بلاگنئون

دانھوُن ڪن درياه جون، اُنھي جا آگاهه (شاهه)

ھن ڊسمبر جي ڇھن ڏينھن مطلب ته 12 کان 17 ڊسمبر تائين عجيب اتفاق ٿيو. 12 ڊسمبر تي ڪراچي موھاڙي ترائي يا Karachi foredeep جي seismotectonic history (ڀونچال تعميرات) تي تحقيقي مضمون کي آسٽريليا جي سائنسي رسالي ڏانھن شايع ڪرڻ لاءِ موڪلڻ. 13 تاريخ تي ايم. ايڇ پنھور انسٽيٽوٽ ڄامشورو “سنڌوءَ جو ڇوڙ ۽ ان جي حالت” تي بيٺڪـ، جنھن ۾ سوُنَھنِ پنھنجون سُڌيون ڏنيون. 17 ڊسمبر تي صبح جو سوير حسب معمول صبح جي سلام موڪلڻ واري مھربان جي سلام جي جڳھ تي ڪيٽي بندر مان ساگر جون ڪناري کي ٿپڪيون ۽ اورانگھيل زمين تي ٻه وڊيو موڪليون، جنھن ۾ سمنڊ جي ماٺاڻي ڏيک ويک مان سندس شدت ۽ زمين کي ڳڙڪائڻ جو حرص عيان ھو. ماحوليات جا ماھر ۽ انجنيئر ڪيٽي بندر ۽ کارو ڇاڻ ۽ سندن پس گردائين کي سمنڊ جي ڳڙڪائڻ جي آگاهي ڏيندا رھن ٿا، سمنڊ جي ڪنڌي اورانگھڻ واري شدت کي موسم جي تبديلي ۽ سنڌوءَ جي ڇوڙ ۾ لٽ جي ڪمي سان ڳنڍين ٿا، پر سمنڊ ۽ زمين جي مٿاڇري کي ٺاھڻ واري ڌرتيءَ جي حرڪت (Geodynamics) جي نقطهءِ نگاھ کان ڪيٽي بندر وٽ سمنڊ جي اھڙي شدت جو اڀياس ورلي ملي ٿو. جيئن ته مٿين سڀني ڳالھين جو لاڳاپو سنڌ جي ساحلي پٽي تي سمنڊ جي ھوڏائي سان آھي. تنھنڪري سمنڊ جي ھوڏائي جي ڳجھارت کي ڀڃڻ لاءِ سنڌ ڌرتي جي ٽيڪٽونڪ هسٽري (تعميراتي تاريخ) ۽ اُن ۾ ڌرتيءَ جي حرڪت ۽ اونھن ڏارن (Deep faults) جي ڪردار جي پنن کي اٿلائڻ شروع ڪيو ته جيئن سمنڊ جي ھوڏائي جي لڪيل راز کي عيان ڪريان، جيڪو سنڌ جي ساحلي پٽي جي بيھڪ ۾ تبديليون آڻي ٿو، جنھن تحت ڪيٽي بندر وٽ سمنڊ جي ڪنڌي کي ڳڙڪائڻ واري شدت کي وڌائڻ جو ذريعو آھي، جنھن ڏانھن ھن وقت تائين ارضياتي ماھرن جو شايد ڌيان ئي ناهي ويو.

سنڌ ڌرتي جي History Tectonic ۾ ڌرتيءَ جي حرڪت ۽ اونھن ڏارن جي ڪردار جي پنن کي اٿلائڻ سان ياد آيو ته پھريون ڀيرو سنڌ جي ساحلي ڪنڌيءَ تي ديبل 893، شاھبندر 1668 ۽ الهه بند 1819 ۾ وڏن زلزلن جي نتيجن ۾ بالترتيب زمين جي پڪڙ واري سگھ ڇڏڻ (Liquefaction) جي ڪري ديبل، شاھبندر ۽ ٻين شھرن جي گھرن جي عمارتن جو ڊهي پوڻ ۽ 80 ڪلو ميٽر ڊگھو، 16 ڪلو ميٽر ويڪرو ۽ 18 فوٽ بلند الہه بند جي ٺھڻ سان پراڻ ندي جي ڇوڙ جو بند ٿيڻ تي 1983 ۾ مون پنھنجي پي ايڇ ڊي جي مقالمي ۾ لکيو ھو. اُن وقت اھو پھريون دفعو ھو جو سنڌ جي ساحلي ڪنڌيءَ جو ڀونچال تعميراتي عمل (Seismotectonic) جي بنياد تي اڀياس ٿيو. ڪراچيءَ ۾ جون ۽ جولاءِ 2025 جي مھينن ۾ 26 ننڍن زلزلن جي اچڻ جي سببن کي ڀونچال تعميراتي تحت سمجھڻ ۽ وضاحت ڪرڻ خاطر اڀياس دوران ٻيو دفعو سنڌ جي ساحلي ڪنڌيءَ جو اڀياس ڪيو. ھن اڀياس ڪرڻ دوران ڪراچي کان شاہبندر تائين سنڌ جي ساحلي ڪنڌيءَ جي بيھڪ ۾ ڦيرڦار جي عمل جي بيقائدگي عيان ٿي جيئن گلميت گليشئر جو وڌڻ ۽ ڪجھ ڪلو ميٽر پري پاسو گليشئر جو پُٺتي ھٽڻ موسمي تبديلي جي لحاظ کان ھڪ بيقائدگي آھي. شمسه ڪنول ۽ ٻين (2025) ۾ سنڌ جي ساحلي پٽي جو اڀياس ڪندي ساحل کي ۽ اولھ ڪراچي، اوڀر ڪراچي، ڏکڻ ڪراچي، ميرپورساڪرو، گھوڙاٻاري، ڪيٽي بندر، کارو ڇاڻ ۽ شاھبندر جي علائقن ۾ ورهايو آھي. ميرپورساڪرو، گھوڙاٻاري، ڪيٽي بندر، کارو ڇاڻ ۽ شاھبندر وارن علائقن ۾ سمنڊ جو ڪنڌيءَ کي ڳڙڪائڻ ۽ اولھ ڪراچي، اوڀر ڪراچي ۽ ڏکڻ ڪراچي علائقن ۾ ساحلي ڪنڌيءَ جو سمنڊ ڏانھن وڌڻ ڄاڻايو آھي. جيڪڏهن ٻه ڪروڙ ساڍن چار لکن سالن کان جاري سنڌ ۾ سمنڊ جي لاٿ کي زمين ٺھڻ جي عمل جي نقطهءِ نگاهه کان ڏسجي ته ڪراچي کان شاھبندر تائين ساحلي ڪنڌيءَ جو اڳتي وڌڻ ۽ پائجڻ (سمنڊ جو ڪنڌيءَ کي اورانگھڻ) ھڪ بيقائدگي آھي. سمنڊ جو ڪنڌيءَ جي ڪٽائي ڪرڻ هڪ فطري عمل آهي. جنھن جي موسمياتي ۽ ڌرتيءَ جي تعميراتي عملن سان وضاحت ڪري سگھجي ٿي. موسمياتي (ماحولياتي) نقطهءِ نگاهه مطابق ساگري لھرون، وھڪرا ۽ طوفان جو لٽ کي ھٽائڻ سان گڏوگڏ پاڻيءَ جي رڳڙ، ڪيميائي عمل ۽ آبي عمل ڪنڌيءَ کي روڙي نئين شڪل ڏيندا آھن. ڏٺو وڃي ته ڪيٽي بندر ۽ پس گردائي سامونڊي طوفان (Cyclones) ۽ موسمياتي ساگري ويرن (Tsunamis) جي لپيٽ ايندو رھندو آھي. مطلب ته ساحلي ڪنڌيءَ جي ڪٽائي ٿيندي رھي ٿي. انجنيئرن جي مطابق سمنڊ جو ساحلي ڪنڌي کي اورانگھڻ جو ٻيو سبب سنڌوءَ جي ڇوڙ ۾ لٽ جي ڪمي آھي. جنھن جو دريائن جي وهڻ جي پوري عمل جو علم (Fluvial Geomorphology) جي نقطهءِ نگاھه کان اڀياس ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته آبپاشي نظام، ڊيمن ۽ بيراجن جي ٺھڻ ڪري خود درياءَ ۾ لٽ جي ڪمي ٿي آھي،  جنھن ڪري لٽ سنڌوءَ جي ڇوڙ ۾ درياھي پاڻيءَ جي گھٽ پھچڻ سان اڃان به گھٽبي وڃي. مثال طور: حب نندي تي ڊيم ٺھڻ ۽ لياري ۽ ملير ندين جي ريتي ۽ لٽ ڪڍي ٽوڙو ڪرڻ سان سندن لٽ ڌڪڻ جي صلاحيت گھٽجي وئي آھي. تنھنڪري ڪراچي واري علائقي ۾ سمنڊ ۾ لٽ پوڻ جو عمل گھٽجي ويو آھي. اھڙي طرح سنڌو درياءَ تي ڊيمن ۽ بيراجن جي ٺھڻ ۽ موجودہ آبپاشي نظام سان سنڌوءَ ڇوڙ جي لٽ واري حصي جو کسجڻ عيان آھي. جڏھن ڀاشا، ديامير ڊيم ۽ ندين تي ننڍن ڊيمن جي ٺھڻ سان سنڌوءَ جي ڇوڙ جي لٽ جو ڀاڱو وڌيڪ گھٽ ٿيندڙ نظر اچي رهيو آهي، ڏٺو وڃي ته 1932 کان وٺي ھن وقت تائين سنڌوءَ درياءَ مان آبپاشي جي نظام ذريعي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ پاڻيءَ ڪڍڻ سان درياءَ کان لٽ کسجڻ جو سلسلو جاري آھي. جنھن جو ثبوت ڪئنالن ۽ شاخن مان کاٽي سان نڪتل لٽ جو مقدار آھي. آبپاشي نظام جي ذريعي سنڌو ڇوڙ کان لٽ جي کسجڻ جي مقدار جو پاڻ حساب ڪريو. ھا آبپاشي نظام کان اڳ زمينن کي درياھي لٽ ٻوڏن جي دوران ملندو ھو. ٻي صورت ۾ درياءَ لٽ کي سمنڊ ڏانھن ڌڪيندو ھو. مطلب ته آبپاشي نظام سنڌو ڇوڙ ۾ لٽ جي ڪمي جو ڏوھاري آھي ۽ آبپاشي نظام سان پيدا ٿيل سم ۽ ڪلر ماحوليات لاءِ ناسور آھن.

لٽ گھٽ ھجڻ جي باوجود ڪراچي واري علائقي ۾ سمنڊ جي پُٺتي ھٽڻ ۽ ڪيٽي بندر وٽ ڪنڌي اورانگھڻ کي ڌرتيءَ جي حرڪت جي نقطهءِ نگاھ سان ڏسجي ته معلوم ٿيندو ته سنڌ جي ساحلي پٽي واري ترائي ۾ ٻن قسمن جي ڇلريا کل (Crust) کي ھيٺ مٿي لھرائڻ واري حرڪت ڪاري (Oscillatory Movements) ٿين پيون. ڪراچي واري علائقي ۾ سندن رجحان ترائي مٿي کڻڻ وارو آھي. مطلب لھرائڻ واري حرڪت ڪاري جي رفتار لٽ پوڻ جي بنسبت وڌيڪ آھي. اھڙي صورت ۾ نئين زمين ظاھر ٿيندي ۽ سمنڊ پُٺتي ويندو. جيڪڏھن لھرائڻ واري حرڪت جي ڍرو ٺاھڻ واري رفتار تيز ھوندي ۽ لٽ گھٽ ھوندي ته سمنڊ زمين طرف وڌندو. ظاھري طور تي ڪيٽي بندر ۾ ائين ٿئي پيو. مطلب ته ڌرتيءَ جي حرڪت تحت سمنڊ جو ساحلي ڪنڌي کي اورانگھڻ جو سبب واضح آھي، پر ڌرتي جي لھرائڻ واري حرڪت ڪاري جي پيماني ڪرڻ واري رسوبي تھن (اها تهه جيڪا پٿرن ۽ مختلف ناميات جي ٺهيل هوندي آهي) جي جسامت جي خاصيتن واري طريقي تحت اڀياس ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي سڄي ساحلي پٽي تي سنھي کان سنھي ٿلهي ريتي ملي ٿي، جيڪا رائو (مٽي) جي مٿان ملي ٿي، جنھن جو مطلب سمنڊ مجموعي طور تي سنڌ جي ساحلي پٽي کان ھٽندو وڃي ٿو. جيڪڏھن اِن جي ابتڙ ھجي ھا ته مٽي ريتي جي مٿان ھجڻ جي صورت ۾ سمنڊ جو زمين ڏانھن وڌندڙ جي تصديق ٿئي ھا.

جيئن ته تازن تھن مان ظاھر ٿئي ٿو ته 2 ڪروڙ ساڍا چار لک سالن کان جاري سمنڊ جي لاٿ جو عمل جاري آھي ته پوءِ ڪھڙو ڌرتي جي تعميراتي (Tectonic) عنصر (Element) آھي، جنھن ڌرتيءَ جي حرڪت (Geodynamics) جي مجموعي عمل جي برعڪس انفرادي سرگرمي ڪري علائقي مونجھارو يا پيچيدگي پيدا ڪئي آھي؟ اھو عنصر ڪچي ڪيٽي بندر ۾ اونھو ڏار آھي، جيڪو ڪچي ميدان، بلوچستان کان شروع ٿي ڪيٽي بندر کان ٿيندو عربي سمنڊ ۾ داخل ٿي نارا ندي کان ايندڙ ڏار سان ملي ٿو. ڪچي ڪيٽي بندر ڏار سينوزوئڪ دور جي پھرين عرصي پيليوجين (66 کان 23 ملين سال اڳ) ٺھيو ۽ ٻئي عرصي نيوجين (23 ملين سالن) کان وٺي ھن وقت تائين سرگرم آھي، تنهنڪري اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ ھڪطرفي ھيٺائين ( Monocline) جي ڪچي، ڪيٽي بندر ڏار جي لٽ ڪندڙ ڀت (Hanging wall) ھيٺ وڃي پئي. جنھن جي ڪري ساحلي پٽي ۾ ڍورو ٺھي پيو. ٻيو ته سنڌ ھڪطرفي ھيٺانهين ۾ وڏن زلزلن جي اچڻ سان مٽيءَ جي سگھ گھٽ ٿيڻ (Liquefaction) ڪري مٿاڇري جي بيھڪ ڀورڻ لڳي آھي. سنڌ جي ساحلي پٽي تي 893 ديبل، 1668 شاھبندر جي وڏن زلزلن ڪري مٽيءَ جي سگھ ڇڏڻ سان ھزارين گھر زمين دوز ٿي غرق ٿي ويا ھئا. (2002) جي مطابق سنڌ جي ساحلي پٽي وارو علائقو مٽيءَ جي سگھ ڇڏڻ جي لحاظ کان شديد حساس آھي، پر اھا به حقيقت آھي ته 1819 ۾ الهه بند زلزلي 80 ڪلو ميٽر ڊگھو، 16 ڪلو ميٽر ويڪرو ۽ 18 فوٽ بلند ٺاھيو، جنھن جي نتيجي ۾ پراڻ ندي جو ڇوڙ سمنڊ ۾ بند ٿي ويو ۽ شڪورا ڍنڍ ٺھي. ڪچي، ڪيٽي بندر اونھو ڏار جي سرگرمي جي بدولت ٺھندڙ ڍوري جي ڀرائي اصولن کنڊائي حالت ۾ سنڌو درياءَ ۽ ھوا جي ذريعي ٿيڻ کپي، جيڪي لٽ کي ڌڪي آڻڻ جا ذريعا آھن، پر سنڌو درياءَ ۾ لٽ جي ڪمي آھي ۽ ھوا به گھڻو لٽ کڻي نٿي اچي سگھي، اھڙي صورت ۾ ڍوري جي گھرائي وڌندي رھندي. ٻئي طرف ساحلي ڪنڌي جي مٿاڇري جي ڀرڻ ۽ لٽ جي ڪمي جي صورت ۾ پاسي ۾ مست سمنڊ ڪنڌيءَ کي اورانگھي ڍوري کي ڀرڻ شروع ڪري پنھنجو ڪيو آھي.

لُڙَ، لَهِريون، لَسَ، ليٽَ، جِتي اَنتُ نه آبَ جو؛ (شاهه)