مراد علي شاهه جو صوبي ۾ تعليم جي معيار تي مايوسي جو اظهار

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد عي شاهه پاران صوبي جي سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جي معيارتي مايوسي جو اظهار ڪندي حڪم جاري ڪيو آهي ته اهڙا استاد جيڪي پڙهائڻ جي صلاحيت نٿا رکن انهن کي تعليم کاتي ۾ ٻين عهدن تي رکيو وڃي. جنهن کان علاوه هن استادن جي تربيت جي ضرورت تي به زور ڏنو آهي. تعليم کاتي ۾ ترقياتي ڪمن بابت منعقد هڪ ميٽنگ ۾ مراد علي شاهه چيو ته پرائمري اسڪولن جي انتظام واريون ذمي داريون 17 گريڊ جي هيڊ ماستر کي ڏنيون وڃن. ميٽنگ ۾ وزيراعليٰ کي ٻڌايو ويو ته صوبي جي اسڪولن جي ترقياتي ڪمن لاءِ رکيل ٻه ارب رپيا نه مليا آهن، جنهن سبب ڪافي مشڪلاتون ڏسڻيون پئجي رهيون آهن. تعليم واري سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز چيو ته هن وقت 201 اسڪيمون هلي رهيون آهن. مراد علي شاهه چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ نئين اسڪيمن سميت پراڻين اسڪيمن تي به ڪم ڪيو ويندو. هن موقعي تي سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاهه چيو ته سنڌ جي پرائمري اسڪولن ۾ ميوزڪ سيکارڻ جو بندوبست ٿيڻ گهرجي جنهن سان ٻارن جي دماغ کي سڪون ملندو.

 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments