ناسا پاران مريخ تي موڪليل مشن سان رابطو ٽٽي ويو

آمريڪاجي خلائي اداري ناسا پاران 2004 ۾ مريخ ڏانهن موڪليل خلائي مشن  Mars Exploration Rover   سان رابطو ختم ٿي ويو آهي. هن منصوبي ۾ ٻه روبوٽ مريخ جي سطح تي موڪليا ويا هئا هڪ جو نالو Spirit ۽ ٻئي جو نالو Opportunity رکيو ويو هيو. هن پروجيڪٽ تي 400 ملين آمريڪي  ڊالرن جو خرچ آيو هيو. اهي ٻئي روبوٽ سج جي توانائي سان هلندا هيا.  هي ٻئي روبوٽ مريخ سياري بابت اهم معلومات کي زمين تائين پهچائڻ جو ڪم ڪندا رهيا. انهن روبوٽن مان Spirit  روبوٽ جو رابطو 2011 ۾ زمين سان ڪٽجي ويو هيو. جڏهن ته  گذريل ڏينهن ناسا جي اداري پاران هڪ ڪانفرنس ۾ چيو ويوآهي ته هن وقت Opportunity  سان به رابطو ٽٽي ويو آهي. هن روبوٽ سان آخري دفعو بهار جي موسم ۾  رابطو ڪيو ويوهو. ناسا پاران چيو ويو آهي ته 2020 ۾ ناسا ۽ يورپي اسپيس ايجنسي گڏجي هڪ نئون مشن مريخ ڏانهن موڪليندا.  هنن روبوٽن 11 کان 14 سالن تائين مريخ بابت جيڪي معلومات موڪلي ان ۾ اهم معلومات مريخ جي سطح تي برف جي موجودگي بابت موڪليل معلومات آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *