خاصنئون

جڳ مشهور رقم جي منتقلي واري ڪمپني پي پال پاڪستان اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

آمريڪا جي مشهور ڪمپني پي پال (Paypal) پاڪستان ۾ پنهنجي سروس شروع ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. پي پال جي هن فيصلي پاڪستان جي 200000 فري لانسرز کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. پي پال ڪمپني هڪ بينڪ وانگر ڪم ڪندي آهي جنهن جي اڪائونٽ ۾ رکيل رقم سان خريد ۽ وڪرو به ڪري سگهجي ٿو، اهڙي ريت اهڙا ماڻهو جيڪي انٽرنيٽ ذريعي ڪنهن به قسم جي سروس ڏيڻ جو ڪم ڪن ٿا، اهي به هن ئي سروس ذريعي سروس جي قيمت يا في وصول ڪندا آهن. اهڙن ماڻهن کي فري لانسرز چيو ويندو آهي. پي پال جي هن فيصلي بعد ٻه لک پاڪستاني فري لانسرز پريشان ٿي ويا آهن. پي پال کان علاوه ٻين ملڪن کان رقم منتقل ڪرڻ هڪ ڏکيو عمل آهي جنهن ۾ فري لانسرز جي آمدني مان ڪافي رقم ڪٽجي ويندي آهي. پي پال جي ملڪ ۾ سروس شروع ڪرڻ سان انهن سڀني فري لانسرز کي فائدو حاصل ٿي سگهي ها. سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي آڏو ڳالهائيندي آءِ ٽي جي سيڪريٽري معروف افضل چيو ته پي پال کي پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ ۾ ڪو اعتراض نه آهي اصل ۾ پي پال جو ڪم ڪرڻ جو سرشتو ڪافي پيچيده آهي ان ڪري اها ڪمپني پاڪستان ۾ اچڻ کان انڪاري آهي. واضح رهي ته پاڪستان جي فري لانسنگ ڪميونٽي سڄي دنيا ۾ چوٿين نمبر تي اچي ٿي.