وفاقي حڪومت پاران سنڌو درياءَ تي بيراج ٺاهڻ جو اعلان

وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت سان ملي ڪري سنڌو درياءَ تي بيراج ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن بابت سنڌ حڪومت سان ڳالهائڻ لاءِ آبي وسيلن واري وفاقي وزير فيصل واوڊا سميت واپڊا جي چيئرمين مزمل حسين سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بيراج جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي واپڊا جي چيئرمين ٻڌايو ته سمنڊ کان 45 ڪلو ميٽر پهرين هڪ بيراج ٺاهيو ويندو. بيراج جي ٻنهي طرفن کان ٻه نهرون به ڪڍيون وينديون، هڪ نهر رائيٽ بينڪ کان گهوڙاٻاري کان ويندي گهارو تائين هوندي جڏهن ته ٻي سجاول کان گولاڙچي تائين تعمير ڪئي ويندي. هن بيراج جي تعمير سان ٻه کان ٽي ايم ايف پاڻي علائقي ۾ موجود رهندو. منصوبي تي ڪم 2021 کان شروع ٿيندو. هي بيراج 12 ڪلو ميٽر اوچو هوندو جنهن ۾ 160 ڪلو ميٽر بارش جو پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش هوندي. هن بيراج مان نڪرندڙ پاڻي نه صرف زمينون آباد ڪندو پر اهو زمين کي به مٺو بڻائيندو. ملاقات کانپوءِ فيصل واوڊا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن بيراج تي 100 کان 125 ارب رپيا خرچ ايندو. عمران خان کي ڪريڊٽ نٿو گهرجي عمران خان مسئلا حل ڪرائڻ گهري ٿو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *