اين آءِ سي وي ڊي جون ٻه خدمتون عام مريضن لاءِ بند
اين آءِ سي وي ڊي پنهنجين ٻن خدمتن کي ايمرجنسي ۽ وسوارن لاءِ محدود ڪري ڇڏيو آهي. خبر مطابق چيو ويو آهي ته اين آءِ سي وي ڊي جون ٻه اهم خدمتون اينجيو پلاسٽي ۽ اينجيو گرافي پهرين هر مريض لاءِ عام هيون پر هاڻي انهن کي نازڪ حالت وارن مريضن ۽ بااثر مريضن لاءِ محدود ڪيو ويو آهي. پهرين اهي خدمتون او پي ڊي ۾ ايندڙ مريضن کي به ڏنيون ڏنيون وينديون هيون. خبر موجب چيو پيو وڃي ته اينجيو گرافي ۾ هڪ خاص لڪوڊ استعمال ٿيندو آهي جنهن جي مهانگي ٿيڻ سبب اهي خدمتون محدود ڪيون ويون آهن. واضح رهي ته اين آءِ سي وي ڊي جي شروع ٿيڻ سان ئي اهي خدمتون مفت ۾ مهيا ڪيون پئي ويون، جنهن ڪري ان خاص لڪوڊ جي گهٽتائي ٿي وئي. ايندڙ وقت ۾ فنڊ جي گهرج پوري ٿيڻ کانپوءِ انهن خدمتن کي ٻيهر بحال ڪيو ويندو. واضح رهي ته اهو لڪوڊ اهڙي دوا آهي جيڪا اينجيو گرافي کان انجيڪشن ذريعي مريض جي رت ۾ پهچائي ويندي آهي جنهن سان جسم جي اندر هلندڙ رت ايڪسري ذريعي صاف نظر ايندو آهي. (پي ايم اي) پاڪستان ميڊيڪل ايسوسئيشن پاران چيو ويو آهي ته اين آءِ سي وي ڊي جو اهو عمل ساراهه جوڳو آهي جو هن اينجيو پلاسٽي جي خدمت مفت ۾ فراهم ڪئي هئي پر ان کي هاڻي بند نه ٿيڻ گهرجي. اسان جي ملڪ ۾ دل جي مريضن جو هڪ وڏو انگ موجود آهي جنهن کي ڏسندي هن خدمت کي ٻيهر شروع ڪيو وڃي.