ڪجهه ڏينهن پهرين بلاول ڀٽو زرداري بلاول هائوس ڪراچي ۾ سنڌ جي صحافين سان ڳالهائيندي وفاق جي سرڪار سان سخت احتجاج ڪيو هو، جنهن ۾ هن چيو هو ته پي ايس ڊي پي ۾ سنڌ کي نظرانداز ڪيو ويو آهي ۽ پيپلز پارٽي جي مشوري بنا وفاقي سرڪار ترقياتي منصوبا منظور ڪيا آهن، جن ۾ سنڌ کي پنهنجو حصو نه ملي سگهيو آهي ۽ سنڌ صوبي کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. سندس ڳالهه بلڪل صحيح نڪتي آهي، جڏهن پي ايس ڊي پي طرفان انگ اکر اخبارن ذريعي ظاهر ٿيا آهن.
انهن انگن اکرن سنڌ جي عوام جون اکيون کولي ڇڏيون آهن ۽ وفاق جي ٻه اکيائي واضح ٿي چڪي آهي، خبر ناهي ڇو؟ جڏهن وفاق ۾ نون ليگ جي سرڪار ايندي آهي ته سندس ترقياتي ترجيحن ۾ سواءِ پنجاب جي ڪوبه صوبو شامل نه هوندو آهي. خاص طور تي سنڌ کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي. جاري ڪيل انگ اکر انهيءَ شئي جي ثابتي ڏين ٿا ته نئين مالي سال جي 5 مهينن گذرڻ دوران وفاق طرفان سنڌ کي 77 ارب رپيا ترقياتي ڪمن جي لاءِ جاري ٿيڻا هئا. جن مان صرف 2 ارب رپيا جاري ڪيا ويا آهن. انهيءَ مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اهي منصوبا ايندڙ 20 سالن ۾ به مڪمل نه ٿيندا. ٻوڏ متاثرن جي لاءِ وزيراعظم جي پروگرام ۾مخصوص ڪيل 30 ارب رپين مان هڪ رپيو به جاري نه ڪيو ويو آهي. ٻوڏ دوران متاثر ٿيل تقريبن 850 اسڪولن لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا هئا. جنهن مان پڻ 1 رپيو نه ملي سگهيو آهي. حيدرآباد ۽ ڪراچي پيڪيج ۾ 1 رپيو نه آيو آهي. گرين پاڪستان پروگرام جي منصوبي ۾ 21 ارب جو آسرو ڏنو ويو هو، جنهن ۾ پڻ سنڌ کي ڪجهه نه مليو آهي. حيدرآباد شهر جي گندي پاڻي جي صفائي وارن پلانٽس لاءِ پئسا نه مليا آهن. درياءِ سنڌ کي زهريلي پاڻي کان بچائڻ لاءِ هلندڙ آر بي او ڊي منصوبو 23 سالن کان رولڙي جو شڪار آهي، هن وقت به ان ۾ صرف 10 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا آهن ۽ اهڙا ڪيترائي منصوبا جيڪي فنڊ نه ملڻ جي ڪري رولڙي جو شڪار آهن. اها آهي وفاقي سرڪار جي سنڌ جي ترقيءَ لاءِ “ڪوشش”. سنڌ جون ترقياتي حالتون، انفرااسٽرڪچر، امن امان، روزگار، صحت ۽ تعليم جون بدتر حالتون ان ڳالهه جون متقاضي آهن ته سنڌ 2 سال پهرين برساتي ٻوڏ جي آيل قدرتي آفت ۾ تباهي جو شڪار ٿي ۽ کيس ترقياتي ڪمن جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي فنڊن جي ضرورت آهي، پر هتي ابتو چرخو هلي پيو. بجاءِ وڌيڪ فنڊ ملڻ جي مليل فنڊن کي به جاري نه ٿو ڪيو وڃي ۽ جڏهن سال پورو ٿيندو ته مشڪل سان 20 سيڪڙو فنڊ جاري ٿيا هوندا، ان مان 10 سيڪڙو خرچ ٿيا هوندا. هاڻي تصور ڪريون ته 10 سيڪڙو ڪم ٿيڻ سان ڪهڙو منصوبو مڪمل ٿيندو ۽ سنڌ جي ترقي نظر ايندي!. اسان سوال ٿا پڇون ته ڇا ان ۾ صرف وفاقي سرڪار جو ڏوهه آهي، نون ليگ جو ڏوهه آهي يا پيپلز پارٽي به ان ۾ شامل آهي ڇو ته پيپلز پارٽي جو ووٽ بئنڪ سنڌ ۾ آهي، انهيءَ ووٽ بئنڪ جي آڌار تي ايم اين اي چونڊجي نون ليگ سان اتحاد بڻائي ويٺا آهن ۽ پيپلز پارٽي جي ايم اين ايز جي ووٽن تي نون ليگ وفاق ۾ سرڪار هلائي رهي آهي ته پوءِ پيپلز پارٽي صرف دانهون ڪندي يا عملي ڪم ڪندي وفاقي سرڪار کي واضح ڪندي ته سنڌ کي منظور ٿيل منصوبن جي لاءِ رقم جي فراهمي بنا دير جي ڪريو. ٻي صورت ۾ اسان اوهان سان اتحاد ۾ نه ويهنداسين. پوءِ ڏسون ٿا ته وفاقي سرڪار ڪيئن ٿي ترقياتي ڪمن ۾ ٻه اکيائي ڪري؟. باقي صرف ميڊيا جي اڳيان دانهون ڪرڻ سان توهان سمجهو ٿا توهان پنهنجو حق ادا ڪيو آهي، ته توهان غلط سمجهيو آهي. هڪ طرف سنڌ جون اهي حالتون آهن، ٻئي طرف خبر آئي آهي ته وزير اعليٰ سنڌ “سخاوت” جو اعلان ڪندي سنڌ صوبي جي خرچ تي گلگت بلتستان اندر صحت جو هڪ وڏو منصوبو اين آئي سي وي ڊي جي صورت ۾ شروع ڪري رهيو آهي. انهيءَ منافقي کي ڪهڙو نالو ڏجي ؟ پنهنجو گهر ٺيڪ نه ٿيو آهي ۽ هليا آهيون ٻين علائقن کي ترقي ڏيارڻ.
اسان جو پرزور مطالبو آهي ته سنڌ جي عوام جو پئسو سنڌ جي عوام تي خرچ ٿئي، ڇو ته سنڌ جو عوام هر قسم جي شعبي ۾ پوئتي پيل آهي. بجاءِ سندس ٽيڪسن جو پئسو ڪوڙي نالي ڪمائڻ جي لاءِ ٻين علائقن ۾ خرچ ڪيو وڃي. انتهائي نامناسب آهي، جيڪڏهن اهڙي سوچ سنڌ سرڪار وٽ آهي ته انهيءَ کي هڪدم روڪي ۽ اهڙن منصوبن جو اعلان نه ڪري، سنڌ جو عوام چاهي ٿو ته سندس محنت سان حاصل ٿيل ٽيڪس ان جي مٿان ايمانداريءَ سان خرچ ڪيو وڃي.