بلاگنئون

عورت: جنس نه، پر هڪ مڪمل انسان آهي

سنڌي سماج هجي يا عالمي معاشرو، عورت کي هڪ مڪمل انسان طور تسليم ڪرڻ بدران اڪثر ڪري کيس رڳو جنس يا گهريلو ضرورت جي دائري تائين محدود رکيو ويو آهي. اها هڪ اهڙي نفسياتي بيماري آهي جيڪا صدين کان مرداڻي ذهن تي حاوي آهي. هن سوچ کي تبديل ڪرڻ کانسواءِ ڪوبه سماج حقيقي ترقي نٿو ڪري سگهي. جڏهن اسان عورت کي رڳو جنس جي دائري ۾ بيهاريون ٿا ته اسان لاشعوري طور تي سندس ذهن، روح، خوابن ۽ صلاحيتن جو انڪار ڪريون ٿا. هن حاڪماڻي ذهنيت سبب عورت کي رڳو هڪ اهڙو جسم سمجهيو وڃي ٿو جنهن جي حفاظت يا جنهن تي قبضو ڪرڻ مرد پنهنجي “غيرت” ۽ “مردانگي” سمجهي ٿو. ان سوچ جي نتيجي ۾ عورت جي ذاتي آزادي ۽ انساني وقار کي تمام گهڻو نقصان پهچي ٿو. عورت ڪنهن به طرح مرد کان گهٽ ناهي. تاريخ شاهد آهي ته جڏهن به عورت کي موقعو مليو آهي، هن علم، ادب، سياست، سائنس ۽ فلسفي ۾ پنهنجو پاڻ مڃرايو آهي. هوءَ رڳو پيار ڪرڻ يا رشتن نڀائڻ جي مشين ناهي، پر هوءَ هڪ روح پڻ رکي ٿي. کيس رڳو جنس سمجهڻ دراصل ان عظيم صلاحيت جو قتل ڪرڻ برابر آهي. سماج جي اڪثريت اهڙن مردن تي مشتمل آهي جيڪي عورت کي پنهنجي برابريءَ ۾ بيهارڻ کان ڊڄن ٿا.

مرد کي لڳي ٿو ته عورت جي انساني حيثيت کي مڃڻ سان سندس “حڪمراني” ختم ٿي ويندي. جيتوڻيڪ ڊگريون عام آهن، پر اهڙي تعليم ناهي جيڪا انسان کي “انسان” جي عزت ڪرڻ سيکاري. درسگاهن ۾ جتي استاد هڪ انساني ڪردار جو روشن مثال هجن اتي اهي ساڳيا استاد مرد جي روپ اندر بگهڙ بڻجي وڃن ٿا. اهڙي سماج ۾ عورت ڊنل ٻڪري وانگر پنهنجي زندگي گذاري ٿي. يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ عورتن سان ٿيندڙ بدسلوڪي جا واقعا اهو ثابت ڪن ٿا ته اعليٰ تعليم به ڪيترن ئي مردن جي وحشي يا رڳو جنسي سوچ کي تبديل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. اهي “زومبي” مرد علم جي روشنيءَ ۾ هجڻ باوجود پنهنجي اونداهي سوچ تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار ناهن. هيءَ هڪ وڏي الميي واري صورتحال آهي ته جيڪي ادارا سماج کي نوان رستا ڏيکارڻ لاءِ هئا، اهي پاڻ انهن نفسياتي بيمارين جي لپيٽ ۾ آهن. عورت کي انسان سمجهڻ جو مطلب اهو ناهي ته کيس رڳو “حق” ڏنا وڃن، پر ان جو مطلب اهو آهي ته کيس هڪ انسان تسليم ڪيو وڃي، کيس پنهنجي زندگي، تعليم ۽ پيشي بابت فيصلو ڪرڻ جو پورو حق هجي، کيس جسماني سونهن بدران سندس ذهن ۽ ڪردار جي بنياد تي پرکيو وڃي. اهي سمورا قانون ۽ رسمون جيڪي عورت کي “ملڪيت” بڻائين ٿيون، تن جو خاتمو لازمي آهي. جيستائين اسان جي سماج جو مرد عورت کي پنهنجي برابر جو انسان، ساٿي ۽ هڪ آزاد وجود طور قبول نه ڪندو، تيستائين اسان جو سماج “نفسياتي طور بيمار” رهندو. عورت کي جنس جي دائري مان ڪڍي انسانيت جي کليل آڪاش ۾ ڏسڻ ئي شعور جو معراج آهي.