آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽ مسلسل نئين مٿانهين کي ڇهندي پئي وڃي. بٽ ڪوائن جي قيمت به پنهنجي نهايت مٿانهين سطح جي ويجهو آهي ۽ سون جي قيمت ته تاريخي بلند ترين سطح تي پهچي چڪي آهي. مالياتي سرمائي ۾ سرمائيڪاري ڪرڻ وارا ادارا (بينڪون، انشورنس ڪمپنيون، پينشن فنڊز، هيج فنڊز وغيره) غير معمولي طور تي اميد ڀريا ۽ مالياتي منڊين جي حوالي سان پراعتماد آهن. صرف 2025ع ۾ هينئر تائين آمريڪي اسٽاڪس ۾ ٿيڻ وارن 80 سيڪڙو واڌارن جو سبب اي آءِ يعني مصنوعي ذهانت جون ڪمپنيون آهن. ان سان نه صرف آمريڪي معاشي واڌ کي سهارو ملي رهيو آهي، بلڪه ان ۾ واڌارو به ٿي رهيو آهي. ڇو ته اي آءِ جي بدولت وڌندڙ آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽ سڄي دنيا کان ناڻو ڇڪي رهي آهي. صرف 2025ع جي ڀيٽ ۾ 290 ارب ڊالر جي رڪارڊ سرمائيڪاري ڪئي ۽ هينئر اهي اٽڪل آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽ جي 80 سيڪڙو جا مالڪ آهن، جيڪو ٻي عالم جنگ کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ انگ آهي. اي آءِ ۾ سرمائيڪاري جو بوڻيو (bubble) جنهن کي ڪنهن ڪمپني جي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ قيمت ۽ ان جي “بڪ ويليو” يعني کاتن ۾ موجود قيمت جي تناسب سان ماپيو وڃي ٿو. سن 2000ع جي ڊاٽ ڪام چريائپ کان 17 ڀيرا ۽ 2007 جي سب پرائم مارگيج bubble کان چار ڀيرا وڌيڪ وڏو آهي. آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽ جي ماليت ۽ جي ڊي پي جي تناسب جو انڊيڪس (جنهن کي Buffet Indicator سڏيو وڃي ٿو). 227 سيڪڙو جي بلند ترين سطح تائين پهچي چڪو آهي ۽ صرف ڪارپوريٽ شيئرز ئي تيزيءَ سان نه وڌي رهيا آهن۔ آمريڪي ڪارپوريشنون خاص طور تي وڏين ٽيڪ ۽ اي آءِ ڪمپنين جا قرض هولڊ ڪرڻ (يعني انهن کي قرض ڏيڻ يا اڳ کان ڏنل قرض خريدڻ) جي به بي پناھ گهرج آهي. ڪارپوريٽ بانڊز جي وچ ۾ فرق گهٽجي ڪري هڪ سيڪڙو کان به گهٽ رهجي ويو آهي. ائين چئجي ته سمورا انڊا هڪ ئي ٽوڪري ۾ رکيا ويا آهن. اي آءِ سرمائيڪارن جو خيال آهي ته نيٺ اي آءِ جي محبت واري پيداوريت (Productivity) ۾ ڊرامائي واڌاري جي وسيلي ڪمپنين ۾ زبردست واڌارو ڪندي ۽ ائين اسٽاڪ ۽ قرضن تي بي پناھ نفعو ڏيندي، پر دلچسپ ڳالھ اها آهي ته اي آءِ ڊيٽا سينٽر ۽ انفرااسرڪچر ۾ ٿيڻ واري ڳري سرمائيڪاري في الحال آمريڪي معيشت کي سهارو ڏنو آهي.