود هونديون هيون. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ جيئن جيئن انسان ۾ شعور ۽ ترقي پسند ڏانءُ ايندو رهيو. انسانن اجتماعي طور سامونڊي، دريائي ڪپن ڪنارن ۽ ذرخيز علائقن ۾ گڏجي سڏجي رهڻ کي ترجيح ڏني ۽ جتي انساني آباديون، واهڻ، ويڙھا، وسنديون، ڳوٺ ۽ شهر آباد ٿيا، اڄ به انهن علائقن جي هر لحاظ کان ڪا نه ڪا تاريخي حيثيت موجود آهي. پوءِ يقينن اسان جي باڊھ شهر جي تاريخي حيثيت به ضرور موجود هوندي.
مون باڊھ شهر جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي عمر وارن بزرگن سان ڪچهريون ڪيون ۽ انهن جي ڏنل معلومات مطابق، هن شهر جي تاريخ تي ڪجھ دوستن ۽ مون راءِ زني ڪئي آهي، اهو بحث مباحثي وارو حصو مان هن ڪالم ۾ ضرور شامل ڪندس ته جيئن توهان باڊاهي دوستن جي وڌيڪ رهنمائي حاصل ڪري سگهجي. جيئن ته اسان جي باڊاهي دوستن لکيو آهي ته باڊهه شهر موئن جي دڙو جو هم اثر شهر آهي ۽ باڊهه شهر جي تاريخ به اوتري ئي پراڻي آهي جيتري موئن جي دڙي جي تاريخ پراڻي آهي ۽ موئن جو دڙو سنڌين جي آبادي هئي. مان نهايت ئي معذرت سان انهن دوستن کان هڪ سوال پڇڻ ٿو چاھيان ته موئن جي دڙي جي تاريخ پنج هزار سال قبل مسيح يعني حضرت عيسي عليه السلام کان به پهريان پنج هزار سال قديم آهي. موئن جي دڙي ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻولي جي اڃان تائين مڪمل سڃاڻپ ڪونه ٿي سگهي آهي. موئن جي دڙي ۾ رهندڙ ڪهڙي قوم هئي ۽ انهن ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻولي ڪهڙي خطي جي ٻولين سان مشابهت رکي ٿي، اڃان تائين ڪا معلومات حاصل نه ٿي سگهي آهي ۽ رهي ڳالھ باڊهه شهر آباد ٿيڻ جي ته اها مشڪل سان ٽي کان چار سئو سال پراڻي تاريخ آهي هي شهر هندو مذهب سان تعلق رکندڙ سنڌي هندن آباد ڪيو هو، هتي رهندڙ هندو ڳئون جي پوڄا ڪندا هئا، جنهن کي بادا ماتا جي نالي سان پوڄا ڪري هندو روحاني سڪون محسوس ڪندا هئا ۽ آهستي آهستي هن ننڍڙي هندن جي ڳوٺ کي باداهه جي نالي سان شهرت ملندي رهي ۽ تيزي سان هندو هتي آباد ٿيندا ويا، تان جو هڪ ڳوٺ مان وڌي ننڍي آبادي وارو شهر مچي ويو، باداه جا هندو امن پسند ۽ نهايت ئي محنت ڪش هئڻ جي ڪري هي شهر زراعت سان گڏوگڏ تجارت جو به مرڪز بڻجي ويو. جڏهن انگريزن ارڙهين صدي ۾ سنڌ مٿان ڪاھ ڪئي ۽ جتي جتي سنڌ ۾ زراعت پيدا ڪرڻ جون انگريزن کي سرگرميون نظر آيون، انهن علائقن ۾ وڏا وڏا ڪئنال تعمير ڪرايا ويا، انهن ڪئنالن جو جتي جتي به پاڻي پهچندو رهيو اتي زمينن کي زراعت هيٺ آندو ويو، هندو زراعت ڪرائيندا هئا ۽ باداه شهر به ان ڪئنال جي ڪپ تي هئڻ جي ڪري ۽ زراعت لاءِ پاڻي وڌيڪ هئڻ ڪري باداه شهر جي آبادي ڏينهون ڏينهن وڌندي رهي هتان جا هندو زمينداري سان گڏوگڏ تجارت جي پيشي سان به سلهاڙيل رهيا آهن. موجوده باڊھ شهر ترقي پسند هندن جي ڪري ڏينهون ڏينهن تجارت جو مرڪز بڻجندو ويو. هتان جا هندو مکي، برمائڻ، ترجا، آهوجا، ايسراڻي ۽ سيٺ جي لقبن سان مشهور هوندا هئا. باداه شهر جي هندن جي پوڄا پاٺ لاءِ شهر جي مرڪز ۾ هڪ مندر اڏرايو ويو هو ته جيئن اهي پنھنجي مذهبي عقيدت ۽ دلي سڪون حاصل ڪري سگهن. انگريزن جي دور حڪومت ۾ هتي ريلوي اسٽيشن به قائم ڪئي وئي. آسپاس جي شهرن جو سامان باڊھ اسٽيشن تان ٽرانسپورٽ لاءِ ڏاند گاڏيون ۽ ڇڪڙا بار ڍوئڻ ۾ استعمال ڪيا ويندا هئا ۽ باداه شهر جا امير واپاري اڪثر اچ وڃ لاءِ بگي گهوڙي جي شاهي سواري استعمال ڪندا هئا. باداه شهر جون مشهور جايون ۽ چوڪ جيڪي اڄ به پراڻي سڃاڻپ برقرار رکيو پيا اچن، انهن ۾ سيواڻي سڙڪ، باداه چوڪ يعني حيدر چوڪ، پراڻي بازار، نئين بازار، نانڪ چوڪ، مندر واري گلي، ديوان محلو جيڪو هاڻي شيخ محلي سان سڃاتو وڃي ٿو. هندو پاڙو جنهن کي هاڻي گوڌڙا گلي جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو ۽ ريوا چند محلو جيڪو موجوده درگاھ شريف محلي سان مشهور آهي. شروعاتي دور ۾ باداه شهر ۾ مسلمان تمام گهٽ آباد هئا، ٻين علائقن مان مسلمانن زراعت جي غرض سان باداه شهر جو رخ ڪيو، جيڪي باداه شهر جي هندن جون زمينون آباد ڪندا هئا، آهستي آهستي باداه شهر ۾ وري مسلمانن جي آبادي تيزي سان وڌندي رهي.
هندستان ۽ پاڪستان جي ورهاڱي کانپوءِ هندن جي لڏپلاڻ جي نتيجي ۾ هندو اقليت ۾ اچي ويا. مسلمانن جي اڪثريت هئڻ ڪري هن شهر جو نالو باداه مان ڦرائي باڊھ رکيو ويو. موجوده باڊھ شهر چوڏهن وارڊن تي ٻڌل آهي. هن شهر جي لڳ ڀڳ اڍائي لک آبادي ٿيندي، لاڙڪاڻي ضلعي کانپوءِ هي ٻيو نمبر وڏي آبادي وارو شهر آهي. اڃان تائين باڊھ شهر کي ميونسپل ڪاميٽي يا تعلقي جو درجو به ناهي ملي سگهيو. هي چوڏهن وارڊن تي ٻڌل شهر هينئر تائين ٽائون ڪاميٽي جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. در حقيقت ٽائون انتظاميا ۽ هتان جا چونڊيل ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جي عدم دلچسپي جي ڪري موجوده باڊھ شهر ڏينهون ڏينھن پنهنجي اصل خوبصورتي ۽ اهميت وڃائي رهيو آهي. باڊھ شهر ڄاوا دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ روزگار سان لڳل ۽ رهائش پذير آهن. گهڻي ڀاڱي باڊھ شهر جا ماڻهو ملڪي اهم ادارن ۾ وڏن وڏن عهدن تي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، پر افسوس جو باڊھ شهر جي انهن معتبر شخصيتن ڪڏهن به موجوده باڊھ شهر جي بربادي تي ڪو به احتجاج رڪارڊ ناهي ڪرايو. قصو مختصر باڊهه شهر جي ڪهاڻي لاءِ وڌيڪ توهان محترم باڊاهي دوستن، قلمڪارن، دانشورن، اديبن، دانائن، تاريخي ماهرن، محققن ۽ استادن جي رهنمائي جو منتظر آهيان….؟