پروفائل-حيدر منزل

ادريس چانڊيو

پتو : 126، حيدر منزل، مسلم ڪالوني، سامهون نشتر پارڪ، ڪراچي، سنڌ.  

بنياد: 1933ع ۾، جمشيد مهتا ميئر ڪراچي جي خواهش تي ته سنڌ جي سياسي اڳواڻن جا گهر ڪراچي ۾ هئڻ گهرجن، جنهن کانپوءِ سائين جي ايم سيد، جيڪو ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ڪراچي جو صدر به رهي چڪو هو. تنهن سنڌ ڪوآپريٽو بئنڪ کان قرض وٺي حيدر منزل جي اڏاوت ڪرائي. جي ايم سيد هي گهر پنهنجي 16هين پڙ ڏاڏي سيد حيدر شاهه سنائي جي نالي سان منصوب ڪيو آهي.

سيد حيدر شاهه سنائي سنڌ جو اهو قومي هيرو آهي، جنهن ارغون دور کان اڳ مهدي جوڻ پوري (جنهن پاڻ کي نام نهاد امام مهدي سڏائڻ جو اعلان ڪيو هو) ان جا ٻيڙا سن ڀرسان سنڌو درياءَ ۾ ٻوڙايا، ڇو ته ان نام نهاد مهدي خلاف سنڌ جي مفڪر ۽ عالم مخدوم بلاول تحريڪ هلائي هئي. شاهه حيدر، مخدوم بلاول جو خاص عقيدتمند هو.

سنڌ جي پهرين سياسي پارٽي “سنڌ پيپلز پارٽي” جو بنياد 1934ع ۾ حيدر منزل تي وڌو ويو. سنڌ جي پهرين اڪثريت رکندڙ پارلياماني پارٽي سنڌ اتحاد پارٽي (SUP)  جي سياسي ۽ جمهوري سرگرمين جو پڻ لڳاتار مرڪز رهيو.

1937ع کان 1945ع تائين حيدر منزل سياسي مرڪز رهيو، جنهن دوران سنڌ ۾ چار صوبائي حڪومتون تبديل ٿيون.

1941ع ۾ هندستان جو ناليوارو سياسي اڳواڻ ابوالڪلام آزاد حيدر منزل تي آيو، جنهن سائين جي ايم سيد ۽ شهيد الهه بخش سومري وچ ۾ ٺاهه ڪرايو، جنهن جي نتيجي ۾ الهه بخش سومرو سنڌ جو ٻيهر وزيراعليٰ ٿيو.

سائين جي ايم سيد 1940ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن مسلم ليگ سنڌ جو صدر ٿيو، ان دوران آل انڊيا مسلم ليگ جو صدر ۽ پاڪستان جو باني محمد علي جناح حيدر منزل تي آيو.

عوامي ليگ جو سربراهه ۽ بنگلاديش جو باني شيخ مجيب الرحمان 1969ع ۾ پهريون ڀيرو حيدر منزل تي آيو.

خدائي خدمتگار خان غفار خان (باچا خان)، شهيد الهه بخش سومرو، غوث بخش بزنجو، عطاءُ الله خان مينگل، حيدر بخش جتوئي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، ميران محمد شاهه، سرشاهنواز ڀٽو، ذوالفقار علي ڀٽو، پير پاڳارو (شاهه مردان

شاهه ثاني)، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، الطاف حسين، شيخ اياز، ممتاز علي ڀٽو، بيگم نسيم ولي خان، آفاق احمد،

عبدالحميد جتوئي، ڄام صادق ۽ ٻيا ڪيترائي سياسي اڳواڻ حيدر منزل تي آيا ۽ سياسي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيا.

هزارين سياسي ڪارڪنن لاءِ حيدر منزل نظرياتي اتساهه جو سبب بڻي ۽ سنڌي سماج جي اندر موجود اديبن، شاعرن، مصورن، فنڪارن ۽ صحافين لاءِ قومي ٻڌيءَ جو مرڪز رهيو.

هن وقت حيدر منزل ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (SUP)  جي مرڪزي سيڪريٽريٽ قائم آهي.

حيدر منزل ڪيترن ئي تحريڪن جو مرڪز رهي، جنهن ۾

سنڌ جي بمبئي کان آزادي جي تحريڪ

ڪراچي جي مرڪز کان واپسي جي تحريڪ

ون يونٽ مخالف تحريڪ

سنڌ قومي اتحاد جي تحريڪ

آدمشماري سجاڳي مهم

ٻٽي بلدياتي نظام خلاف تحريڪ.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *