خاصنئون

شبر زيدي چيئرمين ايف بي آر مقرر نوٽيفڪيشن جاري نه ٿي سگهيو

وفاقي حڪومت ماهر معاشيات شبر زيدي کي چيئرمين فيڊل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته ان بابت نوٽيفڪيشن جاري نه ٿي سگهيو آهي. حڪومت ڪجهه ڏينهن اڳ ئي اڳوڻي اسٽيٽ بينڪ جي گورنر ۽ چيئرمين ايف بي آر کي هٽايو هو. جنهن بعد ڊاڪٽر باقر رضا کي اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جو عهدو ڏنو ويو ۽ هاڻي شبر زيدي کي ايف بي آر جي چيئرمين جو عهدو ڏنو ويو آهي. شبر زيدي پنهنجي تجويز ۾ حڪومت جي پاليسي جو حامي رهيو آهي. ياد رهي ته نئون چيئرمين هڪ چارٽرڊ اڪائونٽنٽ آهي ۽ ٽيڪسن جي معاملن جو ماهر آهي. نئون چيئرمين ايف بي آر شبر زيدي چئي چڪو آهي ته آءِ ايم ايف جي ٽيڪسن وارو هدف موجوده حالتن ۾ پورو ڪرڻ ناممڪن اهي. واضح رهي ته نئين گورنر اسٽيٽ بينڪ ۽ چيئرمين ايف بي آر جي تقرري لاءِ حتمي منظوري وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڏني ويندي.