بلاگنئون

عورت جو رت، درد ۽ قرباني

عورت ذات کي صدين کان بيڪار ۽ عقل جي انڌي سڏيو ويو آهي. ڪڏهن بيوفا ته ڪڏهن بداخلاق جا مهڻا ڏنا ويا، پر هر مرد اهو سڀ ڪجھه چوندي پنهنجي گريبان ۾ ليئو پائڻ به وساري ويهي ٿو. هو اهو به وساري ويهي ٿو ته هو پاڻ عورت جي رت، درد ۽ قرباني ۾ وهنجي هن دنيا ۾ آيو آهي ۽ پوءِ وڏو ٿي انهيءَ عورت کي شڪ، الزام ۽ نفرت جي ڪٽهڙي ۾ بيهاري ڇڏي ٿو. ڪاوڙ به مردن جي زبان تي سڀ کان پهرين عورت جي نالي يعني گارين جي شروعات عورت کان ئي ٿئي ٿي. ماءُ، ڀيڻ، ڌيءَ ۽ زال جي رشتي کي غليظ لفظن ۾ ورجايو وڃي ٿو. ڪاوڙ هجي، بيوسي هجي يا شڪست هجي مرد پنهنجي ناڪامي جو اظهار به عورت جي ڪردار، نالي ۽ وقار کي لتاڙي ڪري ٿو. اها ڪهڙي مردانگي آهي جنهن جو بنياد عورت جي بيعزتي ڪرڻ تي بيٺل هوندو آهي ۽ هڪ عورت نه ڄاڻ ڪيترن روپن ۾، ڪيترين ئي شڪلين ۾ ۽ ڪيترن ئي رشتن ۾ پوئجي ڪري هڪ مرد کي تحفظ ڏئي ٿي. يعني ماءُ بڻجي پنهنجي ننڊ ۽ صحت قربان ڪري ٿي، ڀيڻ بڻجي ڀاءُ جا ڏک سموئي ٿي، زال بڻجي هڪ اجنبي گهر ۾ پنهنجي سڃاڻپ پوئي ڇڏي ٿي، ڌيءَ بڻجي والدين جي عزت جي نگهبان بڻجي وڃي ٿي. هوءَ گهر کي نه صرف ڇت ڏئي ٿي بلڪه هوءَ سڪون به ڏئي ٿي، ٻارڙن کي صرف جنم نٿي ڏئي، بلڪه هوءَ انسان به بڻائي ٿي.

عورت صرف رشتن جو نانءُ ناهي، بلڪه اها سٺي دوست، بهترين رازدار، زندگيءَ جي ساٿي ۽ اڪيلو وجود آهي، جنهن جي سامهون مرد پنهنجون ڪمزوريون رکي سگهي ٿو. هوءَ نڀائڻ تي اچي ته پاڻ کي مٽائي ڇڏي ٿي، پنهنجي ذات کي پوئتي رکي ڇڏي ٿي، بس سامهون واري کي ٽٽڻ نٿي ڏئي ۽ جيڪڏهن عورت مرد جي تربيت، سنڀال ۽ ڪردار تي اچي وڃي ته ڪيترائي مرد نگاهه کڻي ٻاهر وڃڻ کان اڳ سئو ڀيرا سوچيندا، ڇاڪاڻ ته نظرون، ضمير ۽ سوچون سڀ کان پهرين گهر ۾ ٺهنديون آهن. هاڻي ٿورو هن سوال جي ڪاوڙ ٻڌو جيڪا اڪثر لڪائي وڃي ٿي ته جيڪڏهن عورت ذات ايتري ئي خراب آهي، گهٽ عقل واري آهي ۽ هر لحاظ کان بري آهي ته پوءِ جسماني خواهش لاءِ عورت کي ئي جيون ساٿي سمجهيو وڃي ٿو. عزت جي باب ۾ عورت گهٽ، پر هر ضرورت جي پل ۾ اهائي اڪيلو سهارو ڇو هوندي آهي، جيڪڏهن عورت محض الزام آهي ته خواهش جي وقت اهائي مرڪز ڇو بڻجي وڃي ٿي ۽ اهو ڪهڙو انصاف آهي ته زبان تي نفرت ۽ زندگي جي فيصلن ۾ انهيءَ عورت تي دارومدار رکڻ ائين ڇو؟ ڇاڪاڻ ته هر برائي کي عورت جي نالي سان ڳنڍيو وڃي ٿو. حالانڪه هن دنيا ۾ سٺا ۽ بيڪار ٻئي انسان موجود آهن. حقيقت اها آهي ته مسئلو عورت ناهي، بلڪه مسئلو اهو ٻٽو معيار، سوچ ۽ ذهانت آهي، جيڪا عورت کي ضرورت جي وقت قبول ۽ ذميواري جي وقت ڏوهاري بڻائي ڇڏي ٿو. ڪردار جو تعلق جنس سان نه بلڪه انسانيت سان آهي، جيڪو معاشرو عورت کي گار بڻائي ٿو اهو اصل ۾ پنهنجي بنياد کي گار ڏئي ٿو. ڇاڪاڻ ته قصوروار عورت نه، بلڪه اسان جي منافقت آهي.