پاڪستاننيو‍‍ز

ڪٽاس راج ۾ سڪل حوض ڏسي ياتري اداس

هندستان مان آيل خاندان چڪوال ۾ موجود ڪٽاس راج جي سڪل حوض کي ڏسي اداس ٿي ويا هنن چيو ته هتي هو اشنان به نه ٿا ڪري سگهن. هنن چيو ته ياترا جو خاص عمل اشنان آهي. ياترين چيو ته اسان جو مڃڻ آهي ته ڌرتي کي به اکيون آهن. هڪ راجسٿان ۾ موجود پشڪر جو حوض ۽ ٻيو ڪٽاس راج جو حوض. هندستاني مٿالوجي جي مطابق اهي ٻئي حوض شوا جي ڳوڙهن مان وجود ۾ آيا هئا، جيڪو پنهنجي پياري گهرواري جي دهانت مهل رنو هو. هنن چيو ته ان پاڻي ۾ پنهنجي بدن کي ٻورڻ مان ئي اشنان ٿي سگهندو آهي. هڪ ياتري چيو ته هو 1982ع کان ڪٽاس راج ايندو رهندو آهي هن ڪڏهن به ان کي ان حالت ۾ نه ڏٺو آهي. ياترين اهو به چيو ته 1973 جي هڪ معاهدي تحت صرف 200 ويزا وٺي ياتري ئي هتي اچي سگهن ٿا جنهن پابندي کي به ختم ٿيڻ گهرجي.

 

پراڻي تصوير