اپوزيشن پاران احتجاج جي تياري، افطاري ڊنر تي حڪومت خلاف جمع ٿيندي
اڄ اسلام اباد ۾ ملڪ جون سموريون اپوزيشن پارٽيون حڪومت خلاف احتجاج هلائڻ خاطر مشاورت لاءِ گڏ ٿينديون. بلاول ڀٽو زرداري پاران ڏنل افطار ڊنر ۾ ن ليگ جا 4 اڳواڻ مريم نواز، حمزا شهباز، شاهد خاقان عباسي ۽ پرويز رشيد کان علاوه جي يو آءِ (ايف) جو اڳواڻ مولانا فضل الرحمان، اي اين پي جي اڳواڻ اسفند يار ولي، جماعت اسلامي جو اڳواڻ سراج الحق ۽ اختر مينگل به شرڪت ڪندا. افطار ڊنر ۾ شرڪت ڪندڙ اڳواڻ حڪومت خلاف احتجاجي مهم جي حڪمت عملي تيار ڪندا. ياد رهي ته هن کان پهرين ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي اڳ ۾ ئي حڪومت خلاف احتجاج جو اعلان ڪري چڪيون آهن. ساڳئي وقت مولانا فضل الرحمان به نواز شريف سان حڪومت مخالف تحريڪ هلائڻ لاءِ آصف زرداري ۽ نواز شريف سان ملاقات ڪري چڪو آهي.