نئون

وومين ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ ڪامپليڪس تي پوليس جو قبضو جاري

وومين ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ نوابشاهه تي پوليس جو قبضو سالن کان جاري آهي. سنڌ جي وڏي وزير جي عورتن جي حقن لاءِ خاص معاون ارم خالد چيو آهي ته ڪجهه سال اڳ پوليس پاران ان عمارت تي قبضو ڪيو ويو هو جنهن جو چوڻ هو ته اها ان بلڊنگ ۾ پوليس اسٽيشن ٺاهڻ چاهي ٿي پر وومين ڊپارٽمينٽ اڄ تائين ڪوششون ڪندو رهيو آهي ته ان عمارت کي واپس ورتو وڃي. جنهن بابت هن وزيراعليٰ کي به چيو ويو آهي ته هن قبضي کي ختم ڪرايو وڃي. هن وقت تائين ڪامپليڪس جا ڪجهه بنگلوز ته پوليس خالي ڪيا آهن پر باقي حصي تي اڃان به ان جو قبضو آهي. ارم خالد چيو ته کيس ٻڌايو ويو آهي ته پوليس لاءِ هڪ الڳ عمارت جڙي رهي آهي جيڪا ڪجهه عرصي ۾ تيار ٿي ويندي. ان کانپوءِ هن ڪامپليڪس کي به خالي ڪيو ويندو.