ماڻھو هميشه پنھنجي ڪردار سان ياد رهندو آھي، زندگي ڪيترن ئي سھڻن ڪردارن سان ڀريل هجي ٿي، پر ڪجهه ڪردار اهڙا هوندا آهن جيڪي هڪ لمحي لاءِ ملندا آهن ۽ صدين تائين ياد رهندا آهن. انهن ڪردارن جي خوشبوءِ گلاب جي تازن گلن جيان ماحول معطر ڪري ڇڏيندي آهي، اهي گل جيستائين ٽاريءَ ۾ هوندا آهن، تيستائين ڏسندڙ جي روح کي قرار ڏيئي موهي وجهندا آهن ۽ سندس اکين کي راحت رسائي دل کي سڪون بخشيندا آهن، اهڙو ئي هڪ سھڻو ڪردار ۽ محبت جي علامت بڻيل ماڻهو مٺياڻي واسي منظور ملڪ هو جيڪو 20 نومبر 2024ع تي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. سندس جنم پهرين آگسٽ 1970ع تي ملڪ محله مٺياڻي ضلعو نوشهروفيروز ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو لونگ خان هو پاڻ ٽائون ڪاميٽي مٺياڻيءَ ۾ ملازم هجڻ سان گڏ صحافت جي شعبي ۾ پڻ پنهنجو نالو ڪمايائين. ڇوته صحافت هڪ اهڙو شعبو آهي جنهن ۾ هر قسم جي ماڻهوءَ سان نه رڳو ميل جول ٿئي ٿي، پر اهو هر ماڻهوءَ جو آواز بڻجي وڃي ٿو. هڪ سادو ۽ مسڪين طبيعت جو مالڪ منظور ملڪ به هر مظلوم جو آواز بڻيل رهيو. هن مظلوم لاءِ ڪابه حد نه رکي. سڄي سنڌ جي مظلومن ۽ مسڪينن جون خبرون پنهنجي مليل اسٽيشن تان مفت ۾ هلائيندو هو. جڏهن به اخبارن يا چينلز جي نمائندگيءَ جو ڪو اشتهار ايندو هو ته فوري طور مون سان رابطو ڪري چوندو هو. سهڻا ڳالهائين ته نمائندگي وٺان، پر مفت ۾ خبرون موڪليندس، باقي منٿلي يا سالانه فيس نه ڏئي سگهندس. صحافت سان سندس عشق انتها درجي جو هو ڇوته سندس صحافت جو آغاز به ڏکين حالتن ۾ ٿيو هو جو سندس ٻه ڀائر ڌاڙيلن بنا ڏوهه جي شهيد ڪيا ۽ ڪوبه سندن مظلوميت تي سندس ڀرجهلو نه ٿيو ۽ مجبوريءَ ۾ پاڻ هاڪر کان وٺي صحافت جو ڊگهو سفر شروع ڪيو ۽ مظلومن جو آواز بڻجي اعليٰ ايوانن تائين گونجندو رهيو. پاڻ ڪيتري ئي عرصي کان دم ۽ سهڪي جو مريض هوندو هو. اڪثر کيس سول اسپتال نوشهروفيروز مان دوائون وٺي ڏيندو هو، هر آفيسر کيس عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو ڇوته پاڻ کي ڪنهن جي خلاف به خبرون نه هلائيندو هو. مون سان اڪثر ڪچهريون ڪندي چوندو هو ته سڄو مال سياستدان کائي چٽ ڪري ڇڏين ٿا. هي ننڍا آفيسر به مال انهن سياستدانن تائين پهچائين ٿا. انهن خلاف خبرون هلائڻ مان ڇا ملندو. اسان سياستدانن تائين ڪڏهن پهچي ڪين سگهنداسين. هي آفيسر رڳو اسان جهڙن مسڪينن جا ننڍا ننڍا ڪم ڪندا ته اسان لاءِ وڏي نعمت هوندي. هو بي لوث خدمت ڪندڙ ۽ بنا لالچ جي ڪم ايندڙ انسان هو هن صحافت جي شعبي ۾ عزتون ماڻيون. مون کي ياد آهي ته هن ڪجهه اخبارن ۾ منهنجا مضمون موڪليا ۽ کين چيو ته هي منهنجو ڪالم نويس دوست ۽ سماجي اڳواڻ آهي، ان جي بدولت مان صحافي آهيان. مهرباني ڪري هن جا مضمون شايع ڪندا ڪيو. ڪجهه ڏينهن انهن جو انتظار ڪيائين، پر انهن مضمون شايع نه ڪيا، تنهن کانپوءِ پاڻ سندس اخبارن جي نمائندگي ڇڏي ڏنائين، مون کيس چيو ته چريا نمائندگي ڇو ڇڏيئي؟ جواب ۾ چيائين جڏهن توهان جا مضمون شايع نه ٿا ڪن ته پوءِ ان اخبار ۾ ڪم ڇو ڪريان. مون کيس سمجهايو ته نمائندگي ۽ ڪالم نويسي الڳ الڳ ڪم آهي. چيائين بس منهنجي دل انهن سان ڪم ڪرڻ تي نه چيو. مطلب ته پاڻ دوستن کي عزتون ڏيڻ ۽ ڏيارڻ وارو املهه انسان هو، جنهن جي جيتري به تعريف ڪجي سا گهٽ آهي. سچ اهو آهي ته منظور ملڪ جهڙي مخلص ۽ سادي ماڻهوءَ جو خال هن زندگي ۾ ڪڏهن به ڀرجي نٿو سگهي، واقعي اھو سچ آھي ته زندگي خوبصورت مخلص ۽ پيارا ماڻهو ڏيندي آھي، ۽ اُهي خوبصورت، سھڻا ۽ کلڻا انسان زندگي کي جنت بڻائي ڇڏيندا آھن، اهڙي طرح زندگيءَ جو بھترين ماڻهو جو وڇوڙو جيءَ جھوري وجهندو آهي، منظور جهڙو مٺڙو ماڻهو اسان کان وڇڙي هميشه لاءِ اداس ڪري ويو آهي. سچ پچ منظور دوستن توڙي رشتيدارن سان ھر مشڪل گھڙي ۾ سھارو بڻجي رھيو. ماکيءَ جهڙي مٺي مٺياڻيءَ ۾ جڏهن سندس ڪلهي ڪانڌي ٿي جنازه نماز پڙهيم ته دوستن توڙي رشتيدارن جون اکيون آليون ڏسڻ ۾ آيون ۽ هر ڪو اهو چئي رهيو هو ته مٺياڻي محبتي ماڻهوءَ کان خالي ٿي ويئي آھي. منظور محبتي مزاج مٺڙي طبيعت ۽ هر دل عزيز شخصيت جو مالڪ هئڻ سان گڏ هڪ سادگي پسند انسان هو. هو هميشه اسانجي دلين ۾ زنده رهندو. منظور هڪ صابرين ۽ وڏي برداشت وارو مخلص انسان هو. باقي هر انسان ۾ ڪيتريون ٻيون به ڪوتاهيون ٿي سگهن ٿيون. جيڪي انسان جي ذاتي زندگيءَ جو حصو هونديون آهن، پر هو نوڪريءَ توڙي صحافت جو سچو انسان هو ۽ ٻنهي شعبن سان آخري دم تائين ساٿ نڀايائين سندس سچائيءَ سان ڪيل خدمت جي ڪري ماڻهو کيس ضرور ياد ڪندا رهندا. ساهتي پرڳڻي جي هن کري ۽ سچي انسان کان اڄ محروم ٿي ويا آهيون. جنهن پنهنجي سڄي حياتي مظلوم انسانن جي خدمت ڪندي گذاري ڇڏي.