ڪلچر ڊي يا ايڪتا جو ڏڻ ملهائيندي هاڻي ڪافي عرصو گذري چڪو آهي ۽ ان جو باقائدگي سان ملهائجڻ هڪ رسم بڻجي چڪي آهي. هاڻي حڪومت ۽ عوام کي ان ڏينهن جي لاءِ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ذميداريءَ جو احساس ڪري انتظام ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ڪٿي به امن امان جي صورتحال خراب نه ٿي سگهي. 7 ڊسمبر 2025 تي ڪراچيءَ ۾ ڪجهه اڻوڻندڙ واقعا پيش آيا، جنهن سبب 300 کان 400 ماڻهن کي نامزد ڪري انهن جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، ڪجهه کي گرفتار ڪيو ويو ۽ 12 ماڻهن کي نامزد ڪري اي ٽي سي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو، اها هڪ خطرناڪ صورتحال آهي. هي ڏينهن رواداري ۽ پنهنجي امن دوستيءَ جي اظهار جو ڏينهن آهي، ان ڏينهن ڪوبه اهڙو رويو جنهن سان امن امان جي صورتحال خراب ٿئي پوري قوم لاءِ شرمندگيءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. ڪٿي نه ڪٿي ڪجهه اهڙا ماڻهو انهن جلوسن ۾ شامل ٿي وڃن ٿا، جيڪي پنهنجي اٻهرائي جي ڪري هن ڏڻ جي خوبصورتي کي متاثر ڪن ٿا.
هن ڏينهن جي خوبصورتي اها آهي ته هر نوجوان، هر وڏي عمر وارو مرد يا عورت جڏهن ٻاهر نڪري ٿو پنهنجي ثقافت جي پاسداري ڪري ۽ مڪمل نظم و ضبط جو مظاهرو ڪري. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن اسان جا نوجوان ٻاهر نڪرن ٿا ته انهن کي ان ڳالهه جو به خيال رکڻ گهرجي ته جيڪڏهن ڪا ايمبولينس يا پوليس جي گاڏي لنگهڻ جي لاءِ رستو گهري ٿي ته فورن انهن کي لنگهڻ لاءِ جاءِ ڏيڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن پوليس پنهنجي ذميدارين کي پورو ڪندي ڪو قدم کنيو آهي ته پوليس سان تعاون ڪرڻ گهرجي. اٻهرائي ۾ کنيل ڪوبه قدم هن ڏينهن مٿان ايندڙ سالن ۾ پابندين جي صورت ۾ ظاهر ٿي سگهي ٿو، جيڪو وڏو قومي نقصان هوندو. اها ذميداري صرف عوام جي نه بلڪه حڪومت جي به آهي ته ڊسمبر جي پهرين آچر تي انتظامن کي سنڀالڻ لاءِ پنهنجو انتظامي پلان تيار ڪري. هن ڏينهن تي سنڌ جو نوجوان هاري، ناري ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ ٻاهر نڪري ٿو، ان لاءِ ضلعي سطح تي پوليس ۽ انتظاميه کي عوام جي لاءِ سهولتون مهيا ڪرڻ گهرجن، نه صرف سهولتون مهيا ڪرڻ گهرجن، بلڪه انهن جي لاءِ روٽس به مقرر ڪرڻ گهرجن ته انهن کي ڪهڙن ڪهڙن روٽس کان لنگهڻ جي اجازت آهي. ان ڏينهن کان اڳ روٽس جو اعلان مختلف پليٽ فارمن تي ٿيڻ گهرجي ۽ جيڪي رستا سيل ڪيا وڃن ٿا ان جو به وقت کان اڳ اعلان ٿيڻ گهرجي. حڪومت کي گڏوگڏ پاڻ سان ايمبولينس جي سهولت به مهيا ڪرڻ گهرجي ته جيئن ڪنهن به حادثي جي صورت ۾ قيمتي زندگيءَ کي بچائي سگهجي.
گڏوگڏ اسان جي نوجوانن کي به اها ذميداري کڻڻي پوندي ته اهي به پنهنجي رضاڪارن جون ٽيمون ٺاهين جيڪي جلوس جو نظم و ضبط قائم ڪري سگهن. سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪلچر ڊي تي حڪومت 144 جو قلم ڇو لڳايو ۽ جيڪڏهن لڳايو هو ته گهٽ ۾ گهٽ اڳواٽ عوام کي ان جي آگاهي ضرور ڏني وڃي ها. اسان جي سنڌ جي باشعور عوام کي ان ڳالهه جو احساس وقت سان گڏوگڏ ڪرڻو پوندو ته ڪيتريون ئي طاقتون هن ڏينهن جي جشن کي پسند نٿيون ڪن. اهڙيون طاقتون ان ڳالهه جون منتظر آهن ته ان فيسٽيول جي دوران ڪجهه اهڙا حادثا ٿين جو مستقبل ۾ ان ڏڻ جي مٿان پابندي لڳائي وڃي، جيڪو هڪ ناپسنديده عمل هوندو. ان لاءِ ضروري آهي ته اسان جو نوجوان ان ڏينهن تي مڪمل طور تي غير سياسي رهي، صرف پنهنجي رواداري، خوشي ۽ ثقافت جي انهن قدرن جو اظهار ڪري جيڪي اسان کي امن ۽ سلامتي جو سبق ڏين ٿا. ڪراچي هڪ ميٽروپوليٽن شهر جي ناتي مختلف فڪر جي ماڻهن جو شهر آهي، ان ڪري اسان کي سڀني شين جو خيال رکڻو پوندو ته جيئن اسان جي هن ڏينهن ملهائڻ سان ڪنهن جي دل آزاري نه ٿئي ڪنهن به قسم جي سياسي نعريبازي نه ڪئي وڃي نه ئي ڪنهن مريض کي اسپتال وڃڻ يا اسپتال مان اچڻ دوران ڪا تڪليف ٿيڻ گهرجي ۽ نه ئي ڪنهن قانون جي ڀڃڪڙي ٿيڻ گهرجي. هي جشن صرف ان وقت ۾ ئي سنڌ جي عوام کي ڪاميابي ڏئي سگهي ٿو، جڏهن سنڌ جو عوام هن کي پنهنجي قومي شعور جي علامت طور ملهائيندو رهندو ۽ پنهنجي ثقافت کي پرامن طريقي دنيا اڳيان پيش ڪندو. سنڌ حڪومت جيڪڏهن محرم جي مهيني ۾ 10 ڏينهن مڪمل انتظامن جي رٿا بندي ڪري سگهي ٿي ته سال ۾ ڪراچي سوڌو وڏن شهرن ۾ ان ڏينهن کي ملهائڻ لاءِ به رٿابندي ڪرڻ گهرجي.