بلاگنئون

افساني اندر افسانو!

هيءَ ڪهاڻي آهي پيٽر جي جنهن کي The Spider سڏين ٿا. هو ڪهاڻيون لکي ٻين ليکڪن کي پئسن عيوض ڏيندو هو. هو شناخت/سڃاڻپ جي بحران ۾ رهي ٿو، فرائيڊين نقطي مطابق هن جون تخليقي صلاحيتون هن جي جبلتن جو اظهار بڻجن ٿيون. هو نفسياتي مونجهارن جو شڪار آهي ۽ پنهنجي حقيقت کي لڪائي افسانا لکي ٿو. ٻيو ڪردار سرڪس ماسٽر جي ڌيءَ ماريا آهي. ماريا پيٽر جي زندگي ۾ اميد بڻجي اچي ٿي. ماريا حقيقي وجود آهي يا خود پيٽر جو جوڙيل ڪردار آهي اهو ناول جو تجسس وارو پاسو آهي. پيٽر کي هوءَ احساس ڏياري ٿي هو فقط ذهن ناهي، پر احساس به آهي. ماريا حقيقي وجود آهي؟ هوءَ تخيل، رنگ، جماليات ۽ آزاديءَ جي دنيا مان آيل محسوس ٿئي ٿي. ان حوالي سان ڏسجي پورو ناول نفسياتي پيچيدگين، وجوديت، غير روايتي پلاٽ تخيل ۽ حقيقت تي فلاسافيڪل انداز سان ناول لکيو ويو آهي. ماريا دراصل پيٽر جو ئي تخليقي ڪردار آهي، جنهن جي ذريعي هو پاڻ سان مخاطب ٿئي ٿو… پنهنجين خواهشن، خوفن ۽ انساني احساسن سان گفتگو ڪري ٿو.

حقيقت ۽ ڪهاڻي:

پيٽر جو ڪردار انتهائي پيچيده آهي، جيڪو حقيقت طور پاڻ کي سماجي شناخت ڏيڻ بدران افسانوي دنيا اندر لڪيل رهي ٿو. هو پاڻ کي خيالن ۽ ڪهاڻين جي اندر ڳولهي ٿو. اسين ڪردار ناهيون، پر انسان آهيون، تضادن سان ڀريل سماج جو حصو آهيون. پيٽر جي ڪردار جو فڪري پاسو ئي اهو آهي. غور ويچار ڪجي انسان حقيقت کي تشريح جي صورت ۾ قبول ڪري ٿو، ان ڪري ڏند ڪٿائي قصن کان هن وقت تائين ڪهاڻي جي اهميت باقاعده آهي. بقول آرندت جي “جتي ڪهاڻيون آزاد ناهن، اتي حقيقت به غلام بڻجي وڃي ٿي.” ڪهاڻي ڪهاڻي حقيقت جي شڪل تبديل ڪري سگهي ٿي. ڪهاڻي انساني شعور جو دفاعي نظام آهي. ڪهاڻيون حقيقت جي تشڪيل جو ڪم ڪن ٿيون. ڪهاڻيون روح جي ٻولي آهن. هر نسل پنهنجين ڪهاڻين ذريعي پاڻ کي نئين طريقي سان ڏسندو آهي. ڪهاڻيون انسان کي جذبي ۽ خيال جو مرڪز بڻائين ٿيون. حقيقت اڪثر بي حس ٿيندي آهي، پر ڪهاڻي ان کي احساس ۾ بدلائي ٿي.

افساني اندر افسانو:

ناول اندر پيٽر جي زندگي تخيل جي ڌنڌ ۾ لڪل آهي. حقيقتن ۾ سختيون، تلخيون آهن حقيقتن ۾ ڏک آهي ۽ افسانن ۾ آزادي. هو اهڙو افسانوي راوي آهي، جيڪو ٻين جي ڪاميابين جي پسمنظر ۾ بي آواز بيٺو آهي. پيٽر لفظن سان اهڙو رشتو رکي ٿو، جيڪو محبت جيان آهي. هو ڪهاڻين کي جنم ڏئي ٿو، پر انهن ڪهاڻين ۾ پاڻ کي دفن به ڪري ٿو. پيٽر جي سڃاڻپ اهڙي آهي، جيڪا وجوديت جي کوٽ جو نتيجو آهي. پيٽر نه صرف افسانا لکي ٿو، پر پاڻ کي افسانو بڻائي، پنهنجي سڃاڻپ جي مٽيءَ ۾ دفن ڪري ڇڏي ٿو. ماريا ان افسانوي دنيا اندر زلزلو آڻي ٿي جتي حقيقت ۽ افساني ۾ رهڻ تي پڙهندڙ کي ڪيترائي سوال ذهن ۾ اچن ٿا. هو تخليقڪار آهي ۽ اها تخليق ئي هن کي قيد ڪري ٿي. ان دنيا ۾ زندگيءَ کي جيئڻ بدران لکيو وڃي ٿو ۽ پاڻ کي سمجهڻ بدران وساريو وڃي ٿو. پيٽر پاڻ کي افسانو بڻائي فريب جي هڪ اهڙي دنيا تخليق ڪري ٿو، جتي هو مڪمل ڪنٽرول ۾ آهي. تخليق سندس تڪليفن جو اظهار به آهي ۽ انهن کان ڀڄڻ جو ذريعو به.

فني پاسو:

ناول جي ڪهاڻي اندر ڪهاڻي آهي. ميٽافڪشن تحت ڪهاڻي ۽ حقيقت ڌنڌلي بڻيل آهي. ليکڪ جي ڊائلاگ جو انداز فلاسافيڪل آهي. هن ناول ۾ نفسياتي، آٽو فڪشن، وجوديت ۽ فلسفو آهي. ناول اندر داخلي تضاد آهن. ڪهاڻي جي حوالي سان هي ناول جديديت پڄاڻان جو مثال آهي، جتي ميٽا فڪشن، ميٽا نيريٽو، افساني سان ڇيڙ ڇاڙ(inescapability of one’s fictions) آهي. خيالن جي وهڪري جا ٽڪرا، داخلي مونولاگ ۾ لکيل آهي. هي ناول پڙهندڙ جي اميد خلاف غير روايتي آهي.