ڪريڊٽ ڪارڊ جو دور ختم هاڻي چهرو ڏيکاري پئمينٽ ڪئي ويندي

چين جي ماهرن هڪ اهڙو نظام تيار ڪيو آهي جنهن ذريعي شاپنگ مال ۾ خريداري بعد ڪريڊٽ ڪارڊ يا ڪيش جي ضرورت نه رهي آهي هاڻي ڪوبه خريدار هڪ خاص مشين آڏو ڪجهه سيڪنڊن تائين بيهي چهري کي اسڪين ڪرائي پئمينٽ ڪري سگهي ٿو. هن نئين نظام تحت پهرين صارف جي چهري جي تصوير ٺاهي ان کي سرڪاري ڊيٽا بيس ۾ موڪليو وڃي ٿو جتان ان جي بينڪ اڪائونٽ تائين پهچ به ممڪن ٿي سگهي ٿي. جتان تصديق بعد صارف جي اڪائونٽ مان رقم دڪان يا شاپنگ مال جي اڪائونٽ ۾ منتقل ٿي سگهي ٿي. هن سڄي عمل ۾ صرف ڪجهه سيڪنڊ ئي لڳن ٿا ۽ ان ۾ غلطي جي گنجائش به نه آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *