حيدرآباد ۾ چيني ڊاڪٽر کي قتل ڪرڻ جو منصوبو ناڪام: سي ٽي ڊي
حيدرآباد ۾ چيني ڊاڪٽر کي قتل ڪرڻ جو منصوبو ناڪام بڻايو ويو آھي، سي ٽي ڊي پاران دعويٰ ڪئي وئي آھي ته حيدرآباد ۾ چيني ڊاڪٽر کي قتل ڪرڻ جو منصوبو ناڪام بڻائي ڇڏيو آھي. سي ٽي ڊي موجب حساس اداري سان گڏجي گلستان سجاد ۾ ڪارروائي ڪري هڪ دهشتگرد کي گرفتار ڪيو. گرفتار ڪيل محمد افضل لُنڊ عرف عادي ولد عبدالنبي لُنڊ وٽان پستول، گوليون ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪيا ويا آھن. سي ٽي ڊي دعويٰ ڪئي آھي ته گرفتار جوابدار اعتراف ڪيو آهي ته حيدرآباد ۾ چيني ڊاڪٽر کي ٽارگيٽ ڪرڻ چاهيو ٿي.

