ٻار اسان جي ملڪ ۾ تمام گهڻو نظر انداز ٿيندي نظر اچن ٿا، ڪڏهن اهي پنهنجي خاندانن هٿان ته ڪڏهن ادارن هٿان پنهنجي قيمتي جان وڃائي ويهن ٿا. ايڌي فائونڊيشن ۽ ميڊيا رپورٽن مطابق سال 2024-2025 جا انگ اکر ٻڌائين ٿا ته کليل نالن جي ڪري لڳ ڀڳ 30 کان 35 ٻار پنهنجون قيمتي زندگيون وڃائي چڪا آهن. تازوئي ڪراچيءَ ۾ هڪ ٻار جي زندگيءَ جو ڏيئو برساتي نالي ۾ ڍڪ نه هجڻ جي ڪري اجهامي ويو. اسان کان اڃان اهو واقعو وسريو ئي ناهي ته حيدرآباد ناڪي جي باءِ پاس ٽائون ۾ پنجن سالن جي معصوم ٻارڙي کليل گٽر ۾ ڪري پنهنجي حياتي وڃائي ويٺي آهي. ان قسم جا حادثا يقينن ادارن جي بد انتظامي جو کليل ثبوت آهن. هن وقت نه صرف عوام جي اندر هڪ احساس تمام تيزي سان پنهنجي پاڙ پڪي ڪري رهيو آهي ته ادارن اندر ڪرپشن تمام گهڻي وڌي وئي آهي، بلڪه اهي پنهنجي ذميدارين کي پورو ڪرڻ ۾ به ناڪام ٿي چڪا آهن. جيئن ته حيدرآباد ۾ گٽرن جي صفائي، سارسنڀال ۽ انهن تي ڍڪ لڳائڻ جي بنيادي ۽ قانوني ذميواري واسا جي آهي. جيڪو حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ جو هڪ ماتحت ادارو آهي. ان جي بنيادي ذميدارين ۾ شهر جي سيوريج لائينن کي باقائدگي سان صاف ڪرڻ، ڀڃ ڊاهه جي صورت ۾ مرمت ڪرڻ ۽ انهن جي وهڪري کي يقيني بنائڻ آهي. گٽرن جا ڍڪ لڳائڻ به واسا جي ذميداري آهي، جيڪي اڪثر غائب هوندا آهن. جيڪي لڳل آهن انهن جو معيار ايترو ته خراب هوندو آهي جو ڪابه وزني گاڏي جڏهن انهن مٿان لنگهي ٿي ته اهي اڪثر ٽٽي ڀورا ڀورا ٿي وڃن ٿا.
ان کان علاوه شهر ۾ صاف پاڻيءَ جي فراهمي به واسا جي ذميواري آهي، پر جيئن ته هن وقت هر اداري ۾ ايئن ٿو محسوس ٿئي ته اها ڪنهن گورنر جي يا ڪنهن بادشاهه جي سيٽ هجي ۽ ان تي هڪ فرعون جهڙو شخص ويٺل هجي، جيڪو عوام جي ٽيڪسن مان پگهار سان گڏوگڏ ٻيون مراعتون حاصل ڪري ٿو، پر هو عوام جي خدمت ڪرڻ يا ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. اهڙن ادارن ۾ ويٺل ماڻهن کي احتساب جي ڪهٽڙي ۾ آڻڻ ضروري آهي، جيستائين ادارن اندر احتساب، شفافيت ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي ترقيون نه ٿينديون تيستائين ادارن ۾ ايئن ئي ٿيندو رهندو. هن وقت شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي يا ته مهيا ئي ناهي يا ميرو پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٿو يا ماڻهو ٽينڪرن جي ذريعي پاڻي گهرائي استعمال ڪن ٿا. شهر جو انفرااسٽرڪچر جنهن ۾ گٽرن جا ڍڪ واسا جي بنيادي ذميواري آهي ۽ ان جي لاءِ ان کي تمام گهڻو حساس هجڻ گهرجي، ڇو ته اهڙا مين هول اڪثر ڪري ننڍڙن ٻارڙن جي زندگي ڳڙڪائي وڃن ٿا انهن جا ڍڪ غائب رهن ٿا. جڏهن ته عوام انهن سڀني ڪمن جي لاءِ باقائدگي سان بل ادا ڪري ٿو، جيڪي سندن گهرن ۾ ماهوار پهچن ٿا ۽ بل ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ سندن ڪنيڪشن ڪاٽيا وڃن ٿا. عوام کي گهرجي ته اهي ادارن جي غير ذميدار رويي خلاف قانون جي مدد حاصل ڪرڻ لاءِ اداري مٿان ايف آءِ آر درج ڪرائين، جيڪڏهن پوليس ايف آءِ آر درج نٿي ڪري ته سيشن جج جي عدالت ۾ A-22 جي درخواست ڏيئي سگهجي ٿي. اهو هڪ عام شهري کي پوليس جي خلاف عدالت وڃڻ جو حق ڏئي ٿو. جڏهن پوليس ڪنهن سنگين ڏوهه ۾ جهڙوڪ: ٻار گٽر ۾ ڪري فوت ٿي وڃي ٿو، پر پوليس ايف آءِ آر داخل نٿي ڪري ته متاثر ڌر هن قانون تحت عدالت جو در کڙڪائي سگهي ٿي ۽ مطالبو ڪري انڪوائري ڪرائي ذميوار آفيسرن کي معطل ڪرائي سگهي ٿي. ان کان علاوه متاثر گلي جا ماڻهو يا متاثر خاندان سنڌ محتسب کي شڪايت ڪري انصاف جي گهر ڪري سگهن ٿا. افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته گٽرن جا ڍڪ غائب ٿيڻ جا سبب سماجي برايون ۽ انتظامي نااهلي آهن. افسوس ان ڳالهه جو به آهي ته انهن ئي گهرن مان جن گهرن جا ٻار ڪري گٽرن ۾ پنهنجون جانيون وڃائين ٿا، اهڙن ئي ڪجهه گهرن جا ڪجهه ماڻهو پنهنجي نشي جي لت پوري ڪرڻ لاءِ اهي گٽر جا ڍڪ چوري ڪري ڪٻاڙي مارڪيٽ ۾ سستي اگهه تي وڪرو ڪن ٿا، ڇو ته ان مان لوهه ڪڍي ٻيهر استعمال ٿئي ٿو. دنيا ۾ هاڻي ڪيترن ئي ملڪن ۾ فائبر گلاس يا پلاسٽڪ ڪمپوزٽ جا ڍڪ استعمال ٿي رهيا آهن، جن کي وڪرو نٿو ڪري سگهجي. سنڌ ۾ اڃان تائين صرف ڪراچيءَ ۾ ان قسم جي شروعات ٿي آهي. ضروري آهي ته ڪمپوزٽ يا فائبر گلاس جا ڍڪ تيار ڪري انهن جي اندر يا ته ڪو لاڪنگ سسٽم لڳايو وڃي يا وري انهن جي اندر هڪ اهڙو سينسر يا ٽريڪنگ چپ لڳائي وڃي جنهن سان ڍڪ چوري ٿي وڃڻ کانپوءِ ان جي لوڪيشن کي ٽريس ڪري سگهجي.
ڪٻاڙي وارا به ان ڏوهه ۾ ملوث آهن، انهن کي به قانون جي ڪهٽڙي ۾ آڻي سزائون ڏنيون وڃن. ڇو ته جيستائين خريدار موجود هوندو چور چوري ڪندو رهندو. واسا کي اهڙن علائقن ۾ آگاهي مهم هلائڻ جي به ضرورت آهي، جتي شعور ۽ تعليم گهٽ آهي ۽ چوري جا واقعا تمام گهڻا ٿين ٿا ته جيئن اتان جا ماڻهو پاڻ انهن ڍڪن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ سجاڳ رهن. ڇو ته اهي ڍڪ سندن ٻارن جي زندگيءَ کي محفوظ بڻائيندا. ان کان علاوه عام ماڻهو جي به ذميداري آهي ته جڏهن ڪو گٽر جو ڍڪ چوري ٿي وڃي ٿو يا ٽٽي پوي ٿو ته اهي هڪدم واسا کي اطلاع ڪن، تيستائين گٽر جي اندر ڪا اهڙي ڪاٺي يا وڻ جي شاخ يا ان جي مٿان ڪو پراڻو ٽائر وجهي ڇڏين ته جيئن هر لنگهندڙ ماڻهو کي خاص طور تي ٻارن کي محفوظ ڪري سگهجي. اسان سڀني کي انهن ننڍڙن واقعن کي صرف حادثو سمجهي نظر انداز ڪرڻ بجاءِ پنهنجي پنهنجي ذميداري محسوس ڪري قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.